زاهد سومرو
سينيئر رڪن
گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جو تعارف

اصل نالو: غلام حيدر ڪلهوڙو
مشهور نالو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
والد صاحب جو نالو: پير بخش ڪلهوڙو
جنم جي تاريخ: 24 آڪٽوبر 1971ع
جنم جو هنڌ: پاٽ شريف ضلع دادو
تعليم: بي اي پاس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
پيشو: پرائمري استاد
سڃاڻپ: اديب، صحافي، سماجي ورڪر ۽ ڊرامه آرٽسٽ
شادي جي تاريخ: 2 مئي 1990ع
اولاد: 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون
مختلف تنظيمن سان وابستگي، 1998ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو باني سيڪريٽري، سندس ادب ۾ استاد ڊاڪٽر حبيب الله صديقي آهي.
صحافت جي شروعات، 1997ع کان ريڊيو پبليڪشن جي نمائندي طور ڪئي ۽ ان کانپوءِ روشن دنيا، اسٽار يار شوبز، فلم اسپيشل مئگزين، فرض اردو اخبار، رفتا، سرهاڻ پبليڪشن، ڪوهستان اخبار، الک، پاڪ، سنڌو ڊائجسٽ، هالار ڊائجسٽ، تعليمي دنيا ۽ سنڌ جي مشهور اخبار عوامي آواز جو رپوٽر آهي صحافت ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ وزير منگي سندس استاد آهن. سندس بيشمار مضمون، خبرون ۽ ٻيون رپوٽون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون.
سماجي تنظيمن سان وابستگي. شهر اتحاد، سگا، الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر ۽ انهن تنظيمن جو عهديدار پڻ آهي، تمام جاکوڙي انسان آهي ڏکئي وقت ۾ ٻين جي ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي سندس اهي سماجي خدمتون جاري آهن.
فني حوالي سان پاڻ هڪ بهترين ادڪار پڻ آهي فن اداڪاري ۾ سيد آصف شاهه، انور شاد ۽ دادا غني سولنگي سندس استاد آهن. هن 1989ع کان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم شروع ڪيو. سندس مشهور ڊراما هي آهن، ضديرو، زال ڪري ٿي تال، سنڌ جا پٽ، دل خدا جو گهر، محبت زنده آباد ٻيا ڊرامه ۽ ويڊيو فلمون مشهور آهن. هن سنڌ جي نامور آرٽسٽن، منان عباسي، نثار شاهه، ممتاز جروار، آصف شاهه، ايم اڪرم سومرو، ايم بچل ڪلهوڙو، جي ايڇ ڏيپر، رشيد چارڻ، مسرت ناز، خوشبو سنڌي، نسرين ڀٽي، ۽ ٻين سان گڏ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي پاڻ 50 کان مٿي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. جنهن م مختلف رول ڪيا اٿس پيشي جي لحاذ کان پاڻ ننڍپڻ ۾ درزڪو ڪم به سکيو ۽ پورهيو ڪري پاڻ پڙهائي جو خرچ به ڪندو رهيو.
3 جنوري 1990ع تي کيس پرائمري ٽيچر جي نوڪري ملي پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين نموني نڀائيندو پيو اچي تعليم کاتي پاران کيس محنتي استاد هئڻ جي سند پڻ مليل آهي. هن مختلف تنظيمن ۽ انهن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ پاڻ کي هميشه مصروف رکڻ کي ترجيح ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس بيشمار ايوارڊ مليل آهن. فن اداڪاري ۾ کيس ماروي آرٽ ڪلب ايوارڊ، سنڌ فنڪار تنظيم ايوارڊ مليل آهن صحافت ۾ کيس ريڊيو پبليڪشن، ريڊيو لسنر ايوارڊ، هالار ڊائجسٽ ايوارڊ، سنڌ جرنلسٽ فائونڊيشن ايوارڊ، مليل آهن. ادبي ۽ سماجي خدمتن تي کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ، عزت حبيب ٽرسٽ ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. گلزار ڪلهوڙو مختلف اسٽيج پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض به نڀائيندو رهيو آهي. کيس سنڌ جي مشهور شاعرن جي شاعري پڻ ياد آهي ۽ هن پاڻ به ڪجهه شاعري ڪئي آهي. پاڻ سنڌ جي مختلف اهم شخصيتن عابده پروين، شمن علي ميرالي، عرس اظهر، منظور سخيراڻي، مائي الهوسائي، راشد مورائي، الهنواز رڪڻائي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، احمد خان مدهوش ۽ ٻين جا انٽرويو ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت پاڻ چئن ڪتابن کي ترتيب ڏئي چڪو آهي ۽ پر اهي اڻ ڇپيل آهن. گلزار ڪلهوڙو جا ٽي پٽ اظهار علي، جنسار علي ۽ وقار علي پڻ ادب ۽ صحافت سان دلچسپي رکن ٿا. کيس پاٽ پراڻي جي تاريخي دڙو، شاعرن ۾ استاد بخاري ۽ مدهوش، فنڪارن ۾ عابده پروين ۽ مهدي حسن، کاڌي ۾ سبزي مڇي ۽ جوئر جي ماني، دوستن ۾ اسلم ملاح، ڪتابن ۾ جيڪو به پڙهڻ لاءِ ملي وڃي، رسالو شاهه جو رسالو، شخصيتن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بهترين لکيڪ فدا ڪلرائي، امر جليل ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڪمپئير نصير مرزا ۽ مهتاب اڪبر راشدي ۽ بخشڻ مهراڻوي پسند ۾ شامل اٿس..........