هر هڪ جي چاهت هر هڪ جي تمنا آهيان
هر عاشق جي دل ۾ مان عشق جي ڳولا آهيان
جيڪا جِيءَ کي جياري سا مند آهيان
مان سنڌ آهيان مان سنڌ آهيان (عاشق هالائي)
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ: جيئن ته ڪالهه 29 جولائي 2010ع بروز جمع سنڌ جي خوبصورت شاعر محترم عاشق هالائي جي ڪتاب “عاشق جو اظهار” جي مهورت سنڌ جي مشهور ممتاز آڊيٽوريم سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ڪئي وئي. جيئن ته مونکي انهيءَ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تقريبن ويهه ڏينهن پهرين محترم عاشق هالائي ، سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون جي ٿرو ڏياري موڪلي هُئي، سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت کان علاوه جيئن ته منهنجو به شاعريءَ سان عشق جي حد تائين تعلق رهيو آهي، ان ڪري دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته سنڌ جي هن شاعر جي ڪتاب جي مهورت ۾ ضرور شرڪت ڪندس، ۽ ان تقريب جو اکين ڏٺو احوال سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪندس، تصويري روپ ۾ وڊيو جي روپ ۾، دوستو جيئن ته هي خالص ادبي تقريب هُئي، شوبز جي به ڪافي تقريبن ۾ سنڌ سلامت پاران به شرڪت ڪئي آهي پر منهنجي زندگي جي ڪنهن به ڪتابي مهورت جي هي وڏي ۾ وڏي ادبي تقريب هُئي، هڪ ويل ڊسپلين ادبي تقريب هُئي، ڪافي سارا سنڌي ڏاها، جنهن ۾ محترم عنايت بلوچ، محترم سوز هالائي، محترم نصير مرزا، محترم ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، محترما شاهده پروين ابڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد، محترم زيب سنڌي، ان کان علاوه سنڌ جا ڪافي اديب ڪهاڻيڪار، ادب دوست، ۽ سنڌ جا ناميارا فنڪار، خانصاحب برڪت علي برڪت ، تعمير حسين ، سجاد يوسف ، ماسٽر نظير سمون، صنم ماروي جي ننڍي ڀيڻ ريشم ، ناميارو فنڪار ضامن علي، ناميارو فنڪار ٻالڪ سنڌي جي شرڪت به هن مهورت واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي رهي هُئي. مزي جهڙي ڳالهه حيدرآباد جي مشهور دولتاڻي فوٽو اسٽوڊيو جي مالڪ ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي پهريون ڀيرو هن تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏنا. هن رنگارنگي تقريب جو باقائده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت محترم عيساڻي صاحب حاصل ڪئي، ان کانپوء ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت ڪئي وئي جنهن ۾ اسٽيج تي ويٺل سڀني مهمانن گُلن جي پتين جي وچان مان ڪتاب ڪڍي ساري ويٺل عوام کي انهي ءُ ڪتاب جو درشن ڪرايو. سڀني ويٺل مهمانن تاڙيون وڄائي انهي مهورت واري خوبصورت تقريب تي پنهنجي پسندديدگيءَ جو اظهار ڪيو، ان کان پوءِ صدر ۽ خاص مهمانن کي اجرڪ جو تحفو پارايو ويو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندڙ ڊاڪٽر دليپ ڪُمار دولتاڻي مهمانن کي آجياڻو ڏيڻ لاءِ محفل جي مور ڪتاب عاشق جو اظهار جي ليکڪ عاشق هالائي کي ڊائس تي گهرايو، ته تقريب۾ شريڪ ٿيندڙن کوڙ ساريون تاڙيون وڄائي عاشق هالائي کي خراج تحسين پيش ڪيو. عاشق هالائي سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هُو ڪو وڏو شاعر ناهي، پر پنهنجي دل جا اُڌمان شاعري جي صورت ۾ گُذريل 30 سالن کان ڪڍندو اچي، هرڪو شاعر پنهنجي تخلص سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، هن مسلسل ڀوڳنائن جو سفر طئه ڪيو آهي، ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي ڏات کي ڏانءُ سان سجايان، ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان، اهو فيصلو توهان سڀني دوستن تي ڇڏيان ٿو ته ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پنهنجا ڪامينٽس لکت ۾ مونکي ڏياري موڪلين ته جيئن مان پنهنجي اڳئين ادبي سفر جي شروعات انهن جي خوبصورت راين جي آڌار تي ڪري سگهان. محترم عاشق هالائي وڌيڪ چيو ته سندس نالو ئي عاشق آهي، ۽ جيڪي عاشق هوندا آهن اهي سدائين ڪڏهن سوليءَ تي ته ڪڏهن سُهڻن جي دل ۾. شاعر ۽ عاشق جيڪڏهن ٻنهي جي ڪامبينيشن ڪامياب ٿي وڃي ته هو ماحول جي ڪايا پلٽ ڪري سگهن ٿا. محترم نصير مرز چيو ته محبتون ڏيڻ ۽ محبتون وٺڻ ته ڪو عاشق هالائي کان سکي، سنڌ جي هالا جي مٽي مردم خيز ڌرتي آهي، جنهن وڏا وڏا ادبي نالا سنڌ واسين کي ڏنا آهن، نصير مرزا وڌيڪ چيو ته عاشق هالائي کي الله سائين وڏي حياتي ڏي، جڏهن به سنڌ جي ڪتاب ڌڻين جو ذڪر ٿيندو ته انهيءَ لسٽ ۾ عاشق هالائي جو به ذڪر ضرور ٿيندو. نصير مرزا عاشق هالائي کي ڪتاب عاشق جو اظهار جي اهڙي ڪامياب مهورت تي کوڙ ساريون مُبارڪون ڏنيون. ان کان پوءِ سنڌ ڌرتي جي شاعر سوز هالائي ڪتاب عاشق جي اظهار تي ڳالهائيندي چيو ته عاشق هالائي سنڌ جي شهر پراڻا هالا سان تعلق رکي ٿو پاڻ سنڌي ميمڻ آهن، عاشق خوشنصيب آهي جو عاشق جي جڏهن شادي ٿي هُئي تڏهن ايترا ماڻهو شريڪ ڪونه ٿيا هُئا جيترا اڄ عاشق جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت جي موقعي تي عاشق کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿيا آهن. هُن چيو ته عاشق هالائي جو هي پهريون ڪتاب آهي ، اڃان شروعات آهي، اسان اميد ٿا ڪريون ته عاشق هن اڻانگي پيچرن واري سفر ۾ ڪافي سارا پند ۽ پيچرا طئه ڪندو پنهنجي منزل ماڻيندو.
عاشق هالائي جي شاعري ۽ عاشق هالائي جي شخصيت تي سنڌ جي مشهور ڊاڪٽر محترم هادي بخش چيو ته اسان ڊاڪٽر سدائين مريضن سان مٿو هڻندا آهيون سدائين اسپتال ۽ مريض سان لهه وچڙ رهي آهي پر اڄ عاشق هالائي جي ڪتاب جي هن مهورت ۾ شريڪ ٿي اسان هڪ حقيقي رنگ ڏٺو، ۽ ڪتاب عاشق جو اظهار پڙهي اهو اظهار ٿو ڪريان ته واقعي شاعر ماڻهن جي دلين جا ڊاڪٽر هوندا آهن، ماڻهن کي پيار ڏيڻ ته ڪو عاشق هالائي کان سکي. عاشق هالائي جا لکين ٿورا جو اسان کي هن عزت ڏني ۽ خاص مهمانن واري سيٽ تي ويهاريو.
هن مهورت جي تقريب جي صدارت ڪندڙ سنڌي ڏاهي محترم عنايت بلوچ چيو ته عاشق سدائين پيار ماڻي، مونکي فون ڪري چيائين ته اسان عاشق توهان معشوقن جو انتظار پيا ڪريو، عنايت بلوچ جي انهي ڳالهه تي ساري پنڊال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ماڻهن تاڙيون وڄائي محترم عنايت بلوچ کي داد ڏنو. عنايت بلوچ وڌيڪ چيو ته عاشق جي شاعري ۾ ترنم آهي، رڌم آهي، موسيقيت آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ڪتاب ۾ عاشق هالائي تمام آسان سليس سئولا سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪو عام سنڌي پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ڪٿي ڪٿي عاشق جي ڪلام ۾ دريا جي تک، سمنڊ جي جولاني، دنيا جي عاشقن جي عاشقي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو دل بي اختيار عاشق هالائي کي اهو چوڻو پئجي ٿو وڃي ته عاشق دور روان جو خوبصورت ترين شاعر آهي، عاشق جي شاعري م سندس نالي وانگر عاشقيءَ جون نيون راهون آهن. عاشق هالائي يارن جو يار، پنهنجا پيار سڀني مٿان نڇاور ڪرڻ وارو شخص آهي. ان کان پوءِ سڀني خاص مهمانن کي خوبصورت گُلن جي بُڪي ۽ ڪتاب عاشق جو اظهار اعزاز طور ڏنا ويا، انهي بُڪي ۽ ڪتاب حاصل ڪرڻ وارن ۾ ۾ توهان جو هي جهونو نثار ناز بحيثيت سنڌ سلامت جي ڪارڪن پنجين نمبر تي هو. جيئن ته هن مهورت واري تقريب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو، پهريون سيشن ڪتاب عاشق جو اظهار تي ڳالهائڻ جو هو جڏهن ته ٻيو پورشن محفل موسيقي لاءَ مخصوص هو، انهي دوران ڊنر پڻ شريڪ ٿيندڙن کي کارايو ويو. گيت ڳائڻ وارن ۾ سڀ کان پهرين صنم ماروي جي ڀيڻ ريشم عاشق هالائي جو گيت ڳائي محفل موسيقي جي پورشن جو افتتاح ڪيو، مون پهريون دفعو صنم ماروي جي ڀيڻ ريشم کي گيت ڳائيندي ڏٺو ريشم به پنهنجي ڀيڻ صنم ماروي وانگر تمام گهڻي سُريلي فنڪاره آهي، ان کان پوءِ استاد وحيد علي مرحوم جي فرزند اقرار وحيد علي کي گيت ڳائڻ لاءِ گهرايو ويو. ان به لاجواب گيت ڳائي ساري محفل کي گرمائي ڇڏيو. اهڙي طرح سنڌ جي مشهور فنڪار تعمير حسين به هن تقريب ۾ پنهنجا گيت ڳاتا، ۽ ساري پنڊال کي جهومائي ڇڏيو. ان کان پوءِ تمام خوبصورت فنڪار ماسٽر نظير سمون کي گهرايو ماسٽر نظير جي آواز ۾ ته بلا جو جادو هو، هن کي پهريون دفعو ٻڌو هو، پر دل جا تار ڇيڙي ڇڏيائين، ان کان پوءِ ننڍي وهي ۾ پنهنجو نالو مڃائڻ واري ضامن علي کي گهرايو جنهن استاد بخاري جو مشهور گيت عشق هو دوکو ها يا دلبو هو ڳائي هڪڙو سماع ٻڌي ڇڏيو. سامعين بي اختيار تاڙيون وڄائي ۽ نقد انعام جي صورت ۾ ضامن علي جي همت افزائي ڪئي. ان کان پوءِ سنڌ جي سُريلي فنڪار ٻالڪ سنڌي کي به پنهنجا گيت ٻُڌائڻ جو موقعو ڏنو.جنهن پنهنجي سُرن کي وکيري ساري محفل ۾ سرهاڻ پکيڙي ڇڏي. آ آخر ۾ سنڌ جي خانصاحب ڳائڻي استاد برڪت علي برڪت کي گهرايو ويو جنهن سڀ کان پهرين عاشق هالائي جو گيت “ڪيڏو سادو آهيان ” ڳائي پنهنجا سُر عاشق هالائي مٿان وکيريا، اهڙي طرح استاد برڪت علي پنهنجا مشهور گيت تون منهنجو جنم آهين مان تنهنجو جنم آهيان ، تون منهنجو صنم آهين مان تنهنجو صنم آهيان، شام جو هي پهر نان ءَ اسان جي ڪريو، استاد بخاري جا ڪافي سارا خوبصورت گيت ڳائي ساري محفل موسيقي واري نشست پنهنجي نان ءُ ڪرائي ڇڏي. اهڙي طرح هي مهورت واري رنگا رنگ تقريب تقريبن رات جي اڍائي وڳي اختتام پذير ٿي. هن سموري رنگا رنگ تقريب جون تصويرون اسان جي محنتي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ڪڍيون آهن عبدالغفور سمون جون سنڌي سلامت لا ڪيل هي محنتون انتهائي ساراهه جوڳيون آهن
هاڻي پيش آهن انهي رنگا رنگي تقريب جون تصويري جهلڪيون
ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي اسٽيج تي لڳل ڪتاب جي عاشق جو اظهار جو وڏو بينر آويزان هو
اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ادا ڪندڙ ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي ۽ سنڌ فرينڊز فورم جو سرواڻ ڊسڪس ڪندي
عاشق هالائي جو هڪڙو انداز
محترم نصير مرزا عاشق هالائي جي شاعري تي پنهنجو اظهار خيال ڪري رهيو آهي
سنڌ جو مشهور ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ۽ ميڊم شاهده پروين ابڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد اسٽيج تي عاشق هالائي جي ڪتاب جي باري ۾ ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهن
پروفيسر ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي ۽ محترما شاهده پروين ابڙو جا ٻه خوبصورت انداز
توهان جي جهوني نثارناز کي به انتهائي محبتن سان گُلن جي بُڪي ۽ ڪتاب عاشق جو اظهار جو تحفو ڏنو ويو، توهان دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته ڪالهه 29 آڪٽوبر هُئي ان ڏينهن تي منهنجي شادي جي ايڪٽيهين 31 سالگره ٿي هُئي انهي ڏينهن مان پنهنجي ماسات سڳوري سان لانئون لڌيون هيون، مزي جهڙي ڳالهه ته جڏهن مونکي اسٽيج تي گهرائي گُلن جي بُڪي ۽ ڪتاب جو تحفو ڏنو پيو ويو ته مونکي 29 آڪٽوبر پنهنجي شادي جو ڏينهن ياد آيو قدرتي طور تي مونکي گُلن جو تحفو به مليو ۔ مونکي اهي تحفا محترم عاشق هالائي ڏئي رهيو آهي جڏهن ته پاسي ۾ محترم عنايت بلوچ صاحب جن به بيٺا آهن
جواب: عاشق هالائي جي ڪتاب “ عاشق جو اظهار” واري مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت
تمام بهترين .....
سائين وڏي عرصي کان انهيءَ انتظار ۾ هئاسين ته ڪنهن ادبي محفل جو حال احوال سنڌ سلامت جي زينت بڻجي. عاشق هالائي جي ڪتاب جي مهورت جي تقريب جو حال احوال تصويرن سميت ونڊي اوهان اسان جي سڪ لاهي ڇڏي.... اوهان جي محنت ۽ جستجو کي سلام آهي..
شاعر عاشق هالائي جي شاعريءَ جي ان ڪتاب مان اميد ته اوهان جلد ئي ڪي بيت ۽ نظم ونڊ ڪندو...
جواب: عاشق هالائي جي ڪتاب “ عاشق جو اظهار” واري مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت
سائين نثار ناز سلام
هن تقريب بابت اوهان جو ونڊ ڪيل دعوت نامو ته پڙهيو هو پر ڪراچي جي شهر ۽ پنهنجي نوڪري جي مصروفيتن سبب شرڪت ڪانه ڪئي۔ جيڪڏهن هي پروگرام ڪراچي ۾ هجي ها ته ضرور شرڪت ڪريون ها۔
اوهان جا قرب جو هن محبتي ميلي جي اکين ڏٺي ڪاروائي اسان سان بروقت ونڊ ڪئي اها به خوبصورت تصويرن سان گڏ۔ اسان ڪتاب ڪونه پڙهيو جي ٿي سگهي ته ان تي ٿوري نظر وجهو ها ته بهتر هيو۔
هاڻي به مان سمجهان ٿو سنڌ سلامت تي نئون سلسلو ڪتابن تي تبصرو جي عنوان سان شروع ڪجي ته جيئن نون يا پراڻن ڪتابن تي تبصرو ڪري سگهجي ۽ انهن جو تعارف ڏئي سگهجي۔
اوهان جي ٻيهر مهرباني جو اوهان هيڏي ساري تڪليف ڪري هن تقريب کي ڪوريج ڪري اسان سان ونڊ ڪيو۔
تمام بهترين .....
سائين وڏي عرصي کان انهيءَ انتظار ۾ هئاسين ته ڪنهن ادبي محفل جو حال احوال سنڌ سلامت جي زينت بڻجي. عاشق هالائي جي ڪتاب جي مهورت جي تقريب جو حال احوال تصويرن سميت ونڊي اوهان اسان جي سڪ لاهي ڇڏي.... اوهان جي محنت ۽ جستجو کي سلام آهي..
شاعر عاشق هالائي جي شاعريءَ جي ان ڪتاب مان اميد ته اوهان جلد ئي ڪي بيت ۽ نظم ونڊ ڪندو...
هن تقريب بابت اوهان جو ونڊ ڪيل دعوت نامو ته پڙهيو هو پر ڪراچي جي شهر ۽ پنهنجي نوڪري جي مصروفيتن سبب شرڪت ڪانه ڪئي۔ جيڪڏهن هي پروگرام ڪراچي ۾ هجي ها ته ضرور شرڪت ڪريون ها۔
اوهان جا قرب جو هن محبتي ميلي جي اکين ڏٺي ڪاروائي اسان سان بروقت ونڊ ڪئي اها به خوبصورت تصويرن سان گڏ۔ ڪتان ڪونه پڙهيو جي ٿي سگهي ته ان تي ٿوري نظر وجهو ها ته بهتر هيو۔
هاڻي به مان سمجهان ٿو سنڌ سلامت تي نئون سلسلو ڪتابن تي تبصرو جي عنوان سان شروع ڪجي ته جيئن نون يا پراڻن ڪتابن تي تبصرو ڪري سگهجي ۽ انهن جو تعارف ڏئي سگهجي۔
اوهان جي ٻيهر مهرباني جو اوهان هيڏي ساري تڪليف ڪري هن تقريب کي ڪوريج ڪري اسان سان ونڊ ڪيو۔
پيارا محمد سليمان وساڻ ڪتابن تي تبصرو شروع ڪرڻ گهرجي پر وري به ڳالهه اُتي وڃي بيهندي ته اسان کي انهن ڪتاب ڌڻين کي گُذارش ڪرڻي پوندي ته سنڌ سلامت لا سندن ڪتابن جون ڪاپيون موڪلڻيون پونديون، ان کان علاوه اسان وٽ اهڙا ڪي به ماهر ۽ ڄاڻو سنڌي في الحال ڪونهن جو ڏات ڌڻين جي ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي ۽ تبصرو لکي سگهن۔ وري به ڦري سري ڳالهه محمد سليمان وساڻ، سائين نثار ابڙو تي پوندي، باقي نثار ناز ته صفا آڱوٺي ڇاپ، ان هوندي به اهو سلسلو هُجڻ کپي ۔ باقي جيڪا ڳالهه توهان لکي آهي جنهن کي ريفرنس طور مون ڳاڙهو رنگ ڏنو آهي سا ڳالهه سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي ڳالهه تي مان نظر وجهان ها؟ ڪجهه سمجهائي ته سمجهان۔ باقي توهان جي مهرباني جو منهنجي هي غريباڻي ونڊ توهان کي پسند آئي۔
محبوب سائين اهي ته مون وِلهي تي وڏا وڙ ٿِي ويا جو سائين علي شاهه گمنام سنڌي جي رُوپ ۾ اسان جي هن محبتي اڱڻ تي موجود آهي۔ مٺا سائين:
سُتا سڀ پَئِي سَندي مُعلم آسري،
آئين پڻ سمهو ناکُئا! بندر ناهه ڀَئِي ،
جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگهيندا لڪيون !
آئون پنهنجي دل جي اٿاهه گهرائين سان سنڌ سلامت جي سموري سٿ سميت توهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔ اسان جو هي محبتي اڱڻ توهان جهڙن لطيف سائين جي پارکوئن جي اچڻ جي ڪري قسم سان مهڪِي پيو آهي۔ اسان اميد ٿا ڪيون ته سائين سيد علي شاهه عرف گُمنام سنڌي، سدائين سنڌ سلامت سان پنهنجو نينهن نڀائيندا رهندا۔ ۽ اسان اڻ ڄاڻن کي لاکيڻي لطيف سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ جو ڏس ڏيندا رهندا ۔ سائين توهان جون مهربانيون جو منهنجي هن غريباڻي پوسٽ تي پنهنجا پيار ڀريا ويچار ونڊيا۔
توهان جي جهوني نثارناز کي به انتهائي محبتن سان گُلن جي بُڪي ۽ ڪتاب عاشق جو اظهار جو تحفو ڏنو ويو، توهان ڙدوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته ڪالهه 29 آڪٽوبر هُئي ان ڏينهن تي منهنجي شادي جي ايڪٽيهين 31 سالگره ٿي هُئي انهي ڏينهن مان پنهنجي ماسات سڳوري سان لانئون لڌيون هيون، مزي جهي ڳالهه ته جڏهن مونکي اسٽيج تي گهرائي گُلن جي بُڪي ۽ ڪتاب جو تحفو ڏنو پيو ويو ته مونکي 29 آڪٽوبر پنهنجي شادي جو ڏينهن ياد آيو قدرتي طور تي مونکي گُلن جو تحفو به مليو ۔ مونکي اهي تحفا محترم عاشق هالائي ڏئي رهيو آهي جڏهن ته پاسي ۾ محترم عنايت بلوچ صاحب جن به بيٺا آهن
سائين تما م بهترين ونڊ ڪئي اوهان اهي تقريب تصويرن ۾ ڏسي ڪري ان جي خوبصورتي جو اندازو ٿي ويو ته اها تقريب ڪيڏي نه خوبصورت گزري هوندي ڪاش اسان به اچي سگهون ها خير ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳاله ته 29 اڪٽوبر اوهان جي لائن لهڻ جو ڏينهن مطلب ته ان ڏينهن به اوهان جي ڳلي ۾ ۔ (شادي ۔۔ بربادي ) ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ نه ڇڏائي سگهڻ وارو ڦاهو گلن جي صورت ۾ پيو هو =)) ۽ اڃ هڪ دفعو ٻيهر اان ئي ڏينهن تي گلن جو وري هار ملڻ تي دل کي لوڏو ته ضرور آيو هوندو ته ڪي ورو پراڻي تاريخ ته نه دهرائي ويندي پر شڪر ڪيو جو اهڙو ڪجه نه ٿيو ۔
سائين تمام گهڻي خوشي ٿي اسان جي طرفان اوهان کي شادي ۽ ان تقريب ۾ اعزازي مهمان هجڻ تي لک لک مبارڪون قبول هجن
سائين تما م بهترين ونڊ ڪئي اوهان اهي تقريب تصويرن ۾ ڏسي ڪري ان جي خوبصورتي جو اندازو ٿي ويو ته اها تقريب ڪيڏي نه خوبصورت گزري هوندي ڪاش اسان به اچي سگهون ها خير ان کان وڌيڪ خوشي جي ڳاله ته 29 اڪٽوبر اوهان جي لائن لهڻ جو ڏينهن مطلب ته ان ڏينهن به اوهان جي ڳلي ۾ ۔ (شادي ۔۔ بربادي ) ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ نه ڇڏائي سگهڻ وارو ڦاهو گلن جي صورت ۾ پيو هو =)) ۽ اڃ هڪ دفعو ٻيهر اان ئي ڏينهن تي گلن جو وري هار ملڻ تي دل کي لوڏو ته ضرور آيو هوندو ته ڪي ورو پراڻي تاريخ ته نه دهرائي ويندي پر شڪر ڪيو جو اهڙو ڪجه نه ٿيو ۔
سائين تمام گهڻي خوشي ٿي اسان جي طرفان اوهان کي شادي ۽ ان تقريب ۾ اعزازي مهمان هجڻ تي لک لک مبارڪون قبول هجن
خبردار انٽرنيشنل فقير عرف موسمي ٻٽيرا ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه چيو اٿئي، خير سان ماسات سڳوري سان منهنجي نهايت ئي قربت سان قربت داري 31 سالن جي ٿِي وئي ۽ علي علي بربادي نه پر مونکي ته شڪر الحمد الله سدائين آبادي نصيب ٿِي آهي۔ تو مونکي مُبارڪون ڏنيون پر دل جلِي سان اهو وڙ نه ويڙهيچن۔ ڀلا ٻُڌائي تو عيسن جا سور موسن مان ڪڏهن کان ڪڍڻ شروع ڪياآهن جو پنهنجا سُور اسان مٿان ٿوپين پيو۔ دوست جيڪي نه جيون ساٿي هُوندا آهن اهي عمر جا ساٿي هوندا آهن، آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نيشنل فقير وحيد ڦلپوٽي کي حاضر ڪجي۔
جواب: عاشق هالائي جي ڪتاب “ عاشق جو اظهار” واري مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت
سائين نثار ناز۔۔۔۔۔اوهان لک قرب اوهان جا جو اوهان اهڙي خوبصورت پروگرام جون تصويرون شيئر ڪيو۔۔۔سوبه نالن سان گڏ۔جن سان اسان ملي ته اڃان ڪان سگهيا آهيون۔۔۔پر انهن جو اسان ڪڏهن تصويرون به نه ڏٺيون هيون سين۔۔۔۔۔اوهان اسان کي انهن جو ديدار گهر ويٺي ڪرايو۔۔مهرباني سائين۔۔۔۔مان اوهان جي تصويرون به تمام پيارون آهن۔۔۔۔اسان جو اوهان لا کوڙ ساريون دعائون۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جيئي مرشد لطيف سهڻو