هاڻي توهان جو چهرو ئي توهان جو پاسورڊ آهي...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو!
    ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ روز نيون خبرون ٻڌون پيا، ٽيڪنالاجي انسان جي فائدي لاءِ ئي آهي ۽ انسان جي فائدي لاءِ ئي روز ڪا نئين شئي ايجاد ٿئي ٿي. اسان ۽ توهان پنهنجي انفارميشن کي محفوظ رکڻ چاهيندا آهيون پوءِ ڀلي اها ڪمپيوٽر جي اندر هجي يا وري موبائل جي اندر، ۽ ڪوشش ڪندا آهيون ته اها معلومات ڪنهن غير جي هٿ نه لڳي. پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ موبائل تي يا ڪمپيوٽر تي پاسورڊ لڳائيندا آهيون ته جيئن ڪو ڌاريو ماڻهو ان معلومات تائين هٿ نه پڄائي سگهي.. پر ڇا ڪجي منفي سوچ واري ماهرن (هيڪرز) جو جيڪي روز نوان طريقا ڪڍي اچن ٿا ۽ وڏي کان وڏي ۽ سخت پاسورڊ کي ٽوڙيندي دير نه ٿا ڪن، ڇو ته اهي ايجادون به ته انسان جو ئي آهن ۽ انسان کان زور ڪيئن ٿيون ٿي سگهن....
    توهان جي معلومات محفوظ رکڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ هڪ نئين ايجاد ڪافي مددگار ثابت ٿيندي.. اهو آهي هڪ سافٽ ويئر جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي موبائل جي ڪيمرا جي ذريعي پنهنجي چهري جا اسڪين وٺي ان کي پنهنجي پاسورڊ طور سيٽ ڪري سگهو ٿا يعني جيستائين توهان جي ڪيمرا توهان جي چهري جي نقش (خدوخال) کي ويريفائي نه ڪندي تيستائين ڪمپيوٽر نه کلندو.. اهو نئون نظام مانچسٽر يونيورسٽيءَ جي ماهرن تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان اوهان جي موبائل کي هڪ نئون سيڪيورٽي جو نظام ملي ويو آهي. جديد دور جي سيڪيورٽي کي ذهن ۾ رکندي تيار ڪيل هن سافٽ ويئر ۾ ڪيمرا جي مدد سان اوهان جو موبائل اوهان جي چهري جي نقش سان اوهان جي شناخت ڪرڻ کان بعد ئي سسٽم کي کوليندو يعني ان کي ان لاڪ ڪندو.
    تصوير کي اسڪين ڪرڻ کان بعد هي سافٽ ويئر اوهان جي چهري جا 20 ممڪنه اميج ٺاهي ميموري ۾ رکي ٿو، جنهن سان اسڪين مهل ايندڙ ٿوڙي گهڻي چينجنگ جو ڪو اثر نه ٿو پوي...
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هاڻي توهان جو چهرو ئي توهان جو پاسورڊ آهي...

    واھ مست سٺي معلومات ونڊ ڪئي اٿئي۔۔۔۔۔ادا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هاڻي توهان جو چهرو ئي توهان جو پاسورڊ آهي...

    ادا مست شيئر ڪرڻ جي مهرباني

    انڊين فلم ڪرش ۾ به ڪجه ان طرح جي ڪهاڻي هئي جنهن ۾ اک جي ريٽينا ۽ دل جي ڌڙڪن پاسورڊ هئي ۔ جنهن ۾ هڪ اهڙو ڪمپيوٽر پئي ٺاهيو ويو جيڪو مستقبل ٻڌائي۔

    بهرحال انسان ترقي جي ڪمال تي پهچڻ جي جستجو ۾ آهي۔ پر هت تي چهرو پاسورڊ آهي ۽ هتي ته ماڻهو پنهنجا چهرا ئي تبديل پيا ڪرائن جي ساڳيو چهرو پلاسٽڪ سرجري ذريعي ٺاهيو ويو ته مطلب پاسورد چوري ٿي ويو۔

    انسان جيترو ترقي پيو ڪري ته منفي نظريا به ايتري ئي ترقي سان پيا وڌن۔ الله پاڪ پنهنجي امان ۾ رکي ۽ دعا آهي ته انسان انساني ڀلائي لاء ترقي ڪري
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي توهان جو چهرو ئي توهان جو پاسورڊ آهي...

    ادا بلڪل صحيح پيا چئو، اهڙيون نئين آئيڊياز سان ڀريل فلمون مان شوق سان ڏسندو آهيان۔۔ ڪِرش سان گڏ، پرنس ۽ روبوٽ 2010 فلمن ۾ نوان آئيڊيا ڏنا ويا آهن۔۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي نواڻ کي ذهن ۾ رکي انٽرنيٽ تي نئين دنيا جي تبديلين جي باري ۾ معلومات سان ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهن
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻي توهان جو چهرو ئي توهان جو پاسورڊ آهي...

    سائين بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو