مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ روز نيون خبرون ٻڌون پيا، ٽيڪنالاجي انسان جي فائدي لاءِ ئي آهي ۽ انسان جي فائدي لاءِ ئي روز ڪا نئين شئي ايجاد ٿئي ٿي. اسان ۽ توهان پنهنجي انفارميشن کي محفوظ رکڻ چاهيندا آهيون پوءِ ڀلي اها ڪمپيوٽر جي اندر هجي يا وري موبائل جي اندر، ۽ ڪوشش ڪندا آهيون ته اها معلومات ڪنهن غير جي هٿ نه لڳي. پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ موبائل تي يا ڪمپيوٽر تي پاسورڊ لڳائيندا آهيون ته جيئن ڪو ڌاريو ماڻهو ان معلومات تائين هٿ نه پڄائي سگهي.. پر ڇا ڪجي منفي سوچ واري ماهرن (هيڪرز) جو جيڪي روز نوان طريقا ڪڍي اچن ٿا ۽ وڏي کان وڏي ۽ سخت پاسورڊ کي ٽوڙيندي دير نه ٿا ڪن، ڇو ته اهي ايجادون به ته انسان جو ئي آهن ۽ انسان کان زور ڪيئن ٿيون ٿي سگهن....
توهان جي معلومات محفوظ رکڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ هڪ نئين ايجاد ڪافي مددگار ثابت ٿيندي.. اهو آهي هڪ سافٽ ويئر جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي موبائل جي ڪيمرا جي ذريعي پنهنجي چهري جا اسڪين وٺي ان کي پنهنجي پاسورڊ طور سيٽ ڪري سگهو ٿا يعني جيستائين توهان جي ڪيمرا توهان جي چهري جي نقش (خدوخال) کي ويريفائي نه ڪندي تيستائين ڪمپيوٽر نه کلندو.. اهو نئون نظام مانچسٽر يونيورسٽيءَ جي ماهرن تيار ڪيو آهي جنهن جي مدد سان اوهان جي موبائل کي هڪ نئون سيڪيورٽي جو نظام ملي ويو آهي. جديد دور جي سيڪيورٽي کي ذهن ۾ رکندي تيار ڪيل هن سافٽ ويئر ۾ ڪيمرا جي مدد سان اوهان جو موبائل اوهان جي چهري جي نقش سان اوهان جي شناخت ڪرڻ کان بعد ئي سسٽم کي کوليندو يعني ان کي ان لاڪ ڪندو.
تصوير کي اسڪين ڪرڻ کان بعد هي سافٽ ويئر اوهان جي چهري جا 20 ممڪنه اميج ٺاهي ميموري ۾ رکي ٿو، جنهن سان اسڪين مهل ايندڙ ٿوڙي گهڻي چينجنگ جو ڪو اثر نه ٿو پوي...