• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوابن کي ريڪارڊ ڪرڻ واري نظام جي تياري۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ٽيڪنالاجي جي دور جي خبرن ۾ هڪ نئين خبر۔۔ هر ڪو خواب ڏسندو آهي، ڪي سٺا خواب، ڪي ڀوائتا خواب، ڪي وڻندڙ، ڪي اڻوڻندڙ خواب ته ڪي وري پراسرار خواب۔۔۔ جيئن هتي اسان جو عاشق مجبور الائي جي ڪهڙا ڪهڙا خواب ڏسي ٿو، خواب ته ڏسون ٿا پر ٿيندو ڇاهي جو جاڳڻ کان پوءِ وري ان خواب جي يادگيري ذهن ۾ نه رهندي آهي۔۔۔ پوءِ ذهن ۾ هڪ ڪسڪ رهجي وڃي ٿي ته يار الائي جي ڇا خواب ۾ ڏٺو هئم۔۔۔ يا وري خواب ياد هوندو آهي ته سوچيندا آهيون ته ان خواب جو مقصد ڇا هيو يا وري ان جي تعبير ڇا ٿيندي۔۔؟؟؟؟
اهو سوال رڳو توهان ۽ اسان جي ذهن ۾ نه آهي پر سائنسدان به ان سلسلي ۾ تحقيق ڪري رهيا آهن تڏهن ته انهن هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ جي دعوى ڪئي آهي جنهن جي مدد سان انسان جي خوابن کي ريڪارڊ ڪري سگهجي ٿو، انهن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي۔ هڪ سائنس جرنل ۾ ڪجهه آمريڪي تحقيقدانن اهڙي نظام کي ٺاهڻ جي دعوى ڪندي لکيو آهي ته انهن جي ٺاهيل نظام (مشينري + سافٽ ويئر)‌ جي مدد سان دماغ ۾ ٿيڻ‌واري تحرڪ يا حرڪت کي رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو۔ تحقيق جي نگران سائنسدان جو چوڻ آهي ته هو ماڻهن جا خواب پڙهڻ‌چاهين ٿا پر ان جو مقصد اهو نه آهي ته هو قدرت جي نظام سان هٿ چراند پيا ڪن۔۔ پر ان جو مقصد آهي ته هو خوابن جي باري ۾ پنهنجي علم ۾ اضافو ٿا ڪرڻ چاهين۔ نئين دور ۾ به نفسياتي ماهر ڪنهن به ماڻهو جي خواب متعلق سندس ڪيفيت يا تاثرات جاڳڻ کان بعد حاصل ڪن ٿا پر هن نظام جي ذريعي انهن ماڻهن جي خوابن جي تصديق پڻ ٿي سگهندي۔ سندن چوڻ آهي ته هو هن سوال جو جواب لهڻ جي به ڪوشش ڪندا ته انسان خواب ڇو ڏسي ٿو ۽ ڪهڙي حالت ۾ ڏسي ٿو؟؟؟؟ تحقيقدانن جو چوڻ آهي ته ماڻهن جو دماغ پڙهڻ هڪ اهم پيش رفت هوندي، جنهن سان اهڙي ماڻهن بابت تحقيق به ڪري سگهجي ٿي جيڪي يا ته ڳالهائڻ جي حس نه ٿا رکن يا وري ڪوما ۾ هجن ٿا۔ ياد رهي ته ان موضوع تي دنيا ڀر ۾ ڪيتريون ئي تحقيقون ٿيون، ڪيتريون ئي فلمون ٺهيون، جيئن تازو هڪ ڀارتي فلم ۾ انسان جي دماغ جي معلومات کي سافٽ ويئر ذريعي ڪاپي ڪرڻ، فارميٽ‌ڪرڻ، انسٽال ڪرڻ‌جو عمل پڻ‌ڏيکاريو ويو هو ۽ ان جي ممڪنه تباهين، فائدن جي باري ۾ خيالات جو اظهار ڪيو ويو۔۔
 
جواب: خوابن کي ريڪارڊ ڪرڻ واري نظام جي تياري۔۔۔

واھ ادا مست سائنسدان به ڪنهن شي مان ڪان ٿا مڙن۔۔۔۔۔يار خواب هميشه منهنجي خيال ۾ خواب ئي رهندا۔۔۔۔۔۔۔ٻئي ڳالھ ته جنهن کي جيڪو گهڻو ياد هوندو آهي،،،،رات جو خواب ۾ اُهوئي ايندو اٿس۔
اوهان به سٺي معلومات شيئر ڪئي آهي۔۔۔۔مهرباني مست ادا
 
Back
Top