سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    السلام عليڪم دوستو اميد سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا۔۔۔۔
    دوستو منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته صرف پنهنجا ليک ۽ پنهنجي تخليق تي مشتمل موضوع ونڊ ڪريان ڇو ته پنهنجي تخليق کي دوست تمام شوق سان پڙهندا آهن، باقي رهي ڳالهه ٻين ليکن جي ته اهي ماڻهون اخبارن مان پڙهي وٺندا آهن۔ ساڳيا ئي ليک جيڪڏهن هتي ونڊ ڪندس ته دوستن جي دلچسپي گهٽ هوندي آهي۔ پر ادي اشفاق لغاري جو هي ليک تمام دل کي وڻيو سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪريان۔۔۔۔
    (ڪٽ پيسٽ جي معافي)


    چيني پوليس کي صرف سهڻيون ڇوڪريون گهربل آهن!

    پنهنجي پاڙيسري ملڪ چين جي شهر چينگڊو (Chengdu) جي ضلعي انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ فورسز ۾ ڀرتيءَ لاءِ نوڪرين جو هڪ انوکو اشتهار ”شهري پوليس کي صرف سهڻيون ڇوڪريون گهربل آهن“ جي عنوان سان ڇپرايو آهي. جيڪڏهن پاڻ واري ملڪ ۾ اهو اشتهار ڇپجي ها ته، بنا ڪنهن جهل پل جي سموريون سهڻيون (صرف پنهنجي ليکي) سفارش جي آسري نوڪريءَ لاءِ فارم ڀرائي ڇڏين ها، پر جنگي علمن ۽ جنگين جي ماهر چينين ان اشتهار ۾ خوبصورتيءَ جا اهڙا ته ڳرا شرط رکيا آهن، جو پنهنجي ڪا سونهن جو مقابلو کٽندڙ ”سونهن راڻي“ به شايد ئي انهن جي ان معيار تي پوري لهي سگهي. تنهنڪري صرف گڏين جهڙيون سهڻيون ۽ سيبتيون 18 کان 23 سالن جي ڄمار ۽ ساڍا پنج فوٽ قد واريون ”چينياڻيون“ ئي ان نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏينديون. اسان وٽ ته صحت جهڙي حساس ۽ نفيس کاتي ۾ به اهڙيون ته خوفناڪ ۽ ٿلهيون نرسون پيون ڪم ڪن، جو ڪنهن بيمار کي انهن کي ڏسي زندگي تي پيار اچڻ بجاءِ زندگيءَ تان ارواح ئي کڄيو وڃي ته، آئون صحتمند ٿي اهڙي بدصورت دنيا ۾ وڌيڪ جي به ڇا ڪندس؟! نرسن کي زندگيءَ جا فرشتا سڏيندڙ اسان جي چوٿين دنيا جي ان باذوق قومپرست سياستدان جي جماليات واري حس به هاڻ ڄمار جي حساب سان ايتري ته ڪمزور ٿي وئي آهي، جو هو هر بد صورت سياسي عمل کي به خوبصورت ڪري پيش پيو ڪندو آهي. اسان وٽ پوليس کاتي ۾ جيڪي بيڊوليون سپاهڻيون بنا ڪو معيار رکي ڀرتي ڪيون ويون آهن، انهن کي ڏسي ”تفتيش“ کان اڳ ئي ڪنبڻي وٺيو وڃي. ريڊيو وارن ته سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪو صنفِ نازڪ جو آواز ٻڌڻ جي آسري ريڊيو کڻي کولي ته مائيءَ جو مرداڻو آواز موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. اسان جي قومي هوائي ڪمپني ۾ ڀرتي ڪيل ايئر هوسٽسن تي تبصرو ان ڪري به نٿو ڪري سگهجي ته سندن حال سڀني کي ساريا پيا آهن، تنهنڪري اسان صرف صحت کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪجهه اسان تي رحم ڪريو ۽ ڪجهه پاڻ تي به. صنفي برابريءَ تي ڪم ڪندڙ ڀينرن ۽ ڀائرن کان معذرت، ڇاڪاڻ ته هي انهن جو ڪيس ناهي. جيڪڏهن آهي به ته چيني ڄاڻن، پاڻ ڄاڻن، اسان جو ڇا؟!



    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    واھ ادا درويش تمام سٺو ليک اوهان وٽ ڪيو آهي،
    ادا دراصل مان ته شڪر آ اڄ ڏينهن تائين اهڙو بيمار نه ٿيو آهيان۔۔۔۔جو ڪنهن نرس جي نرڙ ۾ لڳان۔
    باقي مان جو هڪ دوست تمام گهڻو بيمار ٿي پيو هيو اُهو لاڙڪاڻي چانڊڪا هاسپيٽل ۾ هيو۔۔۔۔ان وٽ جڏهن وياسين ته اُتي ته اڇي ڪپڙن ۾ سٺيون نرسيون نظر آيون۔۔۔۔۔اسان جي ان بيمار دوست به ٻڌايوته ماشاالله نرسيون سٺيون آهن۔۔۔۔۔۔باقي ڀائو اشفاق جوبه ليک غلط نه آهي۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    ادا عمران درويش۔۔۔ يار توهان هي ڪهڙي خفن ۾ لڳي ويا آهيو۔۔۔ سهڻين ۽ وري ايئر هوسٽس جي ذڪر کان ياد آيو ته عمر شريف هڪ پروگرام ۾ ڏاڍو سٺو لطيفو ٻڌايو هو ايئر هوسٽس جي باري ۾۔۔۔۔
    چيائين ته پاڪستان جي ايئر لائين مطلب ته ڌوڪو، جڏهن پاڪستان مان هوائي جهاز ۾ چڙهڻ‌لاءِ روانا ٿيون ٿا ته ايئر پورٽ تي لائين ۾ بيهڻ‌کان اڳ جيڪا ليڊي انائونسمنٽ‌ يا آڌرڀاءُ لاءِ هجي ٿي، اها ڏاڍي سهڻي سنهڙي هجي ٿي، رهندو وري ايڏي ته پيار سان ”هيڏانهن اچو نه“ چوي ٿي جو شادي شده ماڻهو پنهنجا ٻار ٻچا اڇلائي سندس پٺيان هليو وڃي۔۔۔
    وري جڏهن ايئر لائين ۾‌ويهڻ مهل ان ساڳي ليڊي کي ياد ڪندي ڪنهن ايئر هوسٽس کي گهرائڻ جي لاءِ گهنٽي وڄايون ٿا ته هڪ ٿلهي، بي ڊولي مائي ڊڄ واري فلمن جي ولين مائي فورن اڳيان اچي وڃي ٿي ۽ چئي ٿي ”ڇا گهرجي“ ته دل ۾ چئون ٿا ”ٻيو ڪجهه نه گهرجي بس توکان الله جي پناهه گهرجي“
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    ادا مست زور سُهڻين ۽ بي ڊولين نرسن تي آهي، ڀلا پاڻ کي سُهڻيون نرسون ڇالا کپن ! انهي لا ته مريض اڌولاڙا انهن جي سُونهن کي ڏسي ٺيڪ ٿي وڃن پر اسان کي بي ڊوليون نرسون به قبول ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ نرس ئي اهڙي محنت ڪندڙ عورت آهي جنهن کي ڀلي انهي نرس جو عاشق ڇو نه هُجي پر کيس سسٽر ڪري ضرور پُڪاريندو، بنيادي طور چائنا ۽ اسان جي مُلڪ ۾ خدمت ڪرڻ جي ٍجذبي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي۔ اسان لا ته وقت تي پنهنجي مريض جي خدمت واسطي ڪا بي ڊولي نرس به وڏي مسيحا جي صورت ۾ نظر ايندي آهي۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    صحيح‌پيا چئو سائين۔۔ نرس کڻي سهڻي هجي يا بي ڊولي، پر سڏبي ته سسٽر۔۔۔۔۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    ها ادا مست اها ڳالھ واھ جي ڪئي اٿئي۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سهڻيون ڇوڪريون۔۔۔

    واه ادا درويش واه تمام سٺو ليک آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو