عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو اميد سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا۔۔۔۔
دوستو منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته صرف پنهنجا ليک ۽ پنهنجي تخليق تي مشتمل موضوع ونڊ ڪريان ڇو ته پنهنجي تخليق کي دوست تمام شوق سان پڙهندا آهن، باقي رهي ڳالهه ٻين ليکن جي ته اهي ماڻهون اخبارن مان پڙهي وٺندا آهن۔ ساڳيا ئي ليک جيڪڏهن هتي ونڊ ڪندس ته دوستن جي دلچسپي گهٽ هوندي آهي۔ پر ادي اشفاق لغاري جو هي ليک تمام دل کي وڻيو سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪريان۔۔۔۔
(ڪٽ پيسٽ جي معافي)
چيني پوليس کي صرف سهڻيون ڇوڪريون گهربل آهن!
پنهنجي پاڙيسري ملڪ چين جي شهر چينگڊو (Chengdu) جي ضلعي انتظاميا قانون لاڳو ڪندڙ فورسز ۾ ڀرتيءَ لاءِ نوڪرين جو هڪ انوکو اشتهار ”شهري پوليس کي صرف سهڻيون ڇوڪريون گهربل آهن“ جي عنوان سان ڇپرايو آهي. جيڪڏهن پاڻ واري ملڪ ۾ اهو اشتهار ڇپجي ها ته، بنا ڪنهن جهل پل جي سموريون سهڻيون (صرف پنهنجي ليکي) سفارش جي آسري نوڪريءَ لاءِ فارم ڀرائي ڇڏين ها، پر جنگي علمن ۽ جنگين جي ماهر چينين ان اشتهار ۾ خوبصورتيءَ جا اهڙا ته ڳرا شرط رکيا آهن، جو پنهنجي ڪا سونهن جو مقابلو کٽندڙ ”سونهن راڻي“ به شايد ئي انهن جي ان معيار تي پوري لهي سگهي. تنهنڪري صرف گڏين جهڙيون سهڻيون ۽ سيبتيون 18 کان 23 سالن جي ڄمار ۽ ساڍا پنج فوٽ قد واريون ”چينياڻيون“ ئي ان نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏينديون. اسان وٽ ته صحت جهڙي حساس ۽ نفيس کاتي ۾ به اهڙيون ته خوفناڪ ۽ ٿلهيون نرسون پيون ڪم ڪن، جو ڪنهن بيمار کي انهن کي ڏسي زندگي تي پيار اچڻ بجاءِ زندگيءَ تان ارواح ئي کڄيو وڃي ته، آئون صحتمند ٿي اهڙي بدصورت دنيا ۾ وڌيڪ جي به ڇا ڪندس؟! نرسن کي زندگيءَ جا فرشتا سڏيندڙ اسان جي چوٿين دنيا جي ان باذوق قومپرست سياستدان جي جماليات واري حس به هاڻ ڄمار جي حساب سان ايتري ته ڪمزور ٿي وئي آهي، جو هو هر بد صورت سياسي عمل کي به خوبصورت ڪري پيش پيو ڪندو آهي. اسان وٽ پوليس کاتي ۾ جيڪي بيڊوليون سپاهڻيون بنا ڪو معيار رکي ڀرتي ڪيون ويون آهن، انهن کي ڏسي ”تفتيش“ کان اڳ ئي ڪنبڻي وٺيو وڃي. ريڊيو وارن ته سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪو صنفِ نازڪ جو آواز ٻڌڻ جي آسري ريڊيو کڻي کولي ته مائيءَ جو مرداڻو آواز موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. اسان جي قومي هوائي ڪمپني ۾ ڀرتي ڪيل ايئر هوسٽسن تي تبصرو ان ڪري به نٿو ڪري سگهجي ته سندن حال سڀني کي ساريا پيا آهن، تنهنڪري اسان صرف صحت کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪجهه اسان تي رحم ڪريو ۽ ڪجهه پاڻ تي به. صنفي برابريءَ تي ڪم ڪندڙ ڀينرن ۽ ڀائرن کان معذرت، ڇاڪاڻ ته هي انهن جو ڪيس ناهي. جيڪڏهن آهي به ته چيني ڄاڻن، پاڻ ڄاڻن، اسان جو ڇا؟!