مشتاق ڦُل ڪتاب ( دل ته چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ شاعري : مشتاق ڦل ، مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

'سنڌي شاعري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تخـــت جــــي، تاج جي، درد جــي دار جي
    ڳالهـه ڪــــاٿي ٿي وسري سگهي يار جي

    ڄامشوري جـي آغــــوش ۾ ڇــــوڪري
    ڇــــانوَ آهــــي ٿڌي نِم جـــــــي ڏار جـــي

    رات نيڻــــن جـي بســــتر تي ليـــــٽي پئي
    ۽ ڪهـــاڻي شــــروع ٿـــــي اُتان پيار جي

    سوال، توڙي عجب جون نشانيون ڪَئي
    وينـــدي وينــدي رکي وئي سڳنڌ سار جي

    لفــــظ ٻولـــي ۽ لهـــــجي تـــــي رکجي نظر
    پرک پوءِ ڀــي ڪـــبي آهي ڪردار جي

    پيـــار، سَڏَ، ٻُچـــڪرون ۽ امـڙ جـــي چُمي
    ڪـــيڏي قســـمت سُٺي آ ننڍي ٻار جي

    هــــل ٻئي ٿا هلــئون واهه جي ڪَپ تي
    اچ ته ڪيفيت ڏسؤن جهوني ميهار جي

    چنـــــگ ناهي وڳــــو ۽ چـــڙيون چُپ هن
    مــــاٺ مـــــاري وڌو نيٺ ٻڪـــــرار جي

    باهــه وانگـــــر پکڙجــــي وئي مــــلڪ ۾
    ڳالــــهه اوڙي ۽ پــــاڙي جـــي تڪرار جي

    هـڪـڙو مــشتـــاق آ ۽ مســئلا ســويـــن!
    آهـه ڪـنهن وٽ دوا دل جي بيـار جـي؟





    دوســـتيءَ کي ئي وڌائڻ ٿــــو گُهـــــري
    دشمــــنيءَ جـــــا پيــر ڊاهڻ ٿو گهري

    مائـــــرون مــــحفوظ ٻچڙا خوش هجن
    گــــتُ اهــــڙوئي ڪو ڳائڻ ٿو گهري

    درد جــڱــــي در تــــي بيــــهاري ۽ وري
    ڪـــــو اســــان کـــي آزمائڻ ٿو گهري

    تنهنجي سيني ۾ لڪائي منهن ”مُشي“
    آخـــري ڳوڙهــــا وهــــائـــڻ ٿو گهري

    ڳالــهه دل ۾ ڪـــا اٿس هــڪ پيار جـــي
    ڳالهه توکي سان ٻُڌائـــــڻ ٿو گـــهري

    ڇا ڪبو دنيا جي سوڀيا ســونهن کي
    بس رڳــــو توکـــي ئي پــائڻ ٿو گهري

    کير جون نديون کــڻي ٻئي هنڌ وَهن
    سنڌ تنهنجو ئي ســـڏائڻ ٿو گهـــــري

    نفـــرتن جـــــي شهر ۾ ”مشـــتاق ڦُل“
    محبـــتن جا گل ورهــــائڻ ٿو گــــهري




    دل ۾ ننڍڙو گهر اڏيو ٿم پيار جــــو
    جنهن ۾ هڪ ڦوٽو رکيل آ يار جو

    ٿــورڙي ڪــــــاوڙ غصو، تڪرار ۽
    مرڪندڙ منظر سڄي سنسار جـــو!

    برفـــــباري هلڪي هلڪي بوند ۾
    هٿ پڪڙي ڪو هلي ٿو يار جـــو!

    گلَ خوشبـــــو ۽ پکـــــين جو چهچٽو
    ۽ وري هـــــــيڏو مـــــزو وڻڪار جو!

    چنـــــڊ، تارا نيــــــرو نيـــــــرو آسمان
    ٽهڪ ننڍڙي پتڪڙي ڪنهن ٻار جــو!

    سمنڊ ڇوليون، ڇوڪري ۽ ٻيڙيون
    گيت ڳائن پيــا پرينءَ جــــو پار جـــو!

    روز اڌ ۾ فــــون ٿي ڪــــٽجي وڃي
    ڇا ڪجي سوچيان ٿو اهڙي تار جو!




    بالـــڪُنيءَ ۾ بيٺي بيٺي وار سُڪائي ٿي
    دروازي کان ٻاهر نڪـــري درد ورهائي ٿي

    هير، هوا، هُٻڪارون، سپنا، سارون ۽ سوداءُ
    پنهنجي هٿ ســـان هِن وٽ هُن وٽ پاڻَ پڄائي ٿي

    روز صبح جو آئيني جي سامــهون هُوءَ بيهي
    پنهنجا ڳوڙها پاڻ اُگهــــي ٿي ۽ پڇتــــائي ٿي

    دل ئي دل ۾ خيال پچائي لڙڪ وهــــائي ٿي
    مان سمجهان ٿو هُوءَ به هاڻي ڪنهن کي چاهي ٿي

    هــاڻ وڏي ٿي وئي آ شــــايد دلڙيون ٽوڙي ٿي
    پيــــار ڏئي ٿــــــي پيار وٺي ٿي ۽ شرمائي ٿي




    جي ماڻهو آ ته ماڻهوءَ کي به ڪنهن مُنهمان ۾ رکجي
    ضروري ناهه ســــــنڌ کي روز ڪنهن نقصان ۾ رکجي

    ڪــــو مالهي آ ڪـــــو مالڪ آ، ڪنهن جي تخليق آ ســهڻي
    اجايو گل پٽي گل کي نه ڪنـــهن گلـــــدان ۾ رکجي

    گهڻيون ئي غـــير جون اِٽڪيون ۽ ٻٽڪيون پي سٺيون آهن
    سمـــــوري ڳـــالهه کي آڻي ڀريئـي ايــــوان ۾ رکــــجي

    سدائين پيـــــــار تي پهـــــرا، سدائـــــين يار تي بنــــدش
    انهيءَ کان پاڻ بهتر آ ته ڪنــــهن زنـــــدان ۾ رکجي.




    اوهان وٽ پيار کي پرکڻ جا ماپائي الڳ آهن
    اسان وٽ ســـونهن کي ســـمجهڻ جا ماپائي الڳ آهن

    اوهان آرام ڳوليـــو ٿا، اسان جا درد ســـاٿاري
    اسان وٽ جڳَ ۾ جيئڻ جا ماپائي الڳ آهن

    اوهــــان کـــي پيار آڇيــــون ٿا، اوهان کي پاڻ ارپيـــون ٿا
    اسان وٽ محبتون ڏيئڻ جا مــاپائي الڳ آهن

    گلن جا رنگ، خوشبودار شيشي جو بدن آهي
    انهيءَ جـــي ڀرســـان بيهڻ جا ماپائي الڳ آهن




    ميڻ جي جسم کي تيز اس کان بـــچاءِ تون
    برف جي بدن کي جوان سج کان لڪاءِ تون

    باهه جي مچڻ ۾ دير خاص ڪا لڳي نٿــي
    باهـــــه جا ٻـــــري پئــــي پاڻ ئي وِساءِ تـــون

    درد جي سمونڊ ۾، ٻُڏئون به ٿا ترئون به ٿــا
    اڃا به مهل ٿي پرين ڀلي اچـي بچـــاءِ تــــون

    مون کان پل پـــري نه ٿي آهيان دل جـو ڪــؤنرڙو
    پــــاڻ جــــي نٿو اچين، پاڻ وٽ گُهراءِ تــون

    امتحان ۾ نه وجهه ڪائناتي ســونهن کـي
    رنگ خوشبو پيار کي کولي دل ورهــاءِ تـون

    مُدتن جا فاصـــلا اک ڇنـــڀ ۾ طئي ٿين
    پيار مان پريت مان، ســڪ مان ســڏاءِ تون

    هـــــي هوا، هي روشني ۽ درد جو قصو پرين
    زنـــــدگيءَ جــــو آ حصـو بس کڻي نڀاءِ تون

    هــــي دوا، هي بوتلون ۽ ٽڪيون نٿيون وڻن
    سنڌ جي مٽيءَ سَندو ڪک کڻي کاراءِ تون




    هـــــوا ۾ اُڏاري رئــــــو آســـــمـــــاني
    ڏئي وئي مُئـل کــــي نئــــين زندگاني

    سڳيءَ ۾ هڻي گُلُ نڪتي آ گهر کان
    خدا پـــاڻ ان جــــي ڪنـــدو پاسباني

    ڪيئي رنگ شامن ۾ اوتي شفق جا
    ڪري ويئي موســــم مٿان مهرباني

    ڳلن مان پئي نڪتيون نيــون گُلَ ٻاٽيـــون
    ڇُلڪي پي ڇاتيءَ منجهان نوجــواني

    ڇڏي وئي آ مشـــتاق جــــي من اندر ۾
    نمــــاڻين نگـــاهن جي ننڍڙي نشـــاني




    خواب ڪــو مونکي خدا جهڙو لڳو
    سنــــڌ جــــي پياري هَوا جــهڙو لڳو

    ۽ ڏٺم ڪو لاش سنڌڙيءَ جهول ۾
    هــــي قصـو ڄڻ ڪربلا جهڙو لڳو!!

    توسان گهاريل زندگيءَ جو هر لمحو
    پــــيار جـــــي آتم ڪٿا جهڙو لڳو!!

    تنهنجي ڀاڪر نئين حياتي ڄڻ ڏني
    تنهنـــجو ڀاڪر ڄڻ شفا جهڙو لڳو!!




    سجاول، ساڪرو جاتي ۽ مڪليءَ جي هوائن ۾
    اسان سرمد کي ڳوليون ٿا دلين جي درسگاهن ۾

    هلــــي ٿي تيز ڪـــا ٻيڙي ۽ لهرن ۾ به لرزش آ
    لڳائي باهه نوريءَ جــــي الائي ڪنهن نگاهن ۾

    مِٽـــــي ســـــرمد جـي پيرن جي وري ڪي ٻار جنميندي
    نئـــون ڪــــــو روپ اوتيندي امالڪ آتمائن ۾

    ڀلي تون ڄامشوري کي پڏائيندو ئي رهه ليڪن
    مــــــزو ســــــاڳيو رهــــــيو ناهي اڳي وارو ادائن ۾

    درين جـــــا تاڪ ٻــوٽي ڇڏ گهٽين ۾ گوڙ آ ڏاڍو
    امــــڙ جا نيــــــــڻ جـــاڳن ٿا خدا رکندئي پناهن ۾

    اکـــين جا اوپرا لهجا اسان کي روڳ بخـــــــشن ٿا
    ٿــئـــــــي ٿو روز واڌارو سدائيـــــن پيــــو سزائن ۾

    اڙي او شهــــر جــــا شودا اســــان کي ڳوٺ پهچايو
    اسان کي ننـــڊ اينـــدي آ رڳو محـــــبوب ٻانهن ۾

    مندر مسجد ڪليسا جي اسان چائٺ چمي ورتي
    ثــــوابن کان ڇــــٽي جـــند هاڻ، پلباسين گناهن ۾




    جيئن رات مان آيس ته پئــي پاٽ سڌي هئي
    نڪو کير نڪي کنــڊ نه مانــي ئي رکي هئي

    چُمي پير ڪيم سڏ ته صفا ســــــڏ نه ڏنائين
    لڳو ايئن پئــي، ڄڻ ته ٿـــــي ناراض سُتي هئي!

    اها خالي ڏســـــي کٽ وَري جــــــيءُ جُهري پيو
    اڳي پير ڇُهــــــي پوءِ وڃي ننــــڊ ڪبي هئي!

    ڀيـــــانڪ آ اســــان لاءِ امڙ تنــــهنجو وڇوڙو
    سڄـــــي رات اهو سوچي، ســـــچي اک نه لڳي هــــئي!

    گــــهر مــوٽي وڃڻ لاءِ هاڻي دل ئي نٿي چئي
    اسان لاءِ کُليل گهر، نه اُتي در نه دري هـــئي!

    ٻُڌي، پير جو کڙڪو، چَئي، مشتاق آهين ڇا
    اڱڻ ساڳو، هو ،گهر ساڳو، امان پر نه اُٿي هئي.

    ****

    (امان سانئڻ جي ياد ۾)






    پنهنجي الهڙ جوانيءَ ۾ ڪو يار ڪــــيو هــــوندئي
    سو ڀاڳ ڀريو هوندو جنهن سـان پيار ڪيو هوندئي

    ڪـــــاوڙ ۽ وڏا دڙڪــــا، روئــڻ ۽ رُســـــڻ، پرچـــــڻ
    ڪــــنهن ســــــان ته ڪڏهن اهڙو تڪـــرار ڪيو هونــدئي

    بارش ۾ ڀِڳــــو هوندين، راتين جـــــو رُليو هــــونــدين
    ۽ پــــيار جـــــو ڪــــــو رستو اختيار ڪيو هوندئي

    ڪـــــي کوڙ چـــــريا ماڻهو رستـي ۾ مليا هوندئي
    ڪنهن سان ته محبت جو اظهار ڪيو هــوندئي

    اکڙين جي اشارن سان لـــک قيد ڪـــــيا هونـدئي
    ڪو چاڪ ته ڪو جاني بيمار ڪيو هونـدئي

    مشــــتاق آهــــي تنهنـــجو مشتاق جي پارت ٿئي
    مشتاق سان ڪو ته پرين اقرار ڪيو هونــــدئي





    پيار مان دل به ڪا ڀَري آ ڇا؟
    دل ته ايڏي به ڪا چَري آ ڇا؟

    سڪ وڌندي وڃــي ٿـــي روزانو
    پيــــار ٿيـنـــدو وري وري آ ڇا؟

    درد ناهــــي ته ڪو مزو ناهي
    درد جـهڙي ڪا دلبري آ ڇا؟

    بند ڪــــمري ۾ روشني ايڏي
    باهه وانگر ڪا دل ٻَـري آ ڇا؟

    مان ته تنهنجي تلاش ۾ آهيان
    منهنجي توکان سوا سَري آ ڇا؟

    ڪير مشتاق کي ڪندو پنهنـــجو
    جُـــون ٿيندي به جنوري آ ڇا؟





    دل جـــــي چَويـــــس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي
    ســــڪ جي لڳيس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿي

    ڇـــا ٿو ڪري سگهانس جي هوءَ شــــــوخ ٿي رهي
    مـــرضي پويـــــس ٿي ته ڏئي پيـــار کوڙ ٿي!

    موسان رُســـڻ جا روز بهـــــانا ڪــــري وري
    ڪاوڙ لهيس ٿي ته ڏئي پــــــيار کوڙ ٿـــــي!

    ڪنهن کان نٿي پڇي مگر ڪا اوچتو کڻي
    منـــــهنجو ڏَســيس ٿــي ته ڏئي پيارُ کوڙ ٿي!

    مشتاق کي ته هوءَ وســــاري نٿــي ســــگهي
    جڏهين مليــس ٿي ته ڏئي پيار کوڙ ٿــــــي!




    ڪـــــوڙا ماڻهو ڪوڙي ياري نامنظور
    ڌارين ماڻهن جي دلــــداري نامنــــظور

    پَٽـــڪي ٽوپي اجـــرڪ سان جي ســـاڙ رکن
    اهـــڙا لفظــــن جا واپــــاري نامــــنظور!

    وقت جي هر هڪ حاڪم جو ٿا ساٿ ڏين
    ڌاريـــــا ڌاريـــــن جا ســـاٿاري نامنظور!

    ڌرتيءَ جي غدارن لئه جي گيت لکن
    شاعر ليکڪ سي درٻاري نامـــنظور!

    سنڌ جي سؤدي لاءِ ســدائين تياريءَ ۾
    ســـــابه وڏيرپ ۽ ســـرداري نامـــنظور!

    جيڪي لکڻيون ذاتي فائدي لاءِ هجن
    سُرخيون ڪالم سڀ اخباري نامنظور!

    سنڌوءَ جي تهذيب بگــــــاڙي ڏيــــکارن
    اهڙا چئنل ســـڀ سرڪاري نامنظور!

    هٿيارن جي ڊوڙ، نمائش جسمن جي
    اهــــڙا ڊراما توبـــــھ زاري نامــــنظور!




    مفــــلسي ۽ بُک بيمـــــــاري تـه ڏس
    سنـــڌ جي ماڻهن جي لاچاري ته ڏس

    هـــــي، ڦُرون، اغوا، قـــــتل غارتگري
    رئيس ۽ ڌاڙيل جـــــــي يــــاري ته ڏس

    هونئن سدائيـــن ٻوڏ کان ڊڄبــــو هيو
    هيــــل دريا پيــــٽ ۾ واري تـــه ڏس

    ڊاڪــــٽر، اســـــتاد، صـــــوبــــيدار ۽
    ســــڀ ادارا يار سرڪـــاري تــه ڏس

    سنڌ ڀي سياست جي وَر ويئي چڙهـي
    ڪيڏا سياستدان واپاري تــــــه ڏس

    سامهون ٿا مشتاق جي تعريف ڪن
    ۽ پٺـــــيان پؤ لفــــظ بازاري تـــه ڏس




    رات جــــــي ٿـــــــڌڪار ٿــــــــڌڙي روشني
    گـــــهرُ، ننــــــڍڙا ٻــــــــار ٿـــــڌڙي روشــــني

    محبــــتن جو مينڱهن مُرڪـــــون چنـــڊ ۽
    وڏ ڦــــــــڙو وســــــڪار ٿــــڌڙي روشــــــني

    ڀائـــــــرن ڀاڪر امان جــــون ٻچڪــــــرون
    ڀينـــــــرن جــــــــا پـــــيار ٿڌڙي روشــــــــني

    کوهه، درياء ڪاڪ ڌرتيءَ جــــــــا قــــــصا
    سنـــــــڌ جـــــا ڪــــــردار ٿـــــڌڙي روشني

    بحــــــث، اوطاقــــون، ڪـــــچهري، شاعري
    جـــــــهـــــونڙي گــفتــــار ٿـــــڌڙي روشـــني

    ڪيئن ٿي ڪنهن کان ڀلا وسري سگهي
    ســـــنڌ تنهــــــنجي ســـــار ٿـــــڌڙي روشني





    آئـــي هلڪـــــي هوا اُجهامي ويو
    يا ته ڪـک پن هيو اُڏامـــي ويو

    تـــــيز تقـــــرير، گفــــتگو، ڊاڙيون
    ڪنگڻي چانور جيان اُڀامي ويو

    لـــــوڀ، لالـــــــچ، ڏيـــــکاءُ ۽ پئسو
    حِرس هــن کي ڪري حرامي ويو

    ڪهڙي قيمت غدار ماڻهوءَ جي
    ڦرڻي ڪرسي ڏسي وڪامي ويو





    ٻـــــار نئيــــن ڄـــــــاوَل جــــــو لاشـــــو
    نٽــــــهڻ اُس ۾ ڇــــــــانوَ نه پـــــاڇـــــو

    ڀؤنڪـــــون، يَشـــيون، ميڙَ ڪُتن جا
    ڪَچـــــڙيون ٻوٽيــــون، ڏاٺَ تمـــاشو!!

    وقـــــت عياشــــــيءَ ۾ ويـــــو گـــــذري
    هِن بـــــه نــــــه ڄاتـــو، هُن به نه ڄاتو!!

    ڪـــنواري ڪُک مان نڪــــــــتو هونـــــــدو
    اُڇــــلي ويو ڪـــــو اهـــــم اثـــــــــاثو!!

    هـــــاءِ جـــــواني ڪـــــهڙي ڪم جي
    ڪــو ته ڪري ڏئي مون کي ڪـاٿو!!

    پنــــهنجي مُنـــــــهن ٿو روئـــــي ويٺــــو
    تنهـــــنجو منـــــــهنجو آســــــو پاســـــو!!





    تنهنجون يادون تنهنجا سپنا منهـــنجو ساهه ڪــــڍي ويا
    سور ســــموري جـــــڳ جا مون وٽ گڏجــــي پاڻ اچي ويا

    هيڪر ٻيهر، ٽيـــهر، هـــر هــــر ڄاڻي واڻي حملو ڪـن ٿا
    تنهنجا نيڻ به منهنجي گــهر جا رســــتا سڀ ڏســــي ويــــا

    تنهنجي مُرڪن جون برساتون تنهنجي ٽهڪن جا لامـارا
    مون کي منهنجي گهر مان گِهلي زوريءَ ســـاڻ وٺــــي ويا

    سوچيو هو مون توسان ملبو، ڳڻتي ڪا به نه هـــونــدي
    اڻ تـــــڻ، اڻ تـــــڻ، اونـــــو، دل جا ويــــتر درد وڌي ويـــــا

    هڪڙو آ مشتاق، مخالف هن جا ڪِيـئي ماڻهو ٿي پـــيا
    هوريان هوريان دردَ به هن هُن وٽ پاڻهي نيـــٺ پڄي ويــــا






    درد وڇـــوڙي پــــيار جـــي پيڙا
    تنگ ڪــــري ٿي يار جي پيڙا

    پاڻـــــي ناهي شــــال ڏسي ڪو
    هـــاري ۽ ڪـــــمدار جي پيڙا!

    ڌاڙا ڦُــــرون، اغــــــــوا، لاشـــــا
    ڪير ڏسي اخــــبار جي پيڙا!

    پــــــيءُ مـــري ويو مــاءُ پِني ٿي
    پــــيٽ بکايـــــل ٻار جـــي پيڙا!

    سج لهـــي ويو موٽيــــا ناهــــن
    وڻ پکــــــي ۽ ڏار جـــــي پيـڙا!

    جنهن جي دل تان گذري آهي
    ان کان پڇ انـڪار جــــي پيڙا!

    رات ڏٺــــــي مـــون راڻيپور ۾
    سچـل ۽ سنســــار جــــي پيڙا!


    راڻيپور: درازا جي ڀرسان ، خيرپور ضلع جو هڪ شهر




    هــــــــا آواره مـــــــاڻهــــــو آهـــــــيون
    پــــر دل وارا مــــــاڻهـــــــو آهيــــــــون

    ظـــاهر ڪـــيڏو خوش ٿا ڏســـجئـون
    پـــــــــر دُکيـــــــارا ماڻهـــو آهـــــيــون

    لوڪ ســـمورو ڪيئن به سمجـــهي
    ڏاڍا پــــــــيارا مـــــــاڻـــــهو آهـــــيـون

    پـــاڻ سمــوري جـــــــڳ ۾ جــــــــاني
    بلــــڪــــل نيــــارا مــــاڻهو آهـيــون

    تــنهـــنجــي ڀـاڪــــر ۾ آياسيـــــــــن
    ڀــــــاڳـــن وارا مـــــاڻهـــو آهــــــيــــون




    ڪــــوڙ وڏو ڳـــالهائيــــندو هــــو
    توکـــي ڪـــاٿي چاهـــيندو هـــو

    تــون تـــه ڀُلـيل هُئــين ڀورا ماڻهو
    هو ڪنهن ٻئــي کــي ڀائيندو هو

    تنـــهنــجي آڏو تــــنهـــنجـــو هـــو
    ٻـــــــاهر پـــــــاڻ پــڏائيــــنــدو هو

    مـــــن ۾ ســـور هــــزارين ليــڪن
    دل جــــــو درد لڪائينـــدو هـــو

    پــــاڻ ڏســـو مشتــــــاق ٿــو روئي
    ٻيـن کـــي جــــو پرچائينــــــدو هو
     
  2. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    مون کي ڪيئن وساري سگهندين؟
    ڏور ڀـلا ڏَس گهــــاري ســــگهندين؟


    اُڊڪــا، اُلـــڪا، کُٽــــڪا، يـــادون
    مار، جــي تن کـــي ماري سگـــهندين؟


    ســـوچون، ســـپنا، ســـڪ ۽ ســارون
    ڪنهن کي ڪنهن کي ٽاري سگهندين؟


    ســـوچ کڻــــي مشــــتاق بنـــان تون
    آخــــرڪــار گــــذاري سگـــهندين؟






    ڏک وڇــــوڙي وارا دل کـــي ڏاري وجهــــندا آهن
    جيءُ جنجهوڙي، روح کي روڙي کاري وجهندا آهن



    دنـــيا جـــي الزامن تي، دل مُرڪـــي پــوندي آهي
    مـــحبوبـــن جا مـــهڻا ليــڪن ماري وجهندا آهن

    ماـــن هــــڪ ڳوٺ جو ســـادو ماڻهو شــــهر ۾ ڀلجي آيس
    ويتر داٻ رسـڻ جا دڙڪــــا ڳاري وجهــــندا آهن

    فون تي هن جا ٽهڪ ڪري ويا شهر سڄو اغـــوا
    مُلڪ سڄي کي هن جا اُلڪا ماري وجهندا آهن


    روئڻـو، رُلڻــو ڏاڍو سِڪـــڻو اڳ ۾ ئـــي مشــتاق
    پوءِ به الئي ڇو يار سِڪـــائي روئاري وجهندا آهن



    ڪـــنهنجي چـــوڻ تي هــــي چوڙيون ٿي پائين؟
    ڪنهنجي چوڻ تي ٿي ميندي لڳائين؟


    نه گهــــم وار کولي گهـــڻو تون شـــهر ۾
    اَسيــــرانِ زلفن ســـان ڇو ٿـــي اُچـــائين؟


    هــــوا، رنگ، خوشــــبو ۽ رابيــــل جهڙي
    چري ڇوڪري تون ڀلا ڇا ٿي چاهين؟


    لڳي ٿو تـه توکـــي به ويو آ وڻـــي ڪو
    زبان کي چپن تي ٿي هر هـر گُهمائيـن؟


    مُرڪڻ تي مشتاقَ ٿينـــدئي هـــزارين
    ڇو ٿي ڇيڳرن کي فــڪر ۾ ڦاسائين؟




    عيد جي ڏينهن به ڪونه ساريو ٿَوَ
    ڏاڍا آهـــيو پـــڪا وســــاريــــو ٿَـــوَ


    خـــط آيـو نه فـــون جــي گهــــنٽي
    ڏينهن ٿي ويا نه مُنهن ڏيــکاريو ٿَوَ!!


    پنهنجو سمجهي اوهان ڏي آيا سين
    ڌاريو سمـــجهي مگر ڌڪـــاريو ٿَوَ!!


    پــــاڻ سِڪـــڻا ۽ دل به ســـڪڻي آ
    مونکي هٿ سان، سڪائي ماريو ٿَوَ!!


    لُــــڙڪ، لارون اکيـــــن ۾ اوجــــاڳا
    روز مــــشتاق کـــي روئــــاريــــو ٿَــوَ!!




    روح ڪنهنجي راه ۾ اٽڪي پـــيو
    يــــار بيپـــرواهــه ۾ اٽــــڪــي پيــو


    رات ٿڌڙي، چنڊ، ڌيمـــي روشـــنــي
    ڪـــو وڻنــدڙ واءَ ۾ اٽـــڪـــي پيو


    درد ونـــدن جــون دُکيون ڳالهيـــون ٻُــڌي
    سور منهنجي ساهه ۾ اٽڪـــي پيـو


    نـــرم لهجــــو پيار مــــحبت دلبـري
    عڪس ڪو ارواح ۾ اٽڪي پيو


    جيـــتــرو مـــشتاق ارڏو هـــو اڳــــي
    ايترو ئـــي چـــاهــه ۾ اٽـــڪي پيــو



    ڳوٺ جي هڪ حَسين، ڇوڪريءَ کي ڏٺم
    زنــــدگــيءَ کـــي ڏٺـــــم، روشنــــيءَ کي ڏٺم


    هُــــن ڪــــئي پيار مان گفــــتگو گُـل ٽــــڙيا
    صبح جي پهر ۾، ڪنهن سُکـــيءَ کـــي ڏٺم


    وار کــــــولـــــي وڏا نــاز ســــان پــــي گهــــمي
    گهورَ ٿينــــدي مٿــــس عاشــــقيءَ کــي ڏٺم


    هُـــن جــــي نيــــڻن ۾ جـــــادوگريءَ جـــو اثر
    هــــن جــــي اکڙين ۾ بـــس دوستيءَ کي ڏٺم


    ڪيــــر مشـــــتاق کــــي هـــاڻ روڪـي ڀلا
    دل جــــي آڳر ۾ ويٺـــــل ڏکــــيءَ کـــي ڏٺم




    اڄ سُتل ڪي ســـور جـــاڳائـــي وئـــي
    يـــــاد هُن جــي دل کــي تڙپــــائي وئــي


    هن وڌو ڀاڪر ته مـــــان روئي پـيـــس
    ۽ مِٺين جـــو مينــهن بــرســـائي وئــــي


    منهنجي ڪنڌ تي پنهنجي چهــري کي رکي
    رات آئـي مــــون کــــي پرچـــــائي وئــي


    زندگي آ مخــتصر خودڪش نه ٿـــــي
    روشنــي جــــيون ۾ ڦـــهـــلائي وئــــــي



    مان رُٺل هئس، هن الئي ڇا ڇا چــيـــو
    ۽ وري پَرتــــس تـه شــــرمائـــــي وئـــــي


    ڳل تي ڪـجهه ٿَڦڪيون هڻي مشتاق کي
    ٿورڙن لفــــظـــــن ۾ سمـــجهائي وئـــي.



    اکين جـا خواب اُجـــاري، الائي ڪــاڏي ويا
    اسان کي عـــشق سيکاري الائي ڪاڏي ويا



    جڏهن به پاڻ مارڻ لاءِ سوچي نڪـتو هُئس
    جيئڻ جـــــي آس اُڀاري الائي ڪـــاڏي ويا؟


    برهه جــــون بارشـــون بيـــحد وَسـائي واٽهڙو
    گـــهڙيءَ ۾ رات گُذاري الائي ڪــاڏي ويا؟


    سُندرتا، سونهن ۽ خوشـــبوءِ جا خـــواب ڏئي
    ويهاري درد ڪـناري، الائي ڪـــاڏي ويا؟


    اسان جي لاءِ ڪو مشتاق کانئن اڻ پـــڇي
    ڇڏي هو ڪنـهنجي سهـــاري الائي ڪاڏي ويا؟





    بارشي موسم ۾ سوچيــان ٿو متان ساريو هجئي
    ياد مـــنهنجيءَ ۾ مـــتان ڪــــو لڙڪ ئي لاڙيو هجئي


    ويٺي ويٺـي ياد ماضيءَ جـــون ڪـــري ڳالهيــون ســـڄڻ
    شام جو پيارو پهر غمگين ٿي گهاريو هــجـــئي!


    آءٌ اڪيلو بي سُڪون بي چئن آهـيان خيـــر آ
    دل متان لاٿي هجئي ۽ هانءُ ڀي هاريو هجئــــي!


    جيئن ڪريو هان دوست پنهنجا ئي لتاڙيندا ويا
    ڪير ڪنهنجو ناهه ڪنهن تي ڀي متان ڀاڙيو هجئي!


    سڀ چون ٿا يار پنهنجو ويو ڇڏي مـــشتاق کي
    مان چوان ٿو ڏک خدا ننڍڙو نه ڏيکاريو هـجئي




    پيــــار پُراڻو ٿيــــنـدو آ ڇــا؟
    عــشق سيـــاڻو ٿيندو آ ڇا؟


    ننڍڙي غلطي معاف ڪرڻ کان
    پــــوءِ پڇـــاڻو ٿيـــندو آ ڇا؟


    جـــذبا ۽ احــــساس خريدي
    اهـــڙو نـــاڻـــو ٿينـــدو آ ڇا؟


    باغـــي مــاڻهوءَ تي تنقيدون
    گــهوٽ به ڪـــاڻو ٿيـــندو آ ڇا؟


    قاتل غاصب جي مرتئي تي
    ســـوڳ، جماڻو ٿيندو آ ڇا؟


    پاڻ مسافر ماڻهـــو پنـــهنجو
    يار ٺڪـاڻو ٿيــــندو آ ڇـــا؟


    پاڻ مٽيءَ جا عاشق پنهنجو
    ڌار گـــهراڻو ٿينـــدو آ ڇــا؟




    ســــــور سانڍيـون ٿـــــي وتي سنــــسار جا
    روز رسـتـــــا ٿــــــي ڏســـي دلـــــــــدار جا


    هــــــــوءَ مــــڌر آواز واري ڇـــوڪــــري
    گُنــــــگنــــائي گيـــــــت ويٺــــي پيار جا


    لُڙڪ لاڙينـــدي سِبـــي پــــــــهـــراڻ ٿي
    رَنگَ ٿــي ان تي ڀـــري ڪنهن ســـار جا


    ريشمــــي ســـوچن ســــندا رومال تـــــــي
    عڪــــــس ٿــــي اوتـــــي پئـــي اقرار جا


    هن جـي آڱر ۾، سُئـــــي اٽڪـــــــي پئي
    هُن ڏٺا پئي خواب ڪـــنهن ٻئي پار جا


    ڪير هن کي چئي ته هوءَ ڇــــا ٿي ڪـــري
    يــــــاد گفـــــتا ٿي ڪـــري پئي يار جا



    هُوءَ هوا هُوءَ ڇوڪــــري ڪي گيت ڳائيندا ويــا
    پيــــــار محبــــت پــــاڻ دنيـــا ۾ ورهائيــــــندا ويــا


    مُون ٻڌو آ ڪيـــترن دلين سنديون ٽوڙي دريــون
    عاشـــقن جـــي ڪـــا انــدر ۾ آڳ لائيـــــندا ويــا


    مون ٻُڌو آ هو گهڙي کـــن لاءِ ڀي جا ٿي رُڪــــيا
    واٽ ويندڙ ماڻهو پنهنـــجو ســـر جهــڪائيندا ويا


    مون ٻڌو آ عشق محبت کي ڪندا هو عــام ويا
    نينهـــن جـــو نقشو نرالو جــــڳ ۾ ٺاهيــنـــدا ويا


    مــــون ٻُڌو آ ڪــــالهه هــــو پازيب پائي پيــــر ۾
    ڇير جي ڇم ڇم سان نينگر ڪي نچائينــدا ويا


    مون ٻُڌو آ ڪالـــهه هُو گڏجـــي ڀـــــٽائي تي رُنــا
    سنڌ ساري ٿي سُڪــــي ڀـــٽ کي ٻڌائيــــندا ويــا


    مون ٻُڌو آ ڪالهه هو ٿر جي ڏکي حالت ڏســــي
    ڳاڙي ڳوڙهــــا ٿــــر مٿــــان بارش وسائينـــــدا ويــا


    مون اکين سان ڪالهه ڪـــي ڳاڙها جـــهنڊا اُڀ ۾ ڏٺـــا
    انــقــــــلابــــي ســـــوچ کـــي ويتر وڌائيــــندا ويـــا


    سنـــــڌ جي پاڻي، مٽـــــي ۽ باهه جــــي سرهاڻ لئه
    مُرڪندي مشـــتاق ڪـــــيئي ڪـــنڌ ڪپائيندا ويــا




    دُکي دل دُکائــــي، هلي هــــوءَ ويئي
    الئه ڳالهه ڇاهـــي، هلي هـــوءَ ويئي


    چُنيءَ جي چِٽن جيان وري عڪس اوتي
    نوان نقـش ٺاهـــي، هـــلي هوءَ ويئي!


    سَڙي نيٺ سگريٽ جي ڪنهن ڦُلي جـان
    اندر آڳ لائـي، هـــلي هُــــوءَ ويئـــي!


    چيائين اچڻ جو، مگر ڪا نه موٽـي
    وري ڏک وڌائي، هــلي هُوءَ ويئــــي!


    تڏهن کان پـٿر ۾ آ مشتاق جـــي دل
    سنگت جيئن ڦٽائي، هلي هُوءَ ويئي!




    تنــهنـــجي اقرار کي بـــه سمجهون ٿا
    تنهنجي انڪار کــي به سمــجهون ٿا


    تنهنجي دل آهه، پـر نه آ مــونــــسان
    تنهنجي سهڪار کي به سمجهـون ٿا


    روز ڪــــاوڙ، ڌڪــــار ۽ دڙڪــــــا
    اهڙي تڪــــرار کي به سمجـــهون ٿا


    ڪيڏو مشتاق لئه مــرين ٿي تـــون
    هائو هـــــن پيار کي به سمـــجهون ٿا




    جيون توکي جاني منهنـــــجا ڳولـــي ٿو
    اوسيئـــڙي ۾ پــــــاڻ اڃـا ڪـو رولي ٿو


    ايندين شايد اک تڏهن ئي ڦڙڪــــي ٿي
    ڪــانءُ به مٺڙا ڪـالهه صبـــــــح کان ٻولي ٿو


    چنــــڊ ســـتارا هوش وڃــائي ويٺــــا هن
    وارن کي ڪـــو واءُ ۾ شـــايد کــــولي ٿو


    اگربتيءَ جون چڻنگون نڪتيــون چولي مــان
    ڇاتيءَ کي ڪو ڇــوهه منجهان ڇــــــاڇولي ٿو


    ڦــٽ ڇٽل مشـــتاق جــا ڪوئي هٿڙن سان
    پـاڻ سبــــي ٿو، پـــاڻ اُڊيڙي کــولي ٿو



    ڪــــٿي آهـــين مـــنهنجا پرين آءُ هاڻي
    مُنجهي ٿو اسان جو هتــي ســــاهه هـاڻي


    هي بارش جي ڪڻ ڪڻ هي ٿڌڙيون هوائون
    وڇــــوڙو وڌائي ٿــــــو ايــــــــذاءُ هــڱاڻي!


    طـــبيعت ۾ چڙ آ مـــزي ۾ نه آهيـــون
    دردن ســــان ٿي پيو آ ٽـــڪراءُ هـــاڻي!


    زمـــــانو به ڪيــــڏو نه مٽجـي ويــــو آ
    ڪُهـــي پيو ســـڳي ڀاءُ کــــي ڀاءُ هاڻي!


    ڪــــوڙن بيانن ســـان ليڊر اســـان کي
    ڪــــندو ٿو رهـــي روز گمــراهه هاڻي!


    جڏهن کان رٺو آ تڏهن کان اســــان جو
    کڄــــي ويـــو آ جيـــئڻ تان ارواح هاڻي!


    هي مرڪون، هـي ماڻا ۽ دلــــبا، دلاسا
    ٺڳيءَ جو لڳي ٿو ســـــڄو ٺاهه هــــاڻي!




    گرمين جي موڪــلن کي ڪـــهڙي خــــبر ته هُوءَ
    ائڊريــس فون نمبــر دل تي لکي ڇڏينـــدي!


    تصويـــــرون، ڊائري ۽ ٿيلــهي ۾ يادگيـــريون
    خوشبو ۽ خـط هُن جا روئي رکي ڇڏينــــدي!


    سڀ ٿا چوَن چري آ، ايڏو چـــــري به نـــاهي
    ڇا دوستي ڇڏيندي ڏاڍي ڏکي ڇڏينـــدي!


    مشتاق ڇا ڪيو ٿئي، سڀ ڇوڪريون پڇن ٿيون
    گـهر ڏي به هُوءَ وڃـــي ٿــــي سُڏڪا سکي ڀريندي!


    (يونيورسٽيءَ ۾ اونهاري جي موڪلن دوران لکيل تاثراتي غزل)




    الــــمـــنظر جــــو مــــنــظــر دل ۾
    ســـــــاڻ رهــــي ٿو اڪـــثر دل ۾


    هُن جــــو نالو هُن جـــــــو تــــصور
    سونهن ڪري وئي آ گهــــر دل ۾


    هـــن جــــي پل پل پوڄـــــا خاطـر
    جوڙيم مســـــجد، مـــنـــدر دل ۾


    سُڏڪا روڪي ڪين سگهيو هُس
    دردن جــــو هــــو دفتـــــــر دل ۾


    ٻيـــهر مشــــڪل ملبو سوچـي
    هُـــن کـــي پاتـــم ڀاڪـــر دل ۾





    هــــُوءَ سمــــنڊ ڪــــناري تي ڪــــا سار کڻـــــي آئي
    پر ڪنهن به نه ڪئي هُن جي، دردن جي مسيحائي


    هُو، سمــــنڊ جــــي لهرن ۾ هـــٿ ساڻ وئــــي لوڙهي
    احســـــــاس، اُمنــــگـــــــون ۽ ارمــــــان اڪــــيلائي

    هُن کي به ڪا ڳولا هئي، هُن ڪنهن کي پئي چاهيو
    هُـــــئي هـــــن جــــي خيالن ۾ ڄڻ سمــنڊ جي گهرائي


    هــــُوءَ تارن جــــي، جهرمــــر، هُوءَ منـــد بسنـــتيءَ جي
    هـــــوءَ پــــيار جـي ديوي هئي ڄڻ سنڌ جي هُئي ڄائي


    هُـــوءَ چنڊ جي ڪرڻن جيان آڪاش مان هيٺ لٿي
    هُـــــوءَ سنــــڌ جو نقـــشو هُئي يا شاهه جي هئي وائي


    هــــــن گيـــت مڌر ڳــــاتو مشــــتاق جو مستيءَ مان
    مشتـــاق تــــڏهن کان ٿيــــو هن جــــو به آ شيــــدائي



    (مرڪزي خيال عبدالغفار تبسم)




    محبت کي سمجهي سگهيو تون به ناهـــين
    ڪِرائي جي گهر جــيان پيو ٿو مــٽائــــين

    ڪلهي تي رکي هٿ مون سان گهمين ٿو
    مــــخالف جا جـــــيرا جــــگر ٿــــو جـلائين


    نــــفـــرت عــــداوت، دغــــا بي رُخيءَ جـــا
    زمــــاني ۾ پيــــو ٿو تــــون ڌاڳا ورهـــائـين


    عــــجب پيار تنــــهنجي جـــا آهــن نمـــونا
    ڪڏهن دل تان لاهين ڪڏهن دل سان چاهين


    ڪـــٿي يار مشـــتاق ســــاڳــيو رهـــيـــو آ
    اجـــــايو تون پنهــــنجا قسم ٿــو کــــڻائين




    گَهرُ ڪري ويو آ اسان وٽ تنهنجو اوسيئڙو پــرين
    پيــار ۾ پـــــاڳــــل ٿيو آ جـــــيءُ جو ڳيئڙو پريـــن


    ڀل حجابن ۾ ئي رهه پر رَهه نه مونکان تون پــــري
    پـــيرَ پاڪـــيزه گهـــمائي پاءِ ڪـــو لـــيئڙو پرين


    پيار جي خوشبــو سان پنهــنجو من وِيو آ واســـجي
    رات ڀــــر ٻــرندو رهـــي ٿو ڏات جـــو ڏيئڙو پــــرين


    ڇــــا رکيو آ ويڙه ۽ ڪـــاوڙ ۾ او منـــهنجا ســـڄڻ
    ٿو رَهي وڇـــڙي وڃڻ جو ســـاهه کي ســـيئڙو پرين


    ڇا خـــبر هــــيءَ ڪـــيتري مشـــتاق آهـي زندگي
    ڏيندو تنهنجي منهنجي دل تي موت مانڌيئڙو پرين




    تون ئي منهنجو هٿ پڪڙين ها
    تـون ئـــي دل جـــو دارون ٿين ها


    منــــهنجي نيـــڻن جـــي آڳــر ۾
    مون سان گڏجي ننڊ ڪرين ها!


    توبن منهنجي ڪيئن ٿي گذري
    مونکان منهنجي ڳالهه پڇين ها!


    پـــــيار نه ڏيــن ها پيار نه ڏين ها
    هڪــــڙو ڀيــــرو يار ســـڏيـن ها!


    تــون به کڻـــي مشتاق کي سهڻا
    پنهنجي ڀاڪر منجــهه ڀرين ها!




    جنهن کي چاهيئي سو ملي ويو ٿي چري
    هاڻ چاهــــيندينءَ ڀلا ڪنهن کــي وري؟


    گهــــَر نئــــون زيور نـــوان هــــيءَ زنـــدگي
    عـــشق توکي ڪـــيئن لڳي ٿو آخــري؟


    ڪــوٽ هـــئنگر ۾ پيــــو آهـــــي ائــين
    جيئن ڪري وئي آهين ان کــي اِستري!


    ڇو ٿي سمجهين پاڻ کان مــون کي پري
    تنهنجي ڪمـري ۾ رهــيو آهــيان ٻري!


    مان نٿو سمجهان ته ڪـنهنجو پيــار ٻيو
    ڪَـــرَ ڀريندو منـهنجي ڀاڪر جيــتري!


    قرب جون گهاريل گهڙيون مشتاق ســان
    ڇـــا وســـارڻ آهـه ممڪن ڇوڪــري!






    رنــــگ تنهنــــجا روپ تنهنــــجا او پــــريـــن
    اوپـــرا ٿـــــي ويا اســــان لـــئه ڇـــو پــــريــن؟


    وار کــــولي جيـــئن ٻـــيهــر پــــــي ٻَڌئــــــي
    روح ڦـــاٿـو هـــو ۽ ڦٿـــڪـــيو هـــو پريـــن!


    تـــنهـــنجي روَيَئــــي کـي ڏســي روئي ڏنـــم
    ڪَـــرڻو پــيو سورن ســـان سمجهـوتو پرين!


    تــــون جــــڏهن کان وئين ڇڏي مشتاق کي
    پنهنجو سمجهي ٿو نه مون کي ڪو پرين!
     
  3. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    موجوده ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    زندگي موـسان گذارين ڇـــو نه ٿي؟
    پيار مان مونڏي نهارين ڇو نه ٿي؟


    دوســتيءَ جــي نانوَ تان صدقي وڃان
    ٻيو ڪو ماري پاڻ مارين ڇو نه ٿي؟


    تون چوين ٿي توکي ساريان ڪونه ٿو
    ٿــون ڀلا مــون کي وسارين ڇو نه ٿي؟



    مون کي پنهنجا واعدا ســڀ ياد هن
    پاڻ کــي ســـي ياد ڏيارين ڇو نه ٿي؟


    ڇا چيو هُئي ذهن تي ڪجهه زور ڏي
    پنهنجي ڀرسان اڄ ويهارين ڇــو نه ٿي؟


    دل چوي ٿي ڳالهه توکي چئي ڇڏيان
    منهنجي ننڍڙو گهر سنوارين ڇو نه ٿي؟


    آخـــري ڀــــيرو ملي “مــــشتاق” سان
    ســـانوري هـــن کي سُڌارين ڇو نه ٿي؟



    بارش وســڻ کانپوءِ اڪـــيلا نه ٿي پئو
    سوچيو رُسڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو


    هي چنڊ، هي تارا ۽ نيرو آسمان جو رنگ
    آڌيءَ لـــڙڻ کان پـوءِ اڪــيلا نه ٿي پئو


    چاهيو اوهان ته آءُ هـتان ڀي هليو وڃان
    منهنجي وڃڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو


    سوچيان ٿو پنهنجي جاءِ تي هوندئو صحيح مگر
    ڪــاوڙ لــهڻ کان پوءِ اڪـيلا نه ٿي پئو


    مشتاق جو ته خير آ مشتاق کوڙ ٻيا پر
    هِن جي مرڻ کان پوءِ اڪيلا نه ٿي پئو





    لوڪ سان منهنجي لڙائي ڇا ڪجي؟
    تو بــه ڏاڍي دل ڏکــــائي ڇـــا ڪجي؟


    خوبصــــورت، خــوبرو ڪا ڇوڪري
    وئي آ ڪـــاوڙجي اجـــائي ڇا ڪجي؟


    هُوءَ ڀلي ڪنهن نظم جي عنوان جيان
    ذهن منهــنجي ۾ سَمــــائي ڇا ڪــجي؟


    چنڊ، چـــوڙيون، رنگ، موسيــــقي کڻي
    ۽ اچي ڪـــنهن اک اڙائي ڇا ڪجي؟


    رات ڀـــي ڏاڍو رُنــــو هــــو آســـــمان
    دل به بارش آ وســــائي ڇـــا ڪـــجي؟


    رات پڻ کائي سُتسِ ننڊ جون ٽِڪيون
    پوءِ بــه گهَري ننـــڊ نه آئي ڇا ڪجي؟


    ڊاڪــــٽري، مــــشتاق، بوتـــل ۽ نَشو
    ۽ وري هيـــڏي جُـــدائي ڇا ڪــــجي؟



    الئـــــي ڇــ"ــو مــند ميـــــنهوگي وڃـي ٿي ٽهڪ ٽوڙيندي
    الئــــي ڇـــــو روڳ جــــي موســم وڃي ٿي روح روڙيندي


    الئــي ڇو بنــــد ويٺي آنهين، تـــون کڙڪي کول ڏس ٻاهر
    هوا دل ساڻ دل جــي ڳالهـــــــه تو ســـــان پاڻَ چورينـــدي!


    اسان توڏي مُـــــڪي آهـــــي ســــــڄي خوشــــبوءِ دنيا جي
    ڪُلئـي ڪائنات جـي سرهاڻ، مرڪون مند گهوريندي!


    توکــــي ڪــهڙي خبـــــر ڇا ٿا، ســـــتارا چــــنڊ سوچن پيا
    وڃي ٿي سونهن تنهنجي ئي سڳي سڪ جي کي سوريندي!


    تنهنـــــجي هر هــڪ ادا آهي اسان لئه چال شـــــطرنج جي
    وڃــي ٿي جُســــتجو وڌنـــــدي وڃــي ٿي جيءُ جهوريندي!




    ســـڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين
    مگر پوءِ به توسان نه ڪاٿي ملياسين


    جــــڏهـــــن ياد آئي اوهان جي اسان کي
    ته ٻــــارن جيــــان پــــاڻ ڏاڍو رُناســــين


    اسان ڳوٺ جا هونــئن به رولاڪ ماڻهو
    نه تنهنجا ٿياسين نه ڪــنهنجا ٿياسين


    وڌي چاهتــــن سان ويا وير ليــــڪن
    اســــان محــــبتن جا مسافر بڻياسـين

    مــــري وينـــدو مشتاق پوءِ کوڙ چوندا
    اڙي ڇا لاءِ مشتاق کي ڏک ڏناسين؟





    اســــان جي التـــــجا اها اســــان کي مـــــنهن ڏيکار جو
    اســــان مـــري وڃئــــون ته پو ٻــــه چار لڙڪ هار جو


    اسان جي روح کي متـــان سُڪون ڪجهه ملي پوي
    اچي ا لاش جي مٿان گـــهڙي ســـــوا ته گهــــارجو


    اوهان جي شهر ان گهڻيون اسان کي رنجشون مليون
    اوهــــان انهيءَ تي اوپرين ڌيــــان ڪــــجهه تـــه ڌارجو


    اســـــان کــــي ياري دوســـتي عزيـــز آ گهڻــــي صنم
    اســـــــان کي دشمــــنن اڳيان ميـــارون ڏئي نه مارجو


    اوهــــان کــــي ٿورڙي گهڻي اسان جي گهُرج جي پوي
    ڀـــــــلي قــــبر مـــــنجهان به پوءِ ســـــڄڻ سڏي اٿارجو



    (مرڪزي خيال شيخ اياز)





    منهنجي دل مان نٿا نڪرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو
    اڃـــــا تائين نٿــــا وســـــرن مـــــٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


    اچن ٿا جي اُٿي بيهـــون وڃـــــن ٿا جي نٿا ويهون
    گهٽيءَ مان جيئن ٿا گذرن، مٺـــا ماڻهو مٺا ماڻهو


    ٿين ٿا گهور پوپٽ گل، هوا، خوشبو ۽ ڦلواڙيـــون
    صبح سان جــــيئن ٿا اُســـرن مٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


    گلابن جي کڻي خوشبو، هوائن ساڻ نڪـــتا ها
    چمن ۾ چنڊ جيان اُڀرن، مـــٺا ماڻهو مٺا ماڻهو


    آهي مشتاق پوڄاري حُسن ۽ سونهن جو هـــر دم
    اندر مان ڪين ٿا اُترن مٺـــا ماڻهو مــــٺا ماڻهو!!




    هُن چــــيو آهي وســــاريان کيس مان،
    دل چــــوي ٿـــي ڇـــو نه ســـاريان کيس مان؟


    خــــواب نيڻن ۾ رکـــي ويئــــــي هلي
    پيــار مان ويٺــو پڪاريان کيس مان!


    چنـــڊ تارا هلــڪي هلــڪي روشني
    لـــڙڪ هاريـــان ۽ نهاريان کيس مان!


    واعدا، ڳاــــلهيون، قســـــم اقرار سي،
    ڪهڙا ڪهڙا ياد ڏياريان کيس مان!


    اڄ به ســـاڳيو پيــــار جـــــو آ سلسلو
    اڄ به ساڳيو ٿو سنڀاريان کيـس مان!




    گـــل کي تـــون چيڀـــاٽين ڇو ٿو
    گـــل کـــي تون چيٿـــاڙين ڇو ٿو؟


    گل جو واس ڪيئي جُڳ رهڻو
    سـونهن هٿن سان ساڙين ڇـــو ٿو؟


    پوپـــٽ جهـــڙي پـــيار کي موڳا
    آخرڪــــار اجــــاڙيـن ڇـــو ٿو؟


    سنڌ پرستي، ســـونــهن پرســــتي
    چاهه چتا تي چاڙهـــين ڇــو ٿو؟


    مُصور ڪيڏي پيار مان جــوڙيو
    نقــشو ســـنڌ جو ڦـــاڙين ڇو ٿو؟





    دل لڳي ۽ درد جـــــو پنهنجو مزو
    دوستي ۽ درد جــــو پنهنجو مـــزو


    مون زماني ۾ خوشيون ڪافي ڏٺيون
    پر خوشي ۽ درد جو پنهنجو مـــزو


    ڪير چاهيندو، پَري دلـــبر هجي
    عاشـــقي ۽ درد جو پنهنجــــو مزو


    هُن مُڪي سالن کانپوءِ هڪڙي چٺي
    اُن چــــٺي ۽ درد جو پنهــنجو مزو


    هُن ڏني هئي سال اڳ ۾ جا مِٺي
    تنهن مِٺي ۽ درد جو پنهنـــجو مزو




    پکـــــي ويا اڏامي فضـــــــائـون ٿيــــون ڦٿڪن
    ڏســـــــي باغ خالي نگاهـــــون ٿـــــيون ڦٿڪن


    آبـــــــاد رســـــــتن کـــــــي ويـــــــران ڏســـــندي
    پرينءَ کي پَسڻ لئه پڇائون ٿيــــــون ڦٿــــڪن!


    هــــتان هُن جـــــو هاڻــــــي گـــــــذر ٿيڻو ناهي
    ٻُڌي اهڙيون ڳالهيون دعائون ٿيون ڦٿــــڪن!


    وري گـــــل ٽاريــــــن ۾ شــــــــايد نه ٽـــڙنــــــدا
    رابـــــيل رُت ۾ ڪــــي راهون ٿيون ڦٿڪن!


    الئه ڪنـــــهن فضــــــا ۾ ڪا بنـــدوق ڇوڙي
    سنــــڌڙيءَ جـــــون اڄـــــڪلهه صدائون ٿيون ڦٿڪن!


    لڳــــي ٿو ته ڪــــنهن ســينڌ سنڌوءَ جي ڊاٿي
    وري ڪهڪشان ۾ ڪٿائون ٿيون ڦٿڪن!


    وڏا گــــڏ رهڻ جــــا وچن ڪــــي ڪــــيل ها
    وري قـول واعدا وفـــــائون ٿيــــون ڦٿــــــڪن!


    مــــلن شال مشـــــــتاق جو مـــــرض گهـٽجي
    دُکي دل دُکي ٿي ۽ دانهون ٿــــيون ڦٿــــڪن!



    ايتـــــرو ويجــــــهو نه ڪــنهن کي آڻجان
    وقـــــت، دنيــــا ۽ وفـــــا کـــــي ڄاڻجـــــان


    پيار ڏِئي، پوڄا ڪري جهيڙي کان وَئون
    تَنهـــــن جـــــي آڏو تون نه سيــــنو تاڻجان


    ٻير ڳــــاڙها، انـــــب ۽ ليـــــمان، ڄَــمون
    ڇاپـــــڙن سان تــــون نه ڇوڪر ڇاڻجان


    سانــــوڻيءَ جي مُند، ڪَڪريون وَس وَســان
    دل نه وارن جــــي وڪـــــڙ سان واڻجان


    هــــــا ضـــــروري آ رڳو مشــــــتاق ئــي
    کوڙ ماڻهو پــــر نه ڪــــنهن کي ماڻجان




    موصل، ڪِرڪَڪ ۽ بصره تي رات به ٿي بمباري آ
    ڪيڏي اسان جي اَمريڪا سان پوءِ به گهاٽي ياري آ


    ڪالهه قنڌاري ماڻهو ماري، هيل چِڙيو بغداد مٿان
    ائيـــــن لــــڳي ٿو ظالـــــم درنده لاشــــن جو واپاري آ


    معصومن جا لاش به چِـــچريا، مائرون پڻ معذور ٿيون
    جنگ جُنوني ماڻهــــن جي افــــسوس امن لئه جاري آ!


    هــــوش اُڏائيــــندڙ حَمــــلن سان، انســـاني نقصان ٿيو
    وحشــي ماڻهوءَ دهشـــت واري دل الئــــي ڇو ڌاري آ!


    دوســـــت چون ٿا هـــــاڻ عراقين پويان پنهنجو وارو آ
    هو به چون ٿا ديس اسان جـــــو ڏاڍو ڪو ڏوهاري آ!


    روز پڙهــــــي اخبار صـــــبح جو روئي ٿو مشتاق پوي
    ننڍڙن ٻارن جي ذهنن کي ڌڪ لڳــــو ڪـــــاپاري آ


    (عراق تي 2003 ۾ آمريڪي حملن کان پوءِ لکيل)





    دل چــوي ٿي آڱرين ســــان تنهــــنجي ذُلفن کي ڇُهان
    دل چوي ٿــــي تنهنجــــي پيرن جي ڪا پايل ٿي پوان


    دل چـــــوي ٿــــي مان وڃــان تنــــهنجي اندر ۾ اوتجي
    ۽ بخاريءَ جـــي غزل جـــي ڪابه سُندر سٽ هجــــان!


    دل چـــــوي ٿــــي مـــــان نگـــاهن جي نشي ۾ چُور ٿي
    چــــنڊ ســـان گڏجــــي رُلان ۽ روز پيـــــو تو وٽ اچان!


    دل چوي ٿي منهنجي سندر خواب جي ساڀيان هُــجين
    آءٌ تنهنـــــجي ذهـــــن ۾ پيهــــي وڃان ويــهي وڃــــان!


    دل چــــوي ٿي خيرپور جــــي شهـــر ۾ تون جي اچــين
    خيرپور جي شهر جي هر هڪ گهٽيءَ ۾ گـــل ڇٽيان!




    درد پـــــيــــــــــڙا ۽ رات تنـــــهائي
    ننـــــڊ منــــهنجي تو نيٺ چورائي


    يادگيرين جـي ڳــــوٺ ۾ مـــــاتم
    دل جـــــي لٽـــجي وئي آ باشــــاهي


    سوڳُ ئي سوڳ زندگي پنهنجي
    هاڻ کائي ٿي هــــيءَ اڪـــيلائي


    هــــيءَ دنيا حســــين آهـــــي پــر
    سنڌ جي ڪنهـن مٽي جُدا ٺاهي


    ڏاڍو مــــشتاق ڏاهو مــــاڻهو هو
    هاڻي ٿي پيو آ ســــو به ســــودائي






    ٺــــوڳـــي دنـــيا روڳي مَنـڙو
    پنـهنجو جيون جوڳي مٺــڙو


    هـــن کي ليـــکي يار نٿـــو پــر
    پاڳـــل پنهــنجي پـوڀي مَنــڙو


    هر هـــڪ در تي روز رُلي ٿـو
    منـــهنجو موڳو مــوڀي مَنڙو


    پـــاڻ لغڙ جان ڪاٽا ٿياسين
    ســـــانوڻ رُت ۾ ســوڳي مٺڙو


    شايد هــٿ ۾ لاٽ کڻي ڪا
    جـرڪــائيــندو جوتي مَــنڙو




    ســـو جيون ڀــي ڪهڙو جيون جنهن ۾ تنهنجي سار نه آهي
    سو سانوڻ ڀي ڪهڙو سانوڻ جنهن ۾ مينگهه ملهار نه آهي


    منهنجي دل ڪنهن گهايل پنڇيءَ وانگر زخمي زخمي آهي
    منهنـــجي دل دردن جو دفـــتر تــــوکان بلـڪل ڌار نه آهي


    ساڳيون چوڙيون، ساڳي چُنري، ساڳيون مُرڪون ساڳيا ماڻا
    ساڳي موسم ليـــڪن منــد ۾ توبن ڪا مهــــڪار نه آهي


    درد وڌي ويو، دارون توبن، دل وارن جو ڪــــنهن وٽ ناهي
    رُت بســــنتي، روڳي منــــڙو چــــين اســــان وٽ يار نه آهــي


    پنهنجو مذهب پيار محبـــت. پنهنجو مذهب سونهن پرستي
    ڌرم اســــان جو ڌرتي مـــاتا، دل کي ٻــــي درڪـــار نه آهـي



    چنڊ سان گڏجي گهمين ٿي رات جو
    واءُ سان گڏجي رُلي ٿي رات جو


    هُن کي يادن آ ستايو ايترو
    سوچ ۾ ڪاٿي سُمهين ٿي رات جو!


    خط پُراڻا، ڦوٽو ۽ چٺيون کڻي
    چاهه مان هر هر چُمين ٿي رات جو!1


    هن پدمڻي ڇوڪريءَ کي ڪو ته چئي
    باهه جا پيرا کڻي ٿي رات جو!!


    دل ته هن جي ٿي وئي مشتاق سان
    روز هِـــتڙان ٿـــي وڃي ٿي رات جو!!



    چـــون ٿا ته ڏاڍو گهــــڻو پــــي وياســين
    پيتو ين ته پنهنجي نه وس ۾ رهياســين


    چون ٿا ته هن جو ذڪر جئين نڪتو
    مٺــــو نالو ٻُڌنـدي ئــــي روئي پيـــاسين!


    گــــلابي گــــــلابي بـــــدن يــــــاد آيـــــو
    اسان جنهن ان هـر روز ملـــندا هياسين!


    رُلياســــين رُلڻ جـــــا بــــه الـــــزام آيــــا
    رُناــــسين ته ويتــــر ئي بدنام ٿياســــين!


    ڀلا ڪـــير مشتاق سمجهائي جڳ کي
    اسان ڪـنهن جي زلفن جا قيــــدي بڻياـــسين!



    عـــبرت، ڪـــاوش، شـام ٽنهين ۾
    ڪــالهه پڙهيو مون ننڍڙو ڪالم


    ايمــــبولنـــس مان لاش لٿو ۽
    گــــهر ســاري ۾ ئي ويو ماتم!


    هــــاءِ حــــياتي ٿـي وئي پوري
    هُن کي پيار مان ڀاڪر پاتم!


    ڀـــيڻ، امڙ ۽ ڀــاءُ ٽنهـــــين جـا
    پانڌَ پُســـي ويــــا، ٿي ويا پُرنم!


    هُو ته گهرڻ ويو پاڻيءَ ڍُڪڙو
    سنــــڌ جـــو عاشق، ارڏو آدم!


    نيــٺ مٽيءَ کي مٺڙيون ڏيئي
    ڀاڪـــر پائي ڏينـــدو ويو دم!


    (سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي شهيد ٿيل نوجوان عبدالحق ميراڻيءَ جي نانءِ)




    چپن جي ريشمي خوشـــبو اکين ۾ پيار اوتي وئي
    اسان جي روح ۾ محبت سنـــدو سنسار اوتي وئي

    ڪــــا ڳوٺاڻي ڳهيــــلي، ڇوڪري ڀاڪر جي گرميءَ ۾
    سُنـدر ڪو ســــونهن جو سپـــنو ۽ اقرارُ اوتي وئي


    لفافو، خط، ڦوٽو ۽ ٻه ٽي ڪــــي فون تي جُمـــلا
    الائي ڪـــــيترو اونهو، عــــجب اســـرار اوتي وئي


    اکين جو شعـــاع، گهَري گهُور ۽ تابش نگاهن جي
    اچي ”مشتــاق“ جي من ۾ نئون تڪرار اوتي وئي



    ڪنــــهن اپســــرا جي اُڻيــــل ڄار ۾
    نيــــٺ ڦاســــي پـيو ڪو نئين دار ۾


    التـــجـــــا، آرزو، انتـــــظــاري ۽ غـــــم
    دل لڳي ئي نٿي ڪنهن به ڪم ڪار ۾!


    ڄامشوري جي ڀاڪر ۾ دل چاڳلي
    اڙجـــي، ازخـــود اچـــي ويئـــي آزار ۾!


    اڳ ته شهرين جي نظرن ۾ معزز هيو
    هاڻ ساڳيو رهــيو ناهـــي سنــــسار ۾!


    ڪــير مشتـاق ماڻهن کــــي ســـامهون چئي
    ڇـــو ٿا نـــفرت جــــون ڳالـــهيون ڳـڻن پيار ۾!




    هُن جيـــئن ڏٺو مـــرڪي، هُن جيئن ڪيو ماڻو
    هُوءَ سمـــنڊ جــــي پاڻي ۾ ڄڻ باهه کي ٻاري وئي


    هُـــن ٽهـــــڪ ڏنا جيـــڪي ڪلهه ٽاڪ منجهند ڌارا
    ڄــــڻ برف جي پاڻـــــيءَ کي باهه تي هــــاري وئي


    هــــن سمنڊ ڪــناري تي جيئن پير رکيا پنهنجا
    ڄڻ سمــــنڊ جي لهرن کي سُرســـاز سيـکاري وئي


    ڪــلهه شام ساهـيڙن سان هُـن راند پئــي کيڏي
    هـــوءَ باغ جي گُلــــڙن کي نئين جوت ڏيارَي وئي


    ڪــــلهه رات ڏسي هُن کي چنــڊ هيٺ لهي آيو
    هوءَ چنڊ جي چهري ۾ ڪو عڪس اُتاري وئي

    هـــــن گيـــت وڇـــوڙي جا ڪـــــي درد ڀريا ڳاتا
    آواز سُريلــــي سان ڪَــــئي شخــــص روئاري وئي



    سـانوري ڪـنهن شا م جهڙي ڇوڪري
    جـــرڪندڙ ڪـــنهن جا م جـــهڙي ڇوڪري


    مـــان ڪـــيان تعريف هُن جي ڪيتري
    هــــوءَ حقيــــقي هام جهــــڙي ڇوڪري


    هـــن جي مُرڪن تي سوين موتي مڙهيل
    کـــير، کنــــڊ، بادام جهـــــڙي ڇوڪـري


    هـن جي چهــــري ۾ نگاهون چنڊ جــــون
    عـــشق جــــي انعام جــــهڙي ڇـوڪري


    ڄامـــشوري جــــي هوا جـــــهڙي سُٺـــــي
    عــــيش ۽ آرام جهـــــڙي ڇـــــوڪــــري


    روز هـــــن جـــي سونهن کي سجدا ڪجن
    هُــــــوءَ ولي ۽ رام جـــهڙي ڇــوڪـــــري


    ڪيئن ڀلا ”مشتاق“ کان وســـري سگهي
    پـــــيار جـــــي پيـــــغام جهڙي ڇوڪري



    اسان چــوڙين جــــي ڇَن ڇَن تي وري مدهوش ٿي پياسين
    چــمين جـــي پاڪ پيغــان تي وري مدهوش ٿي پياسين


    مٿــــــئين چَپ ۾ هڻي چــــڪڙو، غضب جي گُهــور جو پاتئــــــين
    تَڪــــڻ وارن طريقــن تـــــي وري مـــــدهوش ٿي پياسين


    پشــــم جهڙي ســــندر چهــري تي وارن جي ڏسي کيچل
    ڪِري ســـجدي ۾ قدمــــن تي وري مدهوش ٿي پياسين


    بخــــاري، تاج، بــــــيوس ۽ اســــان تنــــــوير جــــــا پوئلڳ
    گــــلابي تن جي گيــــتن تي وري مدهوش ٿــي پياســــين


    عـــجب هُن جـــــي ادائن تي، تکيـــــــن ترڇـــين نگاهن تي
    سنـــدس نازن ۽ نخــــــرن تي وري مـــــدهوش ٿـي پياسين


    غــــزالي ڇـــــوڪري گُذري هتان، مــــشتاق سڀ ماڻهو
    ســــندس جواني ۽ جــــــوڀن تي وري مدهوش ٿي پياسين





    ٻُڌو آ تـــه تــــو ســــڀ سنڀــــالي رکـــيـا هَن
    اســــــان گيــــــت جيـــڪي اماڻيا خطن ۾


    جـــــــهونگاري جهونگـــاري روئـــي پوين ٿي
    ڀِــــڪــــوڙي ڇــــڏين ٿـــــــي تـــــون تــن کي چپن ۾!


    ڊڄيــــن ٿي ساهيڙيون نه ڪَن ڳالهه ڪنهن سان
    نپــــوڙي ڇـــڏيـــن ٿي تون پڙهندي هٿن ۾!


    اســــان بــــس وياســــين ڪمائي ڪمائي
    رهـــــون ٿا ســـــدائين تــــو ســان واسطن ۾!


    وڏو آهــــــه اعـــزاز مــــــــشتاق جــــــي لئه
    ســـدا ڳــــائـــجي ٿــــو اوهان جــــي سَٿن ۾!



    ڳَلـــــــــــــــڙن آڳر تي چـــــــــپ نچــــن دل ٿي چوي
    نيـــــڻن جـــــــــــــــي در تي چپ نچـــن دل ٿي چوي


    شــــــــــــــــام، صبـــــــــــــــــــــــــح ۽ رات جــــــــــــــــــــو
    ڇـــــــــــــاتيءَ پــــــــــــڌر تي چـــپ نچن دل ٿي چوي

    سيـــــــــنڌ، ســــــــــــــــــڳيءَ چـــــــــــــــــــــولي مـــــٿان
    ڀرت ڀــــــريل ڇُر تي چــــــــپ نچـــــن دل ٿي چوي

    روز هــــــــــــــــــــــــوا جــــــــــــــــــــــــــــــــــــي روپ ۾
    هــــــن جــــــــي چرپر تي چـــپ نچن دل ٿي چـــوي


    رات چـــــمــــــــيــــن جــــــــــــي مــــــــــيـــــــنـهـــن ۾
    هڪ هڪ ڀاڪر تي چپ نچن دل ٿي چــوي


    تـــــــــون، مـــــــــــــــان ۽ چــــــــــــانـــــــڊوڪـــــــــيون
    مـــــرڪـــــــن منـــــظر تي چپ نچن دل ٿي چوي



    دل لــڳيءَ کي مـــــذاق سـمـــــجهن ٿا
    دوســــتيءَ کي مـــــذاق سمـــــجهن ٿا


    هُو نه ملندو ته جي نه سگهــــنداسين
    خــــودڪشيءَ کـي مذاق سمجهن ٿا


    ڪنهن نه سمجهيو ته عشق ڇا آهي
    عاشــــقيءَ کــــــي مذاق سمــــجهن ٿا


    سڀـــني شــاعر ڏي آڱريون پي کنيون
    شاعــــريءَ کـــــــي مذاق ســـمجهن ٿا


    مڙس ڪنهـنجو سهاڳ رات ڪُٺو
    زندگيءَ کــــــــــي مـــــذاق سمجهن ٿا


    ڪوڙي غيرت اڳيان، هو عورت جي
    هــــــر خوشــــيءَ کي مذاق سمجهن ٿا


    دل کـــــي ٽوڙڻ خراب ڪـــــــــيڏو آ
    دل ٽُٽيءَ کــــــــي مـــــذاق سمجهن ٿا


    ڳـــــــالهه ننــــڍڙيءَ تي خون هيڏا ٿيا
    دشمــــــــنيءَ کي مذاق ســـــمجهن ٿا


    ماڻهــــــــــو مشــــــــتاق جي اڃا تائين
    سادگـــــــــيءَ کي مذاق ســـــمجهن ٿا.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,834
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    ادا حاڪم سلام

    هي شاعري سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي ڪتاب ” دل ته چوي ٿي “ تان ورتل آهي۔ هي شاعري سنڌي ڪتاب ويب سائيٽ وارن آن لائن ونڊ ڪئي آهي۔

    هتي شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال __ نظم (حصو پهريون )

    نظم

    ٻُڌو آ ته

    چون ٿا ته ستارن جي جهول

    ۽ گُلن جي ٽوڪري ڀَري

    صبح کان هُوءَ گهران نڪري وئي آ

    ٻُڌو آ ته

    ڄاڱري ٻيرن جا وڻ ۽

    ٻٻرن جو ڪو ڇو وڪڻي

    ستارن جي جهول ۽

    گلن جي ٽوڪريءَ سميت

    هن جي مجبورين کي

    ڪنهن اڻوڻندڙ شخص

    ٻنپهرن لاءِ خريد ڪري

    پاڻ کي پيار جي راند ۾

    چيمپئن قرار ڏياري ورتو آهي

    چون ٿا ته

    ان سؤدي جو ٻُڌي

    شاعر جا لفظ

    غم جو ڪارو ويس پائي

    پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ

    بازار مان مايوس ٿي موٽيا آهن!!

    ٻُڌو آ ته

    اهوئي شاعر

    ڇڻيل پنن تي

    پنهنجن اکين جا ڳوڙها اوتي

    دل جي باغ کي

    سرسبز ڪرڻ جي جستجوءِ ۾

    اڃا به لڳو پيو آهي

    ته من سندس ڏات

    وڪامجڻ کان بچي پوي







    اچ ويهه منهنجي ڀرسان



    منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ تي

    ڇرڪي پَئينءَ، ڇا تون؟

    اقرارُ هي ڪرين ٿي

    تنهنجي ذهن، دل ۽ ننڍڙي دماغ ۾

    ڪي پيار واريون ڳالهيون

    ڪنهن خوبصورت خيال جيان

    اوتجي نه ويون هن؟

    سچ ٻُڌاءِ سجني

    منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ سان

    ڀوري، ناسي بدن ۾

    ڪا برقي لهر ڊوڙي؟!

    ڪا چڻنگ، آڳ، ٽانڊا

    ڪاوڙ، غصو، ڪراهت!

    يا پيار جو تصور؟

    سچ ٻُڌاءِ سجني

    محسوس ڇا ڪيو هُئي؟

    تون ٿورڙي گهڙيءَ لئه

    پنهنجون اکيون ته بند ڪر

    ۽ ڏس ته ڪنهنجون آڱريون

    ڪيئن ساز کي ٿيون ڇيڙن؟

    مکڙي جا بند پئي آ

    ڪيئن ان کي اڄ ٿيون ٽيڙن؟

    ۽ پوءِ چپن جي گرمي

    تنهنجي اکين ۾ اوتي

    ڪو گيت نئون ٿو ڇيڙي

    ها سونهن ٿو سهيڙي

    او گلبدن او گُل پري

    بند نيڻ ڪر ته مان

    نيڻن ۾ رات ترسان

    اچ ويهه منهنجي ڀرسان

    اچ ويهه منهنجي ڀرسان






    ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي



    تون، مان، ڪمرو وچ تي ٽيبل

    ديوارن تي ڪجهه تصويرون

    Wall clock ۽ سهڻا پردا

    ٽيبل تي ڪجھ وکريل ڪاغذ

    ڪاريڊور ۾ ماڻهو، اچ وڃ

    هر هر فون جي هلڪي گهنٽي

    ۽ ڪي Intercom تي نياپا

    توکي مونکي Distrub ڪن پيا

    پر...

    پوءِ به اسان دنيا کان عاري

    پنهنجي دنيا ۾ گُم آهيون!!

    هلڪي نيري Dress بدن تي

    نيل گگن جو ڏيک ڏئي ٿي

    ۽ تون سوچين ٿي ڄڻ تنهنجو

    سالن کان مان واقف آهيان!!

    تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڳالهيون

    ڳالهين جو موضوع به نرالو

    ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان محبت!!

    ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان نفرت

    تنهن ڏينهن تنهنجن نيڻن ۾

    مون اونهو گهرو سمنڊ ڏٺو هو

    سمنڊ به اهڙو جنهن جون لهرون

    لوڙهن ٻوڙن تن جي مرضي

    ها پر، تو محفوظ ڪيو هو

    منهنجو تصور پنهنجي دل ۾

    ۽ مون تنهنجو عڪس ڇڏيو هو

    ذهن جي پردي پويان اوتي

    پيار مڌرتا محبت وارو

    عشق الستي الفت وارو

    ۽ ها آخرڪار بحث جو

    توئي تَت ڪڍي ورتو هو

    ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي

    ها ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي






    هي آواره، لوفر سپنا



    دروازي کي بند ڪرين ٿي

    مان ته کڻي موٽي به وڃان پر

    هي آواره، لوفر سپنا

    ڪاٿي مُڙندا، موٽي ايندا؟

    سپنا جو ٿيا!!

    سي به وري آواره، لوفر

    رولو، ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا

    لوڙها ٽپندا

    ڪوٽ به ٽپندا

    سيءُ به کين نه ساڙي سگهندو

    ڪير به کين نه واڙي سگهندو

    هي آواره، لوفر سپنا

    جن کي پير، نڪوئي کُر آ

    جن جو هڪڙو ئي مقصد آ

    تنهنجي پيرانديءَ کان بيهي

    تنهنجي سيوا چاهن ٿا

    توکي ڏاڍو ڀانئن ٿا

    سي آواره لوفر سپنا

    مونکي ڏاڍو پيارا آهن

    مان ته کڻي موٽي به وڃان ٿو

    پر هي آواره ۽ لوفر

    سپنا ايندا رهندا تو وٽ

    سپنا جو ٿيا!!

    سي به وري آواره، لوفر

    رولو ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا






    ڇا ٿي سوچين؟



    مون گاڏي آفيس جي آڏو

    روڪيندي محسوس ڪيو هو

    دروازي تي بيٺل ماڻهو

    ڊرائيور، چوڪيدار ۽ مالهي

    مون کي ڏسندي ڇرڪي پيا هيا

    ۽ تون بالڪنيءَ مان بيهي

    مون تي مُرڪي گل ڇٽيا ها

    ۽ مون پيار مان تنهنجي ڳل تي

    هلڪي هلڪي ٿڦڪي هڻندي

    توکان هڪڙو سوال پڇيو هو

    خوش آهين؟ يا......!!

    ۽ ها تنهنجو Boss ڪٿي آ

    ڇا ٿي سوچين؟

    ڏسي وتئين ته

    ڇا سوچيندو؟!

    ۽ تو ڌوڻي ڪنڌ چيو هو

    منهنجي باري ۾ ڪو ماڻهو

    ڇا ٿو سوچي؟ ان جي مرضي!!

    منهنجو اُن سان ڪهڙو ناتو!!

    ڏاڍو ٿڪجي پيو هوندين تون

    ويهه ته گڏجي چانهه پيئون ٿا

    سچ پچ مون کي حيراني ٿي!

    ڊڄڻي هرڻي تنهنجي دل ۾

    ايڏو پيار اهو به مون لئه!!






    پکي



    ڍنڍ تي لهندڙ پکي

    ڍنڍ ۾ ترندڙ پکي

    ڏس ڪنڊيءَ جي لام تي

    شام جو لُڏندڙ پکي

    ۽ پرينءَ جي پارڏي

    صبح جو اُڏندڙ پکي

    ڪيترا، سهڻا سٻاجها ٿا لڳن!

    ڪيترا ٿا پيار وارن کي وڻن!

    او مسافر ٿورڙو سوچي ته ڏس:

    پنهنجي دل تي هٿ رکي انصاف ڪر

    پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!

    پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!






    ڪربلا ۽ سنڌ



    رُڃ سختي سُڃ پياسو قافلو

    ۽ وري برسات تيرن جي مٿان

    هِن انوکي درد کي ڪاڏي ڪجي؟

    ۽ ٻُڌايو هي ڪهاڻي پورجي آخر ڪٿي

    جنهن سڄي ڪائنات کي جهوري وڌو

    رات ڇا هي؟ ڏينهن ڀي ڪارو وڳو

    پائي حُسيني غم ۾

    هاءِ لُڙڪن کي نه روڪي آ سگهيو!!

    آسماني بوند جا پڻ، ڏار رستي ۾ ڀَڄي پيا!!

    ڪير چاهيندو ته، ننڍڙن ٻارڙن کي

    کير ڇا؟ پاڻيءَ جو ڍُڪ ئي نه ملي!!

    ڪربلا واري قصي تاريخ کي ٺاهي ڇڏيو

    تاريخ ٿي پٿر هَڻي، پئَي شِمر جي ٻوٿ تي

    درد جو شايد ته ساڳيو قافلو

    اڄ به ماتم ٿو ڪري

    سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ روهڙي بازار ۾

    ۽ وري ”سَينگار“ جي آواز جي ساڳي جُنبش

    پُل کي پئي ٿي لُڏائي!!

    ڪلهه به پاڻي ڪونه هو، اڄ به پاڻي ڪونه آ

    هن قصي کي هندو مومن، سنڌ جا ماڻهو سڀئي

    هڪ ٿي سوچن پيا

    ڪربلا ۽ سنڌ جو، آهي قصو شايد ڳنڊيل!!



    (سنڌ جو سريلو راڳي، سينگار علي سليم)






    هڪڙو سُندڙ خواب



    شام وڻن جي آڳر ۾ نيرا نيرا خواب اُڻي ٿي

    ۽ هُو ڪيڏو ڏور، پري کان ڏُور

    الائي ڪاٿئون ڪاٿئون؟!

    ٿَڪ ڀڄڻ لئه سَڀ پکيئڙا موٽن ٿا

    رات ٺرڻ کان پوءِ نه چُرپر ڏارن ۾

    گُڙ گُڙ جا آواز، ٻچا ۽ آکيرا

    وڻ جي سنهڙي لام جي بستر تي ليٽي

    هڪڙو سُندر خواب ڏسن ٿا

    ڪويل جو آواز، ڪبوتر جا ٻچڙا

    ڳيري جي ڳٽڪار ۽ جهرڪين جي چُڻ چُڻ

    ڪنهن به گُليلي، گوليءَ جو ڪِٿ کاڄ نه ٿيا

    ننڍڙن ننڍڙ پڃرن جا سڀ سوڙها دَرَ

    جئين کُلن ٿا

    ڀَڙڪا ۽ آواز، اُڏارون تترن جون

    گم ٿيل سنڌ جي قيدين سان گڏ

    پنهنجي پنهنجي ماڳ پُڄن ٿيون

    ۽ پوءِ باک کڻي ٿي هٿڙا

    ڪو به شڪاري، ڪوبه نه ماري شال رهي

    ڪوبه نه جيئري ايڏا سارا سور سَهي

    ڪوبه نه سنڌ جو سهڻو ماڻهو قيد ٿئي.

    (سنڌ جي گمنام قيدين جي نانءُ)





    زندگي



    سوچ پنهنجي سانوڻيءَ جي مينهن ۾ ڪُڏندي رهي

    سوچ پنهنجي ساروڻين جي باغ ۾ لُڏندي رهي

    هو نه آيو بي رُخي ۽ بي چسي دنيا لڳي

    شام جي نيڻن ۾ ڄڻ ڪا آرزو ٻُڌندي رهي

    زندگي جيڪا هُئي، رنگين شيشن جو محل

    زندگي جيڪا هُئي رابيل، موتيو ۽ ڪنول

    زندگي ڄڻ هُئي، ڦُليليءَ جي ڪپر تي ڇانورو

    زندگي ڄڻ هُئي، پرينءَ جو رنگ سهڻو سانورو

    هو نه آيو دل جي آڳر ۾ سوين ٿوهر ڦُٽا

    ڪربلا، هيروشيما، بيروت ٿي وئي زندگي

    پنهنجي ميرانجهين اکين ۾ عڪس ڪي آيا تري

    ريل جي پٽڙي، سمنڊ جون لهرون، پسٽل، خودڪشي!!

    پر وري هن جي چيل لفظن ڏنو هو حوصلو

    “مشتاق” منهنجو ٿي قسم، مون کي نه ايڏو سارجان

    زندگي آهي ڏکي پرپوءِ به خوش ٿي گهارجان

    زندگي آهي سراسر سونهن جو هڪ مُجسمو

    زندگي آهي برابر، پيار محبت، دوستي

    پر اڃا ڀي زندگيءَ جا کوڙ پهلو هن ٻيا

    زندگي آهي، امن ۽ آجپي جي راڳڻي

    زندگي آهي دلين جي راضپي جي راڳڻي

    جهور پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي

    ۽ جُهريل ڪنهن جيءَ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي

    بيوسي، لاچارگيءَ ۾ ڪم اچڻ آ زندگي

    ڪنهن دُکي دل جي مٿان مرهم رکڻ آ زندگي

    معصوم جي ڪنهن مرڪ کي تحفظ ڏيڻ آ زندگي

    ڪنهن به قومي ڪاز« لاءِ مُرڪي مرڻ آ زندگي

    لفظ هن جا هي چيل ياد آيا جيئن ئي

    سوچ پنهنجيءَ ۾ نئون ڪو ساهه ويو هو ڦوڪجي

    سوچ پنهنجي ۾ نئون ويساهه ويو هو ڦوڪجي

    سوچ ٻيهر سانوڻيءَ جي مينهن ۾ پسندي وتي

    سوچ هر هر چاهه جي لامن مٿان لڏندي وتي







    چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان!!



    چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان

    چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان

    اوپياري اوپياري او دنيا کان پياري!!

    چوين ٿي ته مان دل جي ويرانَ مندر ۾

    نَڪِي گل پوکيان نه خوشبو ئي ڇڻڪيان

    چوين ٿي ته بس شهر جي گوڙ وانگر

    حياتيءَ جا ڏينهن باقي گهاري ڇڏيان مان!

    ها جڏهن دوستيءَ جو نَڪو نانءُ رهندو

    نه ئي پريت هوندي نه ئي پيار هوندو

    نه اقرار هوندو، نه انڪار هوندو

    تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!

    چوين ٿي ته توکي نه پوڄيان نه پايان

    نه تنهنجو سڏايان نه توکي ئي چاهيان

    چوين ٿي ته پاليل پکي پيار وارا

    اکين جي اڱڻ مان اُڏاري ڇڏيان مان!

    ها! جڏهن چنڊ جي چاندني ڪير روڪي

    ۽ واءُ مينديءَ جي خوشبو نه آڻي

    نڪي سج اُڀري نه تارا ئي ٽمڪن

    تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!

    چوين ٿي ته دل مان تڙي يادگيريون

    جيون ڪٿائن کي تيلي ڏيان مان!!

    چوين ٿي ته سالن کان سانڍيل سمورا

    تنهنجا خط، ڦوٽو به ڦاري ڇڏيان مان!!

    ها جڏهن نانءُ سنڌڙيءَ جو مٽجي وڃي ۽

    ڀٽائيءَ جي وائي ڪو راڳي نه ڳائي!!

    تڏهن سمجهه مشتاق ڀي ڪونه هوندو

    تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!

    (مرڪزي خيال نوجوان شاعر امجد دراني)






    چنڊ جي چهري ۾ ڪنهن جي چاندني



    چنڊ جيڪو ڍنڍ جي پاتال ۾ ليئو وجهي

    مڌجهڙي ڇوڪريءَ تي مست ٿي

    ٻيڙيءَ سان گڏ گڏ پي هليو!!

    ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڏو ڪو ڊاڪٽر

    ٿا چون ويٺو هيو، هُن پي ڏٺي

    چنڊ جي چهري ۾، ڪنهن جي چاندني

    اوچتو هن ڇيڳري ڇوريءَ کڻي پٿر هنيو

    چنڊ جو چهرو اڌو اڌ ٿي پيو!!

    مون ٻُڌو آ حادثاتي طور تي

    هن ڪري ڪو آپريشن چنڊ جو

    چنڊ جي چهري کي ڪجهه ٽاڪا هڻي

    پنهنجي دل جي حادثاتي روم ۾

    ڪيترائي ڏينهن داخل هو ڪيو!!

    پر جڏهن مجبور ٿي موڪل ڏنائين چنڊ کي

    چنڊ جي چهري ۾ هڪڙو داغ هو

    ڊاڪٽر جو ساهه ڄڻ نڪري ويو!!

    ڇوڪري جاڏهون جي هُئي تاڏي وئي

    چنڊ جنهن ۾ هُن ڏٺو هو عڪس ڪو

    تنهن به روئي ۽ ڀڄائي عڪس کي

    تصوير کي ميٽي ڇڏيو!!

    اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر

    چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تصوير کي

    اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر

    چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تقدير کي!






    سنڌ وطن جو خير هجي



    بس پاڻ خماريل نيڻن جو

    ٿا خير گُهرئون شال خير هجي

    ۽ پاڻ چَمن جو، خوشبوءِ جو

    ٿا خير گُهرئون شل خير هُجي

    ها شال ڪنوارن ٽهڪن جو

    مُرڪن جي مُندن جو خير هجي

    چوڙيون به سلامت هيل هجن

    سينڌن جو، سَڳين جو خير هجي

    بدغير جي ڪنهن تي نظر نه پئي

    چانديءَ جي بدن جو خير هجي

    رنگين فضا ۾ جهومي من

    مينديءَ جي چِٽن جو خير هجي

    تاڙين جي سدائين گونجن ۾

    محبوب هٿن جو خير هجي

    ڌرتيءَ جي گلابي گيتن ۽

    معشوق چپن جو خير هجي

    اي وقت توکي هي پارت آ

    چاهت ۽ چمين جو خير هجي

    چاهت ۽ چمين جا متوالا

    توکي به اهائي پارت آ

    جي وقت گهري قرباني توکان

    چاهت ۽ چمين کي گهور ڪجان

    مشتاق جي مَن جي منشا آ

    دلبر جي دڳن جو خير هجي

    هن سنڌ وطن جو خير هجي

    هن سنڌ وطن جو خير هجي.






    وساري نه سگهبا



    ڪُنوارن گلابي چپن جو چميون ۽

    وارن وڏن جي ٿڌي ڇانوَ گهاٽي

    عُقابي اکين جي ٻنهين ماڻڪين ۾

    ڪي محبت جا منظر نهايت نيارا

    وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!

    ڪينجهر جي لهرن سنديون دلفريبيون

    ۽ ساڙهيءَ کي هن جو ڪري سُڪ بيهڻ

    مُرڪي هوا ۾ هُڳائون پکيڙڻ

    غضب جون ادائون عجب جا اشارا

    سي محبت جا منظر نهايت نيارا

    وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!

    کڻي جو ڏٺائون ته پاڻيءَ تي ترندڙ

    پکي موهجي پيا پرين جي حُسن تي

    هوائن ۾ ٻيهر ٻُريا گيت ڪيئي

    ۽ ڇولين مان ازخود اٿي کير ڌارا

    سي محبت جا منظر نهايت نيارا

    وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!

    اسان هن جي وارن منجهان واس ورتو

    گلابي بدن تي وري گهور ٿياسين

    وڏي هُن سان “مشتاق” جي دل لڳي وئي

    چريا ٿي پيا نيٺ چند ۽ ستارا

    سي محبت جا منظر نهايت نيارا

    وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!






    سپنو ئي هوندو



    چُنري ۽ چوڙين سندا رنگ ڪيئي

    ۽ مينديءَ جي خوشبوءِ ڦهلائي رُت ۾

    غزالي بدن تان وڏا وار کولي

    ڀاڳي ۽ سرمد جي آواز وانگر

    مڌر ڇوڪري

    مشتاق، باغي« ۽ آڪاش جا ڪي

    گلابي چپن سان غضب گيت ڳائي

    کڻي ڄامشوري جي چنچل هوا کي

    ٺٽي جي هوا سان ملي نيٺ ويئي

    ڪينجهر ۽ مڪليءَ ”وٺي واسُ وَنَ مان“

    پرينءَ جي بدن مان

    وڏو آهه جڳ ۾ ڪو معراج ماڻيو

    پرينءَ ڪلهه اسان ڏي عجب ريت جو ڪو

    هوا جي ذريعي آ نياپو اماڻيو

    اچي خيرپور مان اسان سان ملي وڃ

    پوءِ مرضي آ تنهنجي

    رهي پئه هتي يا اسان کي وٺي وڃ

    سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو

    سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو

    ٺٽي، ڄامشوري سندي واءُ گڏجي

    اسان جي اڱڻ تي ڪٿان هاڻ ايندي؟

    اسان خواب جيڪي ملڻ جا لڌا ها

    سچي تن جي تعبير پڻ ڪيئن ٿيندي؟

    سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!

    سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!






    آجيان



    مون ته ٻُڌو آ اڀ ۾ تارن

    ڪا گڏجاڻي ڪوٺائي آ

    گڏجاڻيءَ ۾ چنڊ به هوندو

    سورج کي به سڏايو ويو آ

    نيل نديءَ جو پاڻي هوندو

    سائيبريا جا چونڊ پکي

    ۽ سنڌ جا مور، ڪبوتر هوندا

    رابيلن جي بارش هوندي

    ناچ به ٿيندا!

    مون ته ٻُڌو آ چنڊ به هوندو

    سج به هوندو تارا هوندا

    ساري دنيا وارا هوندا

    تن جي وچ ۾ منهنجو ئي

    محبوب نرالو بس هوندو!

    هر هڪ شيءِ جي دل ۾، چَپَ تي

    يار جو نالو بس هوندو!

    مون ته ٻُڌو آ منهنجي ئي

    محبوب جي آجيان ۾ اُڀ کي

    سونهن سموري جڳ جي آڻي

    ٺيڪ ڪري بس ٺاهيو ويو آ

    آجياڻي ۾ چنڊ به هوندو

    سج کي پڻ سڏايو ويو آ





    نيڻن جي دلڪشي



    هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان

    هن جي نيڻن سندي نديءَ مان

    جنهن به هيڪر سُرور ورتو آ

    ان جي اکڙين ۾ گؤنچ گل ٻاٽيون

    ڪيئي آسُن جا باغ باغيچا

    دل جي آسڻ ۾ ڄڻ ڦُٽي نڪتا

    هن جي نظرن جي خاص گرميءَ مان

    ڪيئي ڪرڻا، شعاع جيئن ڦهليا

    پاڻ ان جي عنايتن سان

    هر پيار واري جي دڳ ۾

    نيٺ سورج مُکيءَ جيان جڳ ۾

    مهڪي ٻهڪي ٽڙي پيا آهيون

    اڳ ۾ ڏاڍا هياسين بيگانه

    هاڻي ٻيهر جڙي پيا آهيون

    ڪير هاڻي اسان کي روڪيندو؟

    هن جي اکڙين مان جو ڦُٽا آهيون

    هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان

    پاڻ ڏاڍو سُرور ورتو آ

    پاڻ دلبر جي دوستيءَ مان

    شاعري ۽ شعور ورتو آ





    نئين سال جي مبارڪ



    ٻئي اکيون ٻوٽي

    رکي سيني تي هٿ

    سوچڻ لڳس

    درد منهنجي ۾ نه شايد

    درد ڪو آهي رهيو

    ڪو لفافو، ڪو به خط

    سال پورو ٿي ويو

    آيو نه هن جي پارَ کان

    ڪابه گهنٽي فون جي

    ناهي وڳي

    ڪَئي ڏينهن ٿيا!

    نئين سال جي

    نئين ڊائريءَ ۾

    بند لفافي اندر

    دل جي ٽٽل تارن سان گڏ

    ڪي خواب سونهري سندر

    موڪلي هن ڏي ڏنم

    ان آسري تي سال شايد

    هي به گذري ئي وڃي

    ڪنهن فون جي گهنٽي پٺيان

    آواز ٻيهر ڪو ٻُري!

    ”مشتاق“ ڪهڙا حال ٿئي؟

    وقت گُذرئي ڪئين ٿو؟

    ۽ مبارڪ سال نئين جي

    پاڻ ڏئي پنهنجو ڪري

    رندگيءَ ۾ محبتن جا

    رنگ ڪي سهڻا ڀري

    مون کي من پنهنجو ڪري

    مون کي من پنهنجي ڪري






    سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو



    گلابي رُت، رنگ، روشني ۽

    خوشبوءِ جهڙي غزالي جانان

    دل ته چاهي گهڻئي ٿي سچ پچ

    سموريون ڪَوتائون

    گيت، وايون

    غزل ۽ دوها، نظم رباعيون

    تنهنجا توڏي ئي موڪلي ڏيان

    مگر ڊڄان ٿو ته! تنهنجي آڏو

    پَوَن نه روئي!

    ٽُٽي نه پئي منهنجي دل جي مالها

    ۽ تنهنجي دل کي

    متان جِهٻو ڪو اچي وڃين

    تون پوين نه روئي

    ۽ پاڻ کان هي ڏٺو نه ٿيندو

    سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو





    ڇا کپي؟



    ڪلهه الائي ڪئين ڀُلجي

    فون تي نياپو ڇڏيئين

    مشتاق کي چئجو ته

    ڳالهائي ضروري “شام جو”

    هونئن ته اهڙي آرزوءَ ۾

    ڏينهن گذريا ڪيترا

    کوڙ شامون ٿيون بسر

    ڪيترا خط ۽ چٺيون

    هن ڏي لکيم ۽ فون ڪيم

    پر چري هن ڇوڪريءَ جي

    دل پڪي ڄڻ ڪو پٿر

    هن تي نه ٿيو ڪوئي اثر

    هاڻ ويندي ويندي مون سان

    دل پشوري ٿي ڪري

    ڪجهه ته ڇوري ٿي ڪري!؟

    ذهن ۾ اڀريا هزارين سوال

    هُٽ کُٽ ٿي پئي

    پر! پوءِ به سڪڻي روح جو

    ۽ وسڪڻي دل جو خوشيءَ مان

    هانءُ ٿو ڦاٽي پيو

    کوڙ ساريون فون تي ڳالهيون ڪبيون

    روئي ڏ بو

    حال پنهنجي دل جو هُن سان

    سڏڪي سربستو ڪبو

    من کڻي “مشتاق” کي هڪڙو ملڻ لئه منٽ ڏئي

    مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟

    مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟






    شاعر



    ڪمال جو شاعر هو

    مگر ڪنهن کي خبر هُو؟

    دک، درد زماني جا سڀئي پاڻ وٽ رکندو!

    هن پنهنجي ڪمائي سڄي ڪائنات کي آڇي

    مون ته ٻُڌو آهه، هُن ڪا باس هئي باسي

    بيمار ٿئي ڪنهن به امڙ جو نه ڪو ٻچڙو

    ڪنهن ڀيڻ جو ڪو ڀاءُ ڪڏهن ڀي نه قتل ٿئي

    ڪنهن کي نه مِلن اغوا ۽ تاوان جون ڌمڪيون!!

    سونهن کي ۽ پيار کي هن عام ڏسڻ لءِ

    ۽ پيار جي ويرين کي بدنام ڏسڻ لءِ

    پنهنجي سڄي شاعري ۽ ڏات کي جڳ ۾

    ڪا ڇير ٻڌي، پنهنجي رت جو تِلڪ لڳائي

    موڪليو ماڻهن ڏي امن کي نه ڇڏي ڏيو!

    هي پيار جو پيغام زماني کي سڏي ڏيو!

    مون آهه ٻڌو هن ڪا اهڙي باس هئي باسي

    هو شاعري پنهنجيءَ کي ورهائيندو دنيا ۾

    ڪي گيت امن پيار جا ڳائيندو دنيا ۾!

    مون آهه ٻُڌو گيت ڪو ٺاهيندي ڪُسي ويو

    “زخمي” ته هيو پاڻ اسان کي به ويو گهائي،

    ڪمال جو شاعر هو! مگر ڪنهن کي خبر هُو؟

    راهه ويندو ري گناهه قتلام ٿي ويندو!!

    انسان جي عظمت جو نيلام ٿي ويندو!!



    (زخمي چانڊيه جي شهادت جي موقعي تي لکيل)







    خوش هُوءَ هجي



    چنڊ رات جو چؤنري اڳيان

    چانديءَ جهڙو چهرو ڏٺم

    سائو وڳو، گج ٽاڪيل

    نڪ ۾ ڦُلي چمڪي پئي!

    جُهمڪي جي جهرمر ڇا ته هئي؟

    کير جهڙي روشنيءَ ۾

    هير ٿڌڙي جو گُهلي

    گهوراُن جي گَج، ڦَلي، جُهمڪي مٿان

    هڪ مان ته ڇا؟

    چؤنرا چڙا، گهر ۽ گهڙا

    ”مشتاقُ“ ٿي پيا وڏ ڦُڙا

    ان رات ڪيڏا ٽهڪڙا

    واءُ ۾ وکريا هُيا!

    ڳوٺ جون ڳهريل ڳليون

    ڪيڏيون ته ٿي پيون ڀليون

    ان سمي آرس ذهن جو

    ٿڪَ روح جا ڪاڏي ويا؟

    واهه قدرت حسن، خوشبو

    سونهن اوتي دلدار ۾

    پيار، محبت، روشني

    سڪ وئي وڌي سنسار ۾

    شل اسان جا ڏينهن ڀي

    هُن کي مِلن، خوش هوءَ هجي!

    شل اسان جون سڀ خوشيون

    هُن کي ملن خوش هُؤ هجي!





    دعا



    سوين عيد جا چنڊ

    نئين سال جا سج

    کڻي کوڙ خوشيون

    اوهان جي اڱڻ تي

    اچن شال اُڀري

    اسان جي اوهان لئه

    اها ئي دُعا آ

    اوهان جي اڱڻ تي

    ڏين ڀؤنر ڀيرا

    رابيل، موتئي

    گلابن جي خوشبو

    سموري دنيا جا

    دلڪش نظارا

    نديون، چنڊ، تارا

    سنڌوءَ جا ڪنارا

    اوهان جي اکين جي

    مڌر مئڪدي مان

    ڪيئي پيار جا ڍڪ

    پيئن ۽ پيئارن

    دنيا کي جيئارن

    اسان جي ته اڄ ڀي

    اها ئي دعا آ






    سُرخ سپنا



    سُرخ سپنا ڪي اميدن سان ڀريل

    پنهنجي نيڻن ۾ سجائي

    “گيت ڳاڙها ٿو لکان”

    گيت اهڙا جن ۾ خوشبو سونهن جي

    گيت اهڙا جن ۾ ڪا هلچل هجي

    نٻل، هيڻا، ۽ ٻُڍا ماڻهو ٻڌي

    شينهن جي گجگوڙ جيان

    گرجي پون!

    هر ظلم، هر ڏاڍ ۽ ڏاڍي اڳيان

    منهنجي گيتن جي گلابي گونج تي

    بُزدليءَ جي ٻار کي اُڇلي پري

    ماڻهپي، محبت، امن کي

    مان ڏين

    پر اچي جي ڳالهه ڌرتيءَ ڌوڙ جي

    سڀ لُٽائي پنهنجي جواني

    جان ڏين

    گيت منهنجا سُرخ ڳاڙها هو ٻڌي

    شال ڌرتيءَ تي سمورو

    ڌيان ڏين

    شال منهنجي شاعريءَ کي

    شان ڏين

    شال سِندڙيءَ جي سَڏن کي

    مان ڏين







    رهيو نه ڪجھ آ



    مون برابر

    رکي هئي ويڙهي

    سفيد چادر ۾

    دل چري پر

    سڙي ڏکن ۾

    ڀسم ٿي ويئي

    ۽ هاڻ دل جي

    لٽيل چمن ۾

    رت سڙيل جا

    نشان باقي

    ۽ تنهنجي پيرن جي

    خيالي کڙڪي

    سواءِ جانان

    رهيو نه ڪجهه آ


    « ڪاز (Cause) = مقصد

    « حليم باغي ۽ آڪاش انصاري، سنڌ جا ٻه خوبصورت شاعر
     
  6. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال __ نظم (حصو ٻيو )

    نظم



    شهيدن جو رتبو



    پَلئه پنهنجي پوتيءَ جو اجرڪ پنهنجي سان

    ڳنڍي هن پڇيو هئس ته ڪئين ٿو لڳئي؟

    ٻٽي، لڙڪ پنهنجي اکين مان ئي هاري

    سڏڪي چيو هن سُٺو ٿو لڳي!

    چون ٿا ته هن جي اکين ۾ اڃا پڻ

    ساڳيو شام وارو ئي منظر ٿو ڇُلڪي

    ڏئي ڳنڍ پوتيءَ جي ڪنڊ کي اڃا ڀي

    اڌ رات کان پوءِ اڌڙوٽ چنڊ سان

    ڪري ڪنهنجون ڳالهيون ٿي چنڊ کي رُئاري!

    چون ٿا ته

    هر رات پنهنجن هٿن کي ميندي ٿي لائي

    اجرڪ ۽ پوتيءَ جي ڪنڊ کي ملائي

    ستارن سان گڏجي ڪي سِهرا ٿي ڳائي

    چون ٿا ته

    هن جو مڱينتر مري ويو!!

    مٽي ۽ ماڻهن جي حق لاءِ وڙهندي

    چون ٿا شهيدن جو رتبو وڏو آ

    ستارن جي سردار هن کي چيو هو

    چون ٿا ته

    تڏهن کان هوا ساڻ گڏجي

    مٽي ۽ ماڻهن جا نغما ٿي ڳائي

    چون ٿا

    تڏهن کان پائي ويس ڳاڙهو

    سنڌوءَ جي تهذيب پئي ٿي وڌائي

    ۽ اجرڪ جي عظمت کي پئي ٿي بچائي






    ڄامشوري جي هوا ۽ کير جهڙي ڇوڪري



    کير جهڙي شاعريءَ مان ڪي مڌر چونڊي نظم

    مون مُڪا، توڏي ته، من احساس ڪو توکي ٿئي

    پر تو الائي ڇو پرين ڄاتو نه منهنجي پيار کي؟

    پر تو الائي ڇو پرين پاتو نه پوتر پيار کي؟

    پاڻ چاهيندا هياسين، ڄامشوري جي هوا

    ۽ شام ٿڌڙيءَ جيان توکي

    پر کير جهڙي ڇوڪري

    تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!

    عادتون توئي وِڌيون هَر هَر ملڻ جون بانوري

    عادتون توئي وِڌيون سِڪڻيون سِڪڻ جون سانوري

    فون، نياپو، خط، چِٺي آئي نه تنهنجي پار کان

    تون الائي ڇو؟ ڦِري وئي آن ڪيل اقرار کان

    ها مڃان ٿو توسان ڪي مجبوريون هونديون مگر

    اوهير جهڙي ڇوڪري

    تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!

    آ ڪنول جا گُل هڻان ڪي تنهنجي چوٽيءَ ۾ وري

    رابيل ۽ خوشبوءِ کڻي پرفيوم اوتيانءِ باغ ۾

    ۽ گلابن جي پتين جو ويس پارايانءِ مان

    آ فضا ۾ آنچلن جون ڪي اُڏارون اوت تون

    آءُ راڻي باغ ۾ نيڻن نهارون اوت تون

    اچ ته نوري ڄام جي آڳر ۾ ڀاڪر پائجي

    اچ ته ڪينجهر جي وري ڇولين کي ڪجھ ڇرڪائجي

    پر سير جهڙي ڇوڪري

    تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!





    دل ته چوي ٿي!!



    دل ته چوي ٿي ڪنهن به امڙ جو

    بيماريءَ ۾، ٻار نه پڙپي!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به ٻچي جي

    ننڍڙي هوندي ماءُ نه وڇڙي!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به ونيءَ جي

    مڙس مرڻ جي ڳالهه نه ٻڌجي!

    دل ته چوي ٿي اخبارن ۾

    خودڪش حملن جو به نه پڙهجي!

    دل ته چوي ٿي ٽي ويءَ تي ڪو

    هاڻي ٻيهر لاش نه ڏسجي!

    دل ته چوي ٿي اسڪولن جي

    بدران ڪوئي جيل نه اڏجي!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به گهٽيءَ ۾

    ڳاڙهو ڳڀرو ڀاءُ نه ڪُسجي!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به پکيءَ کي

    گوليءَ جو ڪو گهاءُ نه پهچي!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به سکيءَ کان

    محبوباڻا ويس نه ڦرجن!

    دل ته چوي ٿي ڪنهن به وطن کان

    آزاديءَ جا ڏينهن نه کسجن!

    دل ته چوي ٿي هاڻي جيڪر

    هيءَ بندوق به ٽوڙي ڇڏجي!

    گولين ساڻ ڀريل هي ٿيلهو

    ڪنهن درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏجي!

    دل ته چوي ٿي وحشي ماڻهو

    توکي هاڻ نهوڙي ڇڏجي!

    دل ته چوي ٿي پيار جو ننڍڙو

    ڳوٺ نئون ڪو جوڙي ڇڏجي!




    ٽوڙجي زندان کي زنجير کي



    ڇوڪريون او ڇوڪرا جاڳو نٿا!

    ڇو پيا آهيو اڃا تائين سُتا؟

    سنڌ منهنجي ڇا؟، امان تنهنجي به آ

    تنهنجي منهنجي ماءُ مشڪل ۾ صفا

    ڊيم ڪالاباغ ٺاهڻ ٿا گُهرن

    سنڌ پنهنجيءَ کي سڪائڻ ٿا گهرن

    بند جيڪو پنهنجو اڄ پاڻي ڪري

    ها اُٿو ان سان اچو پاڻي ڪري

    نيٺ منڇر ۾ ملائي زهر ويو

    ڪلهه مهاڻن سان ڪري ڪو قهر ويو

    ڄامشوري جون هوائون ٿيون سڏن

    پيار مان سڀني کي مائون ٿيون سڏن

    ڪنهن کي سنڌ جون بارگاهون ٿيون سڏن

    ڪنهن کي سنڌ جون درسگاهون ٿيون سڏن

    روز روڪن ٿا هوا ۽ هير کي

    ٽوڙجي زندان کي زنجير کي






    پرينءَ جو شهر



    آهه ننڍڙو نگر، ڄامشورو مگر

    آ وڏو پُر اثر!

    ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!

    ڪوئي چند سال خاموش گهاري ويو!

    ڪوئي پنهنجي به دل هت وساري ويو!

    مون ڏٺيون ڪيئي بيحس حسين ڇوڪريون

    ۽ ڏٺا ڪيئي ڇُڙواڳ هِت ڇوڪرا!

    مون ٻُڌيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هتي

    پڻ ڏٺيون تڙپندي ڪيئي راڻيون هتي

    مون ڏٺو عاشقيءَ جو اکين ۾ اثر!!

    ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!

    مون مڌمست هيرون هوائون ڏٺيون!

    پپر، بيد مُشقن جون ڇانئون ڏٺيون!

    شفق شامن جو گهمندي ڪي جوڙا ڏٺا

    ۽ اکين سان الاهي وڇوڙا ڏٺا

    ڪِن اکين جا اکين سان اشارا ڏٺا

    ها ڪُهڻ ۽ ڪُسڻ جا نظارا ڏٺا

    ۽ ڏٺو شام جو پيارو وارو پَهر!!

    ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!

    نرم هٿڙن تي مينديءَ جا چٽڙا ڏٺا!

    لب ڳاڙها ۽ ڳڀرو ڪي ڳٽڙا ڏٺا!

    ۽ ڏٺم ڪو ڪتابن ۾ قابو هيو!

    ها ڏٺم ڪو حجابن ۾ قابو هيو!

    قرب مان ڪنهن ٿي پارائي ڪنهن کي مُنڊي

    پيار مان ڪنهن ٿي پرفيوم ڪنهن کي هنئي

    مون ڏٺو سونهن سوڀيا جو سهڻو سفر!!

    ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!

    ميٺ محبت جا پُر ڪيف منظر ڏٺا!

    ۽ دلين جا دلين ۾ گهڻئي گهر ڏٺا!

    ڪاٿي چُنري ۽ چوڙين جي چاهت ڏٺي

    ڪاٿي وارن جي وڪڙن جي راحت ڏٺي

    ۽ ڳلا گيت ڳائيندي ڪيئي ڏٺا

    مون ڏٺو چاهتن جو وڏو ڪو چڪر!!

    ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!

    مگر منهنجي محبوب جي ڳالهه ٻي آ

    باغي«ءَ جي گيتن جهڙي ڇوڪري آ

    ”بند وِسڪيءَ جي بوتل جيئان ٿي لڳي“

    مون ته هن کي پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو

    مگر دل جا دروازا ٽوڙي هلي وئي!!

    منهنجا خواب هٿن سان مروڙي هلي وئي!!

    مگر پوءِ به ”مشتاق“ آ منتظر!!

    ڄامشورواسان جي پرينءَ جو شهر!!






    وساري نه ڇڏجو



    اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو

    ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو

    ادل« سومري جي سُريلي غزل کي

    سرمد جي مٺڙي آواز کان پوءِ

    وري ڪالهه ڪينجهر تي ڪنهن گنگنايو

    ٻُڌي جنهن کي ٻيڙيون به بيهي رهيون هُون

    چون ٿا مهاڻن به روئي ڏنو هو

    ”اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ مان

    پرين جي پکين کي اُڏاري نه ڇڏجو“

    چون ٿا ته اڏندڙ ۽ ترندڙ پکي پڻ

    ٻُڌي سُر اهڙو صفا مست ٿي پيا

    چون ٿا ملاحن جا ڄارا ٽٽي پيا

    چون ٿا ته عاشق ويچارا ٽٽي پيا

    چون ٿا دلين ۾ نوان درد جاڳيا

    چون ٿا پٿر جون دليون ميڻ ٿي پيون

    چون ٿا ته نوريءَ نئون ويس پائي

    تماچيءَ جو تڙپڻ ڇڏيو هو وڌائي

    چون ٿا درازن جي پاڙي جو هڪڙو

    لهرن ۾ ماڻهو لڙهڻ جيئن لڳو هو

    چون ٿا چنبيلي چُمين جو قسم ڏ ئي

    وري پيار مان ڪو وڏو پائي ڀاڪر

    پرينءَ خوش رهڻ جي هدايت ڪئي هَس

    چون ٿا ته مشتاق ان ڏينهن کان پوءِ

    گهڻئي خوش رهڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو






    اڄ به توکي چَوان ٿو موٽي آ



    رات هيڏي ڊگهي ڊسمبر جي

    سيءُ، ڏڪڻي، بارشي موسم

    ۽ پارو ڄَمي ويو ٿانون تي

    ٿڌ اورانگهي گهر جون ديوارون

    منهنجي ڪمري ۾ پڻ ٽپي آئي

    بلب زيرو جو نيرڙو ڀت تان

    هورڙيان هورڙيان وسامي ويو

    ڪُئائل هيٽر جا پڻ ٿڌا ٿي ويا

    ننڊ منهنجي اکين جا ڳوڙها پي

    تنهنجي نيڻن جي بند تي پهتي

    کيس ڳوليان پيو وهاڻي ۾

    ڄڻ ته بستر سُڪون کائي ويو

    تون جي ناهين ته هي سُڪا ميوا

    مون کان ڪاٿي چٻاڙجن ٿا!!

    گرم ڪافيءَ جو ڪوپ آڌيءَ جو

    ڪير ٺاهي ڏئي ڀلا مون کي؟

    اڄ به سوچيان ٿو هر سياري ۾

    گرم ڪپڙا، ڪوٽ ۽ سُئيٽر

    مون کي تون ئي سنڀالي ڏيندي هُئين

    ياد هوندئي بٽڻ ڇڄي پيو هو

    شرٽ منهنجيءَ جو ته ڪا جلدي هُئي

    ۽ پوءِ سُئيءَ سان بٽڻ کي ٽاڪيندي

    منهنجي ڳل تي چُمي ڏني هُئي تو

    شاعريءَ جا پنا، ڪتاب، بوڪ شليف

    خط، تحفا، فريم ۽ ڦوٽو

    بي ترتيب ڪئين پيا آهن

    ڊائري، ڊيڪ، ڪمپيوٽر

    سڀني تي دَز چڙهي وئي آ

    اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ

    گرم ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاهي ڏي

    منهنجي زندگيءَ جا سڀ بٽڻ ٽٽي پيا آهن!!

    ۽ ها!

    شال تنهنجي پسند جي آندي ٿَم

    اچ ته اوڍيانءِ سيءُ ڏاڍو آ

    اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ

    اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ




    عشق زورا وَر



    نديون ٿي تار وَهنديون ۽

    نَئين ۾، نينهن ٻوڙيندو

    اسان کي وهڪري ۾ روز

    ڪنهنجو پيار لوڙهيندو

    ۽ پوءِ عشق زوراوَر

    اچي دل جي ڪچي گهر ۾

    ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!

    پکين جا سُر مٺا هوندا

    لَئي جي لامَ پئي لڏندي

    فِضا ۾ گيت ڪي ٻُرندا

    اکين ۾ سونهن پئي ڊُڪندي

    ۽ پوءِ عشق زوراوَر

    ڀڃي دل جون سڀئي تاڪيون

    اچي دل جي ڪچي گهر ۾

    ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!

    ستارا جڳمڳائيندا

    ٽُٻيون چنڊ سمنڊ ۾ هڻندو

    اسان کي ڪائناتي سونهن جو

    هر رنگ پيو وڻندو

    ۽ پوءِ عشق زوراوَر

    اسان جي روح ۾ پيهي

    اچي دل جي ڪچي گهر ۾

    ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!

    انبن ۾ ٻور جئين ٿيندو

    ڪُچا ڏوڪا رَسي پوندا

    اسان جي حافظي ۾ خيال

    تنهنجي پيار جا ڊُڪندا

    ۽ پوءِ عشق زوراوَر

    انا الحق جا هَڻي نعرا

    اچي دل جي ڪچي گهر ۾

    ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!

    اسان کي ماڻهپو پيارو

    اسان کي پيار ماڻهوءَ سان

    پرين تخليق ۾ شامل

    پُڇي ڪو شخص شاعر کان

    ۽ پوءِ عشق زوراوَر

    بدن جي جيوَ گهرڙن ۽

    اچي دل جي ڪچي گهر ۾

    ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!



    (سچل مشاعري دوران مليل طرح جي نسبت سان لکيل)




    اهو آ شهر



    ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!

    جنهن ۾، گهاريون جوانيءَ جون مون ڪي گهڙيون

    خوبصورت جوانيءَ جا ماڻيل مزا

    ۽ پرچڻ، رُسڻ جا هزارين قصا

    مون ڀرپور پنهنجن اکين سان ڏٺا!

    ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!

    جنهن ۾ تخليق منهنجي نئين سِرجُڙي

    جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر

    ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!

    جنهن ۾ مشتاق جي مٺڙي محبوبه پڻ

    وار کولي ساهيڙين سان گهمندي هئي

    ڄامشوري جي نازڪ ۽ چنچل هوا

    پيار ڏاڍي مان ڳل هُن جا چُمندي هئي

    ها لڳي ٿو ته ساڳيو اُهو آ شهر!!

    جنهن ۾ سرمد جي پُرسوز آواز تي

    نينگرين جا سوين ڪنڌ جهوميا هيا

    ڪيترن ئي رَوَن جو ٿيو لال رنگ

    ۽ نعرا مٺي سنڌ جا گونجيا هيا

    ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!

    جنهن ۾ سَنَ جا سپاهي ڪي رهندا هيا

    ها انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين

    چند سالن سنديون يا گهڙي کن جون

    شرابي اکين ۽ گلابي چپن

    ڪنهن الهڙ ڇوڪريءَ جي مٺي من جون

    ڪنهن گلابي بدن ۽ سنڌؤ سن جون

    ۽ انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين

    ها پڪ ساڻ ساڳيو اهو آ شهر!!

    جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر!!






    ڇا ٿي پيو



    ڇا ٿي پيو جي تو منهنجي جسم ۾ زهر اوتيو آ

    جدائيءَ جو ڪڙو جاني!!

    ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي تَتَل هِن تَن جون تارون

    تنبوري جيان ڇڏيون ٽوڙي!!

    ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي اندر ۾ آڳ کي اوتي

    ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪيو آ!!

    ڇا ٿي پيو؟ جي تون منهنجو سمورو ساهه هڪ مُٺ ۾

    ڪري قابو الڳ ٿي وئين!!

    تنهنجي مرضي آ، توکي ڪير چوندو

    جيئن وڻئي، تيئن ڪر!!

    مگر توسان ملڻ جي آرزو

    دل مان ڪڍئون مشڪل!

    ها!

    جڏهن ڀي ڪرڻا ۽ سورج

    جڏهن ڀي روشني ۽ چنڊ

    جڏهن ڀي رنگ ۽ خوشبو

    جڏهن بادل ۽ برساتون

    جڏهن بلبل سنديون لاتون

    جڏهن يارن مان ياراڻي

    جڏهن اکڙين منجهان پاڻي

    ختم ٿي ويو ته پوءِ شايد

    اسان ئي ڪو نه هونداسين!!

    اوهان کي ڪير پوءِ ڏيندو

    ميارون او مٺا ماڻهو!

    ته ڇو مشتاق جي من ۾

    اوهان هي زهر اوتيو هو!؟

    اوهان ڇو هُن جي زخمن تي

    هٿن سان لوڻ ٻُرڪيو هو!؟

    اوهان کي ڪونه ڏيندو ڪو

    ميارون او مٺا ماڻهو!!






    او محبوبه منهنجي ڪراچي



    ٻار نچيا پي بس جي ڇت تي

    وڻ ڀَڳا پي لارين پويان

    ماءُ بيٺي هئي گهر جي در تي

    پيءُ ڪُڏيو پي روڊ جي ڀرسان

    ڌيءُ ڏٺو پي سارو منظر

    ڳڀرو ڀائرن جي اکڙين سان

    نعرا، تاڙيون، شور، شرابا

    چوڙيون، چمڪا وار اُڏاڻا

    اجرڪ، ٽوپي، شال ڪلهن تي

    پٽڪا پائي جهور ڪُراڙا

    ٻن ڏينهن کان اڃ ۽ بک تي

    ڪا ٿئون ڪاٿئون ڪئين پڳا ها؟!!

    هر ماڻهوءَ جو خواب سندر هو

    هر ماڻهوءَ جي سوچ نرالي

    ڪنهن پي اُڏاريا خواب امن جا

    ڪنهن پي نفرت کي للڪاريو

    هر ماڻهوءَ جي آشا ميڙي

    هر ماڻهوءَ جا خواب سهيڙي

    ۽ مون ويهي تَتُ ڪڍيو هو

    ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن کي ڌاريو

    ڪنهن به نه نفرت کي کيڪاريو

    محبت جا هي سڀ پانڌيئڙا

    عشق جي راهه وٺيون پي آيا

    ۽ پوءِ آڌيءَ جي آڳر ۾

    نعرن، تاڙين، احساسن کي

    باهه جا شعلا پڪڙيندا ويا

    روڊ تي پکڙيل لاش سِسيون ۽

    ٻانهون ٻوٽيون، چيخون آنهون!!

    ڪو ڪاڏي ويو! ڪو ڪاڏي ويو!

    ساري سنڌ جون اکڙيون جاڳيل

    رت جي هولي، لاشا سڙيل

    ڏسندي ڏسندي سوال پڇن ٿيون

    او محبوبه منهنجي ڪراچي

    تو روڊن کي ڇو سينگاريو؟!

    ۽ بجليءَ جا ڳَهه پارائي

    ننڍڙا وڏڙا گهر سينگاري

    رت سان رستن کي وهنجاري

    تو چاهت کي ڇو چيٿاڙيو؟!

    او محبوبه منهنجي ڪراچي!!

    او محبوبه منهنجي ڪراچي!!



    (18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيل حملي جي مناسبت سان لکيل)






    مِس ڪالون



    اچن ٿيون کوڙ مِس ڪالون

    مگر ڪنهن ڪال ۾ اهڙي

    صفا ڪا ڇڪ ئي ناهي

    اچي جا دل کي تڙپائي

    اچي جا روح گرمائي!!

    ٽٽي ويا رابطا سارا

    خبرناهي ته آخر ڇو؟

    نڪي گڊمارننگ جي ڪِس

    نه ئي مئسيج راتين جو!

    منهنجي موبائل جا ڳوڙها

    اگهڻ وارو نه آهي ڪو!

    لڳي ٿو ساهه جي تند کي

    وڇوڙو هاڻ ٽوڙيندو

    لڳي ٿو ذهن جي ٿَڪ تي

    نه گورين جو اثر ٿيندو!

    لڳي ٿو آخري ڀيرو

    چئي گڊباءِ چپڙن سان

    پنهنجي موبائل جو نمبر

    مٽائي هُن ڇڏيو آهي!!

    مگر مان ڀي ته مان آهيان

    منهنجي انتظار جي ڪيفيت

    ۽ منهنجي عادتن کان هوءَ

    واقف آ ته هي پاڳل

    سمهندو ڪونه جيستائين

    هُن جي ڪال يا مِس ڪال

    آڌيءَ جو وري ايندي

    ۽ مون کي پيار مان چَوندي!

    چريا مشتاق سُمهه هاڻي!

    هلي آ! ٻانهن منهنجيءَ تي

    ۽ پوءِ هلڪيون ٿڦڪيون ڏئي

    اکين منهنجن کي آڍيندي

    سمهاريندي ابد جي ننڊ!!

    منهنجا ڳوڙها، وهاڻي، ڇِوَ

    ۽ هُن جي ٻانهن کي آلو

    ڪري ڪو گيت ڳائيندا

    ۽ پوءِ موڪليندا!!

    ۽ پوءِ مان سمهي پوندس

    ۽ پوءِ مان سمهي پوندس






    هليو ويو سو به وڻجارو



    هليو ويو سو به وڻجارو

    جنهن جي گيت گونجڻ سان

    سَنڌن ۾ ساهه پوندو هو

    سمورو سچ چوندو هو

    نظم جون ٻئي اکيون جنهن وٽ

    جنهن وٽ گيت نچندا ها

    جنهن جي مڌر لفظن سان

    نماڻي شاعري پلجي

    ڪنواري ڪنهن ڪنعيا وانگي

    هٿن کي ميندڙي لائي

    ڪو شرميلو وڳو پائي

    اسان وٽ سنبري ايندي هئي!!

    نئون اُتساهه ڏيندي هئي!!

    هليو ويو سو به وڻجارو

    جنهن جي درد جي ڪيفيت

    نماڻي آرزؤ سان گڏ

    نسورو پيار هوندي هئي

    جنهن جي ڄڻ ته ڪانبي ۾

    ٽُٽل چوڙيون ڦَٽيل هٿڙا

    ڦُٽين ۽ سونگڙين سان گڏ

    سڄڻ جي سار هوندي هئي

    نمن جي اوٽ ۾ پيهو

    هڪل ۽ هور هوندي هئي

    ۽ اڌڙوٽ چپڙن سان

    وڄائي سُر مان ٻوڙيندو

    اسان کي ڄڻ سڏيندو هو

    سبق سنڌڙيءَ جو ڏيندو هو!

    هليو ويو سو به وڻجارو!!

    جنهن جي درد جي ڪيفيت

    نوان ڪي ڏس ڏيندي هئي

    نڪورا گس ڏسيندي هئي

    هليو ويو سو به وڻجارو!!

    جنهن جا چنگ جهڙا سُر

    نوان آلاپ ارپيندي

    سنڌوءَ جي سُر جيان اُڀري

    بنان ڪنهن موڪلاڻيءَ جي

    نگاهن کي نهوڙي ويا

    انوکي دُک ۾ ٻوڙي ويا

    هليو ويو سو به وڻجارو!!

    ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾

    جنهن جا گيت ڳائيندي

    جسم کي گرمي ملندي هئي

    رڳن ۾ خون ڊُڪندو هو

    مٽيءَ سان پيار وڌندو هو

    هليو ويو سو به وڻجارو!!







    ڪٿي هن سور کي سانڍيون



    ڪٿي هِن سور کي سانڍيون؟!!

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڇڏي ويئي اڪيلو آ

    اسان کي اڄ به راهن ۾

    ڀري ڀاڪر ۾ رکندي ۽

    هُئي رکندي جا ٻانهن ۾

    لڳي ٿو ڄڻ اثر ڪونهي

    رهيو شايد ڪو دانهن ۾

    توڙي جو درد جا شعلا

    ٻرن ٿا پيا نگاهن ۾

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟!!

    وري ڪا سانوري ڇوري

    برهه جي باهه ٻاري وئي

    وري ڪا ياد ماضيءَ جي

    ڏکويل دل کي ڏياري وئي

    امالڪ پيار پنهنجي ۾

    مرڻ کان اڳ ئي ماري وئي

    اسان کي عشق جا لاها

    ۽ چاڙها سڀ سيکاري وئي

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟

    هتي ڪنهن ماءُ کي ماريو

    هُتي ڪنهن ڀيڻ کي ماريو

    ڪُڌن ڪارنهن جي الزامن

    ڏکيءَ جي ڏيل کي ڏاريو

    پسند جي پيار پرڻي ڀي

    سَکيءَ کي خوب سيکاريو

    سڳا مائٽ ڇڏي آئي

    سڏن ٿا کيس سڀ ڌاريو

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟

    نچي ٿي ڪا رقاصا ۽

    مٿان نوٽن جا وسڪارا

    سندس ڇاتيءَ جي ڇلڪي تي

    ڏئي وحشت ٿي لامارا

    روئن ٿا پير ۾ گهنگهرو

    مرن ٿا خواب موچارا

    ڄڻي ڪنهن هيءَ ڀي هوندي

    اڙي ڪجھ سوچ او پيارا

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟

    اسان آخر وڃئون ڪاڏي؟

    اسان کي ڪوته سمجهائي

    اسان جو ساهه ٿو نڪري

    وٺو هي درد موٽائي

    کڻي هن سور کي اڇلي

    کڻي ڪو يار ڳل لائي

    چريءَ دل کي سڪون ڪونهي

    ويو ڪو چئن چورائي

    ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!

    ڪٿي هن سورکي سانڍيون؟!!




    ڪئمپس ۽ ڇوڪريون



    ڇانوَ جهڙيون ڇوڪريون

    سانوڻيءَ ڪَڪرن جيان

    ڪالهه ڪئمپس ۾ وري

    وار کولي پي گهميون

    يادگيريون کوڙ ساريون

    ذهن ۾ آيون تري

    ڪيئن ڪئمپس ۾ اڳي

    گهمندي هئي ڪا اَپسرا

    ڪو ڏکيو پيپر کڻي

    ذهن جي پردي پٺيان

    سمهندي هئي ڪا اَپسرا

    ڪئين ڪاريڊور ۾

    ڪاڪل سُڪائيندي هئي

    ۽ ساهيڙين کي سڏي

    “مشتاق” جون ڳالهيون مٺيون

    ٻهڪي ٻُڌائيندي هئي

    ڪئين ڪتابن وچ ۾

    سارون ۽ سپنا کڻي

    گيت ڳائيندي هئي

    محبت ورهائيندي هئي

    هن کي هڪ مشتاق ڇا؟

    دنيا به چاهيندي هئي!1

    اڄ به ساڳيون ڇوڪريون

    اڄ به ساڳيا ڇوڪرا

    پر الائي ڇو اسان جي

    دل کي ناهي سا خوشي

    هوءَ انگورن جي سريلي

    سُرڪ جهڙي ڇوڪري

    هوءَ چنبيلي، چاندني

    ۽ مرڪ جهڙي ڇوڪري

    هوءَ نه آهي ڄامشوري جون

    گهٽيون مايوس هن!!

    هوءَ نه آهي ڄامشوري جون

    سَکيون مايوس هن!!






    ياد توکي به ڪئين نه هوندو



    ياد توکي به ڪئين نه هوندو؟

    پپر پاڻيءَ ۾ ٻئي پُسائي

    هلندي ٻيڙيءَ ۾ گيت ڳائي

    تيز ڇولين کي ڇرڪ ڏيئي

    پيار مان ڪي پکي اُڏائي

    گلاب جهڙن ڀنل چپن ۽

    رَحل جهڙن ٻنهين هٿن کي

    ڳلن منهنجن تي کڻي رکيو تو

    ياد توکي به ڪيئن نه هوندو!!؟

    تو اکين ۾ پاڻي آڻي

    چيو هُيو “مشتاق” شايد

    ٿي سگهي ٻيهر نه ملجي

    مان رنو هُس، لڙڪ منهنجا

    ڪيئن ڪينجهر ۾ ڪِريا هيا

    ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟

    تو رَئي جي ڪُنڊ پڪڙي

    نرڙ منهنجي تي تري ڏئي

    منهنجي لڙڪن کي اگهيو هو

    ۽ ٿڌي هڪ ساهه سان گڏ

    ڳيت ڏئي سڀ لڙڪ پنهنجا

    پي ڇڏيا ها تو پرين!

    ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟

    تو هٿن سان زلف پنهنجي

    چنڊ چهري تان هٽائي

    پَرس پنهنجي مان ڪنول جي

    گل جون پتيون ڪڍي

    آسرو مون کي ڏنو

    مشتاق ملبو رو نه تون

    ان ڏينهن کان ان آسري تي

    آءٌ زنده ٿو رهان

    نيٺ تون ايندين پرين!

    موسان ملي ويندين پرين!






    ڪير چوي ٿو آهي ڪاري



    ڳاڙهي ڳڀرو، ڪونئري ڪُنواري

    ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟

    هن کي پئسن عيوض وڪڻي

    شايد ٻي ڪا ٻانهن هُئي وٺڻي

    هن کي مڙس ڏنن پي پوڙهو

    اڇي ڏاڙهي، گونگو، ٻوڙو

    ڄنگهه کان منڊڙو، اک کان ڪاڻو

    ٿڪل، ٿوڪو، ساڻو ساڻو

    هن کي مڙس ڏنن ڀي ننڍڙو

    ڪارو ڪوجهو، لُولُو لنگڙو

    هن روئي انڪار ڪيو هو

    ملندڙ مڙس کي ٻار چيو هو

    هن هلڪو انڪار ڪيو هو

    ڄڻ ڪو ڳڀرو يار ڪيو هو

    بي غيرت جي غيرت جاڳي

    ماري پنهنجي ڌيءُ سڀاڳي

    ڏاڍي غيرت وارو ٿي ويو

    تر ۾ نالي وارو ٿي ويو

    سُهڻي سندر ڌيءَ ڪُٺائين

    ڌيءَ جي بدلي زال وتائين

    ڌيءَ جيڏيءَ سان جيئن سُتو هو

    چُهٽيو چنبڙيو ڄڻ ته ڇِتو هو

    دل ئي دل ۾ هُوءَ ٿو ڪاري

    ويٺي لڙڪ اکين مان هاري

    هُن جو ڇاتيءَ ڇوهه مري ويو

    هُن جي من جو موهه مري ويو

    ويٺي ويٺي هُن جي من ۾

    باغي ماڻهو جاڳي پيو ڪو

    ڀڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هئي

    دڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هُئي

    در قانون جو کڙڪائيندي

    جا ٿي هُنجي دل چاهيندي

    شادي تاٿي هُوءَ ڪندي

    رسمن جي زنجير کي ٽوڙي

    باغي ٿي هُوءَ ڳالهائيندي

    در قانون جو کڙڪائيندي

    سُوليءَ جذبا چاڙهيو ڇو ٿا؟

    ڪنهن جو چاهه چيٿاڙيو ڇو ٿا؟

    ڇو ٿا ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي ماريو؟

    غيرتمندو غيرت ڌاريو

    غيرتمندو غيرت ڌاريو

    هُوءَ جو هٿ سان وئي آ ماري

    ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟

    « حليم باغي

    « ادل سومرو، سنڌ جو سريلو شاعر
     
  7. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    موجوده ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال __گيت

    گيت



    سڄــــي رات ســـڏڪا ڀريندو رهي ٿو
    الئـــي ڪير ڪــــنهن کي سـڏيندو رهي ٿو


    دردن جــــا دل ۾ ڪــو ديرا اڏي ويو
    ۽ نيــڻن جـــي آڳر ۾ پيــــرا ڇڏي ويو
    سپــــــنن ۾ ايندو ۽ وينـــــــدو رهي ٿو

    ڀلا پيار کي ڪــير روڪي سگهيو آ
    ڀلا سار کي ڪـــير روڪي سگهيو آ
    زمـــــــانو آ ظــــالم جهلـيندو رهي ٿو


    موٽـــــي اچڻ جـو چئـــــي ڪونه آيو
    الئـي ڪــــهڙو ويڙهو وڃي هن وسايو
    مشـــــتاق راهــــون تڪيندو رهي ٿو




    خوابن ۾ اچڻ ٿــو چاهــــين يادن ۾ وســـــڻ ٿو چاهـــــين
    او يــــار لڳي ٿو منهـــــنجي نــــــيڻن ۾ رهـــــڻ ٿو چاهين


    تون روز رسيـــن ٿو مون ســـــان پرچي به پوين ٿو جـــــاني
    هِن هُن کان پڇــين ٿو منهنجو مون ڏي به اچين ٿو جاني
    مــــونساڻ وڙهڻ ٿو چاهـــين مونــــساڻ ٺـــهڻ ٿو چاهين!


    خـامـــــوش رهــــــين ٿو جيڏو، ها پيار ڪـــــرين ٿو ايڏو
    مـــان ڪيــــئن چوان مَن ڪــيڏو، هيڏو نه الائي هيڏو
    دل مون کي ڏيڻ ٿو چاهين دل مون کان وٺڻ ٿو چاهين!


    تون ســـــوچ ڀلا توکي مان ڪيــــئن ڇڏي سگهــــندس
    يــــادن کي جهـــــلي سگهـــــندس ڇا پاڻ پلي سگهندس
    مون"""کي ته لڳي ٿو منهنجي تون دل ۾ ٽڪڻ ٿو چاهين!


    تنـــــــهنجا نه ســــڄڻ ٿيــــــندا منهـــــنجا نه سڄڻ ٿينــدا
    مــــــشتاق جــــي باري ۾ ڏس توکــــــي غلـــــط ڏيـــندا
    تون غور ڪجان، ڏســــجان جي پيار ڪـــرڻ ٿو چاهين!



    اڄ ســـنڌوءَ ۾ تـــار ٿو پاڻي کپي
    سون ورني سنڌ ساماڻي کپي


    فصل پوکيل جلدي جلدي تيار ٿئي
    ٻاجـــهري جوئر مٿــــان ڪـا جـــهار ٿئي

    پيهو، ڳوڙها، نيـٺ کانــــڀاڻي کپي

    سون ورني سنڌ ساماڻي کپي


    مينهن، وَڇيون، پاڏا، ڳئون اُڃ ٿا مرن
    گاهه ڪونهي ڍور آخر ڇا چَرن!!

    لَنــــبُ کپي، لوسڻ کپي لاڻي کپي

    ســـــون ورني سنــــڌ سـاماڻي کپي



    او مٺا مانائتا ڳڀرو پرين
    ساڙ آخــر سنڌ سان ڇو ٿو ڪرين

    خـــــــوش اســــان کي راڄ جـي راڻي کپي

    ســــــون ورني سنڌ ســــاماڻي کپي



    هي ڀلا هَٿَ ناٽ هيڏا ڇو ميان
    تون گـــــهڙيــــن ٿو گهــاٽ هيڏا ڇو ميان

    سنـــڌ کي چئبو ته ســـرواڻي کپي

    ســــون ورني سنـــــڌ سامـاڻي کپي




    سنڌوءَ جي سرگوشيءَ پويان
    ڪينجهر جي خاموشيءَ پويان
    اڻ تڻ، اڻ تڻ، اونو، اڻ تڻ، جنگ جياپي جاري!!


    نئون رت گهري، نئون رت گهري
    ٿي سنڌ سمورو ست گهري


    هاريءَ جو هارياڻيءَ جو
    پيهي جو کانڀاڻيءَ جو
    ساهه سمورو سنڌوءَ جَرَ ۾ سنڌ سُڪي ٿي ساري!!


    نئون رت گهري، نئون رت گهري
    ٿي سنڌ سمورو ست گهري


    تون پيار به ڪر ها پيار به ڪر
    دل جو هر واپار به ڪر
    نڪري ٿو رونيڻ نگر مان- سنڌ جو ٿي سهڪاري!!


    نئون رت گهري، نئون رت گهري
    ٿي سنڌ سمورو ست گهري



    ويڙه به ڪن ويچار به ڪن
    پيار به ڪن تڪرار به ڪن
    اهڙا ئي مشتاق کپن ٿا، ماري وجهن جي ماري!!


    نئون رت گهري- نئون رت گهري
    ٿي سنڌ سمورو ست گهري




    هي جڳ جاني جيستائين
    پنهنجو پيار به تيستائين


    نيل گگن ها نيري نڀ ۾
    سورج روشن رهندو اُڀ ۾


    چنڊ، ستارا جيستائين
    پنهنجو پيار به تيستائين


    سانوڻ، ڪڪريون جُهڙ ڦُڙ جهوٽا
    انب، پپيتا مينديءَ ٻوٽا


    مور پپيها جيستائين
    پنهنجو پيار به تيستائين


    ڳاڙها، نيرا گُل ۽ خوشبو
    ڦُلواڙيءَ ۾ ڦُل ۽ خوشبو


    مهڪن ٻهڪن جيستائين
    پنهنجو پيار به تيستائين




    پيئون پيئون ٿا پيئڻ ۾ مزو آ
    ڪٿي يار توبن جيئڻ ۾ مزو آ


    رڳو بيقراري، رڳو بي سُڪوني
    اسان پيار ۾ ٿي پياسين جنوني


    پَري پر نه ويجهو ٿيئڻ ۾ مزو آ


    ها پُڳلي، ها پاڳل ۽ دل ديواني
    وڃائي ڇڏيسين سڄي نوجواني

    مگر دل وٺڻ ۽ ڏيئڻ ۾ مزو آ


    مٺا خاص مشتاق جو خيال رکجان
    نه توکي ڇڏيندو نه ئي کيس ڇڏجان

    رُسي پرچي هر هر ملڻ ۾ مزو آ





    هُوءَ رات به آئي سپني ۾
    هن مون کان هڪڙو سوال پڇيو


    ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟


    اڳ ۾ نه گذاري سگهندو هُئين
    ڪا هڪڙي گهڙي ڀي مون کان پري


    پوءِ ڪيئن گُذاريئي سال سڄو
    ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟


    اکيون ڪُڙريون ڪري گهنڊ منهن ۾ وجهي
    چَپَ ٻيئي ڀِڪوڙي ويجهو ٿي

    هن مون کان ٻيهر سوال پڇيو
    ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟


    مشتاق تون اڳ ۾ اهڙو نه هُئين
    ڇا توکي ٿي ويو هاڻ ڀلا


    هن روئندي روئندي حال پڇيو
    ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟


    ٿو ڪير چوي تون وسري آن
    او منهنجي جيون جي معنيٰ؟

    هن مُرڪي ڏنو مون سوال ڪيو
    ڇا لاءِ وساري ويٺو آن؟





    وري شام جو ڪنهن مڌر گيت ڇيڙيو
    الئي ڪنهن اسان جي اندر کي اُڊيڙيو



    مان روحاني رنگ سان ڪَٿا ڪا لکان ٿو
    ڀلي سِڪڻو سمجهو مان ڏاڍو سِڪان ٿو


    نقابن کي لاهيو گلابن کي ٽيڙيو


    اسان رات ڪنهنجي اکين ۾ گُذاري
    ڪٿي پاڻ هن کان گهڙي دور گهاري


    اچي پيار ساهن ۾ سڄڻن پکيڙيو


    عقابي اکين سان کڻي ڪنهن نهاريو


    ۽ مُرڪن سان ”مشتاق“ کي ڪنهن ته ماريو


    وارن جي وڪڙن ۾ ڪنهن دل کي ويڙهيو





    پنڊيءَ مان ڳڙهيءَ ۾ وري خون آيو
    اسان کي ٻُڌايو ته ڪنهن موڪلايو


    چون ٿا جنوني ٻه ماڻهو ڪي آيا
    چون ٿا ته خوني ٻه ماڻهو ڪي آيا


    پِرت جي پکيءَ کي انهن ئي اُڏايو!!


    سڀئي شهر شعلا، سڀئي ڳوٺ باهيون
    اسان ڪنهن کي پڪڙيون اسان ڪنهن تي دانهيون


    امن جي اکين کي جلادن جلايو!!


    سڄي سنڌ ماتم جو منظر ڏسان ٿو
    سڏڪن کان خالي نه ڪو گهر ڏسان ٿو


    سڀن پنهنجي گهر ۾ تڏو آ وڇايو!!


    اونڌيون کٽون ۽ مٺا کير هاري
    نٿي ٿڃ پنهنجن ٻچن کي ڪا پياري


    ۽ ٻارن به پيئڻ نٿي کير چاهيو!!


    “پنڪيءَ” جي پيڙا جي آتم ڪهاڻي
    وساري نه سگهندي ڪا سنڌوءَ جي نياڻي


    ڀلي ڳوٺ ڊاهيو، ڀلي جيل ٺاهيو!!


    مڙئي يار مشتاق کي دلبري ڏيو
    چوي ٿو ته سنڌ جو مسيحا مري ويو


    بچايو بچايو مٺي سنڌ بچايو!!


    (محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل)





    ڪَٽائي ڇڏيا باغ ڪنهن عاشقيءَ جا
    ويا رنگ مٽجي مِڙئي زندگيءَ جا


    نه خوشبو نه ميندي، نه جهرمر ستارا
    نه ڪي پيارا ماڻهو نه ڪي پيار وارا


    ويا دؤر گذري امن آشتيءَ جا


    کنيون دل وتئون ٿا خريدار ڪونهي
    نفرت وڌي وئي ڪٿي پيار ڪونهي


    اسان محب ماڻهو عاشق مِٽيءَ جا


    هتي ڪو مري ٿو هُتي ڪو مري ٿو
    صفا قياس ڪنهنجو نه ڪوئي ڪري ٿو


    رڳو دم هڻن ٿا ڪوڙا دوستيءَ جا




    روئڻ کان رُلڻ کان سِڪڻ کان نه روڪيو
    اسان کي سڄڻ سان مِلڻ کان نه روڪيو


    ڪجي ڇا پرينءَ کان گهڻو ڏور آهيون
    پنهنجي دل هٿان ڏاڍو مجبور آهيون


    اچڻ کان وڃڻ کان ڏِسڻ کان نه روڪيو


    گهڻا ڏينهن ٿي ويا ڏٺو يار ناهي
    اسان جي ذهن تي وڏو بار آهي


    پيئون ٿا پيئون ٿا پيئڻ کان نه روڪيو


    مڃي ئي نٿي ڪو مڃائي ڏيکاري
    آهي ڪو جو هن دل چري کي سُڌاري


    چوي ٿي ته محبت ڪرڻ کان نه روڪيو


    گهڻئي يار مشتاق ڪئي ماٺ آهي
    رهي هُن جي وس ۾ پرين ڳالهه ناهي


    ڪڇڻ کان پڇڻ کان لُڇڻ کان نه روڪيو


    مٽي ماڻهو منهنجي دلڙي
    هِنجي هُنجي سڀ جي دلڙي


    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا


    صبح اکين ۾ لڙڪ سجايا
    شام ڳلن تان سُرخي لاٿي
    شهر ڏي ويندڙ ٻار مري ويو
    امڙ جون اکڙيون گهر جا ڀاتي


    هِن کان هُن کان روز پڇن ٿا
    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا


    بارش آئي پاڻي بيٺو
    ڀُتڙي گهر جي ڀت ڪري پئي
    پوڙهو ماڻهو مٺڙي ننڊ ۾
    ان تي جڏڙي ڇت ڪري پئي


    ڏڪندي ڏڪندي رات ڪٽن ٿا
    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا


    ڀوري مينهن ۽ ڀورو پاڏو
    ڪاري ٻڪري بَرڙو ڇيلو
    چور ڪڍي ويا سوچن ويٺا
    ڪئين ڪٽيندا گهر جو ويلو


    بُک تي ننڍڙا ٻار سمهن ٿا
    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا


    ڍنڍون، ڍورا ڊٻ جا ٽُڪرا
    نيٺ ڪري ويو پنهنجي نالي
    جوان جڏهن ٿي مَس مَس مومل
    رئيس چيو ڪر کيس حوالي


    پوڙها ماڻهو کيس پِٽن ٿا
    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا


    سنڌوءَ ماتا جي سيني تي
    خنجر کوڙي ٽهڪ ڏين ٿا
    ڌاريا ماڻهو سونهن نگر کي
    چوريءَ چوريءَ چهڪ ڏين ٿا


    مون کان منهنجو ساهه ڇنن ٿا
    سڏڪي سڏڪي پار ڪڍن ٿا




    ساهيڙين جي ڇڏي سَٿَ کي
    اڪيلي تون گُهمين ڇو ٿي؟!!


    کِلي خوشين مان ڳالهائڻ، ڇڏي ڇا لئه ڏنو آ تو
    ساهيڙين کي به سمجهائڻ، ڇڏي ڇا لئه ڏنو آ تو


    پڙهي هر هر ساڳي خط کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!


    تکين ترڇين نگاهن جا عجب انداز ڪاڏي ويا
    ناهي سا لوڏ ٻانهن جي، نماڻا ناز ڪاڏي ويا


    ڏسي هر هر پنهنجي هٿ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!


    نه مُرڪون هَن نه ماڻا هن، نَڪوئي ٽهڪ آڇين ٿي
    الائي ڇو فضا کي تون نه مٺڙي مهڪ اڇين ٿي


    هڻي چَڪُ پنهنجي ئي چپ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!

    توکي مشتاق وانگر ئي ويو آ پيار ٿي شايد
    ويو توکان به آهي ڪو وري هاڻي رُسي شايد


    ڇڏي سينگار ۽ سَٺ کي، اڪيلي تون گهمين ڇو ٿي؟!!






    ملبو يا نه، الائي ملبو
    سور اندر جو ڪنهن سان سلبو


    پنهنجن ڀاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    گورين گورين ٻانهن ۾ ۽
    تنهنجي يار ڳچيءَ ۾ پاتل


    ڪارن ڌاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    سوچي سوچي جيئن سمهان ٿو
    تو جهڙو ڪو شخص اچي ٿو


    سپنن ساڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    ڪينجهر جي ڇولين ۾ ڄڻ ڪي
    تنهنجون يادون منهنجا ڳوڙها


    مڪليءَ ماڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ جلدي
    نيڻن ننڊ رُسي وئي آهي


    يار اوجاڳن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    تنهنجي دل ۾ منهنجي خاطر
    پيدا شايد پيار نه ٿيندو


    تنهنجن خيالن ۾، الائي ڇا هي؟!!


    تنهنجا خط پڳا هن ليڪن
    کولي خطڙا ڪيئن پڙهان مان


    بند لفافن ۾، الائي ڇا هي؟!!




    ريشم جي ڌاڳن، گلابن جي خوشبو
    هوا، بادلن ۽ بهارن جو منظر


    اسان کي ٿو ڏسجي اوهان جي اکين ۾
    سنڌوءَ جي سُهڻن، نظارن جو منظر


    نڪ جي ڦُلي ۽ ڪنن وارا والا
    مُنڊيءَ واري آڱر ۽ موتين جي مالها


    اسان جي اندر ۾ ويا عڪس اُڪري
    آڪاش ۾ جيئن تارن جو منظر!!


    اوهان وار کوليا ته خوشبو کلي وئي
    هوا ڄامشوري جي ڄڻ ڪا گهلي وئي


    لڳو دل جي ديوار تي تنهنجو ڦوٽو
    ۽ ڦوٽو به ڄڻ پيار وارن جو منظر!!


    ملو ٿا جي مشتاق سان ڳالهه ٻي آ
    اوهان ساڻ دل هُن جي ڏاڍي لڳي آ


    سڄو ڏينهن گيتن ۾ پوئي ٿو ويٺو
    اوهان جي ادائن، اشارن جو منظر!!




    هلڪي هلڪي ننڊ ڪرڻ ڏئي
    تنهنجا سندر خواب ڏسڻ ڏئي


    منهنجي دل کي سمجهائي وڃ
    هن کي هيڪر پرچائي وڃ


    جيئن سمهان ٿو هُوءَ اُٿي ٿي
    مون کان تنهنجو سوال پُڇي ٿي


    مونکي ٿورو ساهه پٽڻ ڏئي!!
    منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!


    جِهرمِر جِهرمِر تارا مون تي
    اوڙي پاڙي وارا مون تي


    مون تي ماڻهن کي نه کلڻ ڏئي!!
    منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!


    موٽي آ مشتاق مَرئي ٿو
    ڏاڍو توکي ياد ڪرئي ٿو


    تنهنجي ڀاڪر منجهه مرڻ ڏئي!!
    منهنجي دل کي سمجهائي وڃ!!





    پيار جي ويرين جو مَن ميرو
    دولت ميري ۽ ڌَن ميرو


    دل وارن جي دنيا ٻي آ
    هٿيارن جي دنيا ٻي آ


    اسڪولن ۾ ٻار مرن ٿا
    تنهنجا منهنجا يار مرن ٿا


    هتيارن جي دنيا ٻي آ
    ۽ ٻارن جي دنيا ٻي آ


    مون کان منهنجا يار پڇن ٿا
    گهر ۾ ننڍڙا ٻار پڇن ٿا


    ڇا پيارن جي دنيا ٻي آ
    آزارن جي دنيا ٻي آ


    مان سوچيان ٿو آخر ڇاهي
    ماڻهو ماڻهوءَ کي ٿو کائي


    مون پارن جي دنيا ٻي آ
    ڀوتارن جي دنيا ٻي آ


    مون سوچيو هو ڌار نه ٿيندا
    مون کي تنها ڪين ڇڏيندا


    پر يارن جي دنيا ٻي آ
    اغيارن جي دنيا ٻي آ



    بزدل ماڻهو ڀاڙ تَرا ۽ ڀاڙيا ٿئي
    ايڏا مٿي تي آخر ڇا لئه چاڙهيا ٿئي


    ٽوڙي ڦاٽڪ جي يادن کي ٽاريؤن ٿا
    ٻارنهن مئي جي واقعن کي به وساريؤن ٿا
    غيرن ليڪن لنگهه سمورا تاڙيا ٿئي!


    هر ماڻهو ٿو سوچي هاڻي ڇا ٿيندو؟
    سنڌ کي سڀ وسيلا واپس ڪو ڏيندو؟
    پنهنجا واعدا پنهنجن ساڻ نه پاڙيا ٿئي!


    پِنڪي« ويئي پيءُ به ويو ۽ ڀاءُ به ويو
    سوچيان ٿو هي ڄاڻ سُڪي درياءَ به ويو
    يار چريو هين ڌاريا آخر ڌاريا ٿئي!






    جاڳيا سنڌي ماڻهو سارا
    سنڌي ادبي سنگت وارا

    سڀ چون ٿا سنڌي ٻولي
    قومي ٻولي قومي ٻولي

    ب، ب، ٻ، ٻ جيئن پڙهن ٿا
    مون کي ڏاڍا تيئن وڻن ٿا

    سنڌ امڙ جا ٻار پيارا
    سنڌي ادبي سنگت وار

    هندو مومن گهر جا ڀاتي
    پيار امن جا سڀئي ساٿي

    سچ جا سنگتي حق جا نعرا
    سنڌي ادبي سنگت وارا

    ڌرتي جنهن کي ماءُ چون ٿا
    لاڙ اُتر کي ڀاءُ چون ٿا




    دل جي ڌڪ ڌڪ اک جا تارا
    سنڌي ادبي سنگت وارا

    موهن موڪلي ڪارونجهر تي
    ڪينجهر منڇر المنظر تي

    عشق انوکا نينهن نيارا
    سنڌي ادبي سنگت وارا

    پنهنجو دريا پنهنجو پاڻي
    پيها جهاريون ۽ کانڀاڻي

    ساريون سبزيون سمنڊ ڪنارا
    سنڌي ادبي سنگت وارا

    اکڙين جي آڳر ۾ ويهي
    ڪو ته ڏسي هي منظر ڏيهي

    مور پپيها چنڊ ستارا
    سنڌي ادبي سنگت وارا
     
  8. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    موجوده ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال __وايون

    وايون



    ڄـــــامـــشوري جـــــون هوائون

    درد جا جهـــــوٽا اماڻي پاڻ گـــم ٿيــــون ٿي وڃن

    گلبدن ڪنهن گُلَ پريءَ جون
    نــــــيڙريـــــــون ناسي نـــــگاهون


    پيار ڏَئي ڀاڪر ۾ آڻي، پاڻ گـم ٿيــــون ٿي وڃن


    شاعريءَ جو ڏوهـــــه ڪــــهڙو
    يـــــادگـــــيريون يــــــاتـــــــرائون


    پيار جي پهـچي ٺـــڪاڻي، پاڻ گم ٿيون ٿي وڃن

    ســــونهن جـــــا پنهـــــنجا قـــصا
    پيار جون پنهنجون ڪـــــٿائون


    ذهن کي قبضي ۾ آڻـي، پاڻ گــــم ٿيون ٿي وڃن




    ڪيئن وِڌئين ماري، سندر ناريءَ کي


    غيرتمند کي ڪو اچي
    غــــــــــيرت سيـــــکاري


    ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟


    پاڻ سڄو ڏينهن چاءِ پي
    وانـــــــــــدو گـــــــذاري


    ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟


    نيــٺ دوا ۽ ڊاڪٽــري
    هيـــــــل به ويـــا هاري


    ڪيئن وڌئين ماري، سندر ناريءَ کي؟





    وار کـــــــــــولـــــي اڄ وري


    ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي!

    ڳالهڙيون ڪي پيار جون
    هـــوءَ ٻُـــــڌي بس پي ٺري


    ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي

    ڪمرو، خوشبو، روشــــني
    ۽ اچـــــي ڪـــــا گُلَ پـري


    ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي

    پيــــــار، اوتي ســـــاهـــــه ۾
    ڀاڪـــــرن جي ڏئـــي ڀري


    ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجيءَ تي سُتي
    “مشتــاق” لئه آئـــــي کڻــي
    دنيا سڄـــــيءَ جــــي دلبري


    ڇوڪري هڪڙي چري، ٻانهن منهنجي تي سُتي



    وڻ ۾ واهــيرو ڪــــري
    ويٺـــــو مَسَ پـــــــکــــي

    وري اُڏامــــــــي ويـــــــو

    دل جــــي لڏندڙ لام تـي
    پــنهنـــــــــجا پيــــر رکي


    وري اُڏامــــــــي ويـــــــو

    سونهن ننگر ۾ پيار جــو
    ننـــــڍڙو ڳــــــــوٺ ٻَڌي


    وري اُڏامــــــــي ويـــــــو

    الءِ ڪــــيئن اُمـاس ۾
    هڪڙي چڻنگ بَکـــــي


    وري اُڏامــــــــي ويـــــــو

    يادن سندا قافلا
    ڏســــــــي دل دُکـــــــــي

    وري اُڏامــــــــي ويـــــــو






    مـــــحبت جـــــــا پيـــــغام
    تنهنجن نيـــــڻن ۾ پــــرين


    گـــــلابن جــــون پنــکڙيون
    مينــــــديءَ ســـــندي لام
    تنـــــهنجن نيــــڻن ۾ پرين


    پکـــــيئڙن جـــــي پيار مان
    آهـــــــــــــــــــــــي روز اُڏام

    تنـــــهنجن نيــڻن ۾ پـــرين


    مون کي لڳندي آهه ڄــڻ
    ڄــــامشوري جـــــي شـــام

    تنهنجن نيــــڻن ۾ پـــــرين


    ڄڻ ته شهيدن موڪـــليا
    آهـــــن ســـــرخ ســــــــلام
    تنـــــڱهنجن نــيڻن ۾ پرين

    هڪڙو هي ”مشتاق“ ڇا؟
    ماڻــــــهـــو کــــوڙ مـــــدام

    تنــــهنجن نيـــــڻن ۾ پرين



    هُوءَ ڏِس نِم جــي ڇانوَ ۾
    پنهنجــــن وارن کي
    لاسُ لڳائي نينگري

    ٽيڙي اک سان پئي ڏسي
    دَرَ ۽ چــــــارن کــــي
    لاسُ لڳائي نينگري

    ڪيڏو پيار ڪري پئي
    ننــــڍڙن ٻــــارن کي
    لاسُ لڳائي نينـگري
    روز سينگاري ٿي ڇــــڏي
    گـهر جي جارن کي

    لاس لڳائي نينگري

    ياد ڪري ”مشتاق“ جان
    دل ســان پيارن کي

    لاسُ لڳائي نينگري



    مــــــــون کـــــي سارينـدي
    نانءُ پڪـــــــاريندي
    نيٺ چري روئي پئـي

    مون ته ٻُڌو آ چنـــــڊ ڏي
    رات نهــــــارينــــــدي
    نيٺ چري روئي پـئي

    منهنجي ڦوٽوءَ ڏي ڏســي
    پـــــاڻ ســـنوارينــدي
    نيٺ چري روئي پئـي

    نڪتيـــون ڳالهيون پيار جون
    موضوع ٽــاريــ؛؛ـندي
    نيٺ چري روئي پئي

    ڪينجهر تي ڪا ڪـــامڻي
    شــــام گـذاريـــــندي
    نيٺ چري روئي پئـي

    ڪالهه به ڪو ”مــشتاق“ جو
    گيت جهونگاريــندي
    نيٺ چري روئي پئي





    مون ۽ مــــــــــنهنجي يار جي
    ڄامشـــــــــوري پـــــار جـــــي
    ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

    ڪنهن ڳهيلي ڇوڪريءَ جــي
    سُــــرهي سُــــــرهي سار جــــي
    ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

    هيـــــــــر، خوشـبو ۽ هوا جـــي
    منــــــد جي، مهــــــڪار جي
    ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!


    ٽور ڪنهن جي، ٽهڪ ڪنهنجا
    مُــــــــــرڪ ۽ گفــــــــتار جـي
    ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!

    باغـــــــــــي ۽ مــــــــشتاق جي
    پهرئين پهــــــرئين پيــــــار جي
    ڳالهه ٿي هر هنڌ هلي!


    (مرڪزي خيال حليم باغي)






    چپ تي ڳاڙهو گل رکي

    مون کي ڏنائين، سارا ٿڪ لهــي ويا


    ڳل تي هڻي ٿڦڪيون
    پنهنجن هٿـــڙن ســــان

    ڳوڙها اگهيائين، سارا ٿڪ لهـــي ويا

    ڏاڍي سڪ لڳي هُئي
    مُرڪــــي مـــاڻن سان

    مون کي چيائين، سارا ٿڪ لـــهي ويا


    اچڻ سان ”مشتاق“ جو
    ويٺــــــل ماڻـــــهن کان
    جيئن ئي پڇيائين، سارا ٿڪ لهي ويا


    (مرڪزي خيال اياز گل)





    سنڌ ورسٽيءَ کان پري شام گذاريندي
    روئي پئي ڇوڪري


    آئيني جي سامــــهون وار ســــنواريندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    مندر ۾ ڪي ميڻ جون بتيون ٻاريندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    گهر کان ٻاهر گهوٽ جي راهه نهاريندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    سرمد ۽ عرفان جون ڳالهيون ساريــندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    اڄ به پريــــــــالوءِ ۾ هــــنجون هــاريندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    چون ٿا ”مشتاق“ جو نانءُ پڪـــاريندي
    روئي پئي ڇوڪري!


    (سرمد: مٺڙو ڪلاڪار، رحمٰن مغل

    عرفان: پيارو دوست عرفان مهدي




    پنڇي پرڏيهي آيا ڪينــجهر تي ڪهي
    تون ڪِٿي آن سانوري؟


    اڄ به ويو آ سُوڳ ۾ ساجــهر ســـــج لهي
    تون ڪٿي آن سانوري؟


    چنڊ به پوڙهو ٿي ويو سختيون سور سهي
    تون ڪٿي آن سانوري؟


    تنهنجي درد فراق ۾ اجڙي عـــــــمر وئي
    تون ڪٿي آن سانوري؟


    ٿورو ئي مــــشتاق کي پر وڃ پيـــــار ڏئي
    تون ڪٿي آن سانوري؟



    جـــيون چـــــاهي ٿـــــو

    امـــــن، آزادي، آجـــــپو

    هُــو ڏس ٽاريءَ لام تي
    ڳــــيرو ڳــــائي ٿو

    امن، آزادي، آجپو

    پــــوڙهو ماڻهو پيار مان
    ٻار پــــڙهـــــائي ٿو

    امن، آزادي، آجپو


    هيل به پاڻي آ ڪـــٿي
    شخص ڳالهائي ٿو

    امن، آزادي، آجپو


    ڏاڍو مـــــزو هــــو اڳــي
    ڳالــــهه ٻُڌائــي ٿو

    امن، آزادي، آجپو


    روز ڪُهاڙي ڇوڪرو
    هــــاڻ ٺپــــائي ٿو

    امن، آزادي، آجپو

    خط لکي ڪو جيل مان
    جـــيل گهمائي ٿو

    امن، آزادي، آجپو


    سڪ مان نينگر سنڌ جو
    نقشـــو ٺاهـــــي ٿو

    امن، آزادي، آجـپو



    ملي نه ســـــــــگهنداسين
    نيـــــــــاپو ڇــــــــڏي وئي
    منهنجي دل مڃي نٿي!

    فون ڪيم پر فون تي
    رات به روئـــــــــــي پـــــئي

    منهنجي دل مڃي نٿي!!

    خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري
    ڪـــــــافر قيد ڪـــــئي

    منهنجي دل مڃي نٿي!!

    پوپٽ، ڀؤنرا باغ جا
    ســـــــــورن منجهه ســڀئي

    منهــــنجي دل مڃي نٿي!!

    منهنجي ڪري ئي وري
    اهــــــڙا ڏانهـــــن ڏٺــــــئي

    مـنهنجـــي دل مڃي نٿي!!




    رات به ٿــــــي آيـــــــــو
    چنڊ پرينءَ جي پار کان
    چوريءَ چــــــپڙن مــان
    مـــــڌو بـــــه پــــــي آيو
    چنڊ پرينءَ جي پار کان
    ڳاڙها ڳل، نيريون اکيون
    پيـــــر چمــــــــي آيــــــو
    چنڊ پرينءَ جـي پار کان

    ڀـــــــــــاڳــــــــــــن وارو آ
    نيـــــــــٺ گهـــــــمي آيو
    چنـڊ پرينءَ جـي پار کان

    وارن منــــجهان واهه جو
    واسُ وٺــــــــــي آيـــــــــــو
    چنڊ پرينءَ جي پار کـان

    ڳالهيون ڪي “مشتاق” جون

    پـــــــــاڻ ٻُــــــــڌي آيــــــو

    چنڊ پرينءَ جي پار کان





    ڇـــــا عـــمر گُـــذاريندينءَ

    چـــــئه يار بنـــــان آخـــــر

    ٽهــــڪ ڏئي کلنـــــدينءَ
    ۽ وار ســــنوارينـــــديــــنءَ؟

    چــــئه يــــــار بنـــــان آخر

    هــــوندينءَ به اڪــيلي ۽
    هن کي به نه سارينـــديـنءَ
    چـــئه يـــــار بنــــــان آخر

    مشــــتاق کــي ڇـڏ کــڻي
    تون پـــــاڻ سُڌاريــــنديــنءَ
    چـــــئه يـــــــار بنـان آخر





    خوشبــو ســــلام نياپا
    ۽ رنگ ٿي اُماڻي، مونڏي الالفجر جو


    آذان کــــــان اڳيـــــئي
    ڪي درد ڪي دلاسا
    ۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو


    پـيار ڀي ڪــــــري ٿي
    مـــــونساڻ بــــي تحاشا
    ۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو


    جوانيءَ جا پيار لمــحا
    يـادن جا ڪُــــل اثاثا

    ۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو


    سامهون فريم ۾ ڪا
    پــــئي ٿــي نچي رقاصا

    ۽ رنگ ٿي اماڻي، مونڏي الالفجر جو


    هن قرب جي قصي ۾
    امـــــيد پـــــيار آشــــــا

    ۽ رنگ ٿي اماڻي، مون ڏي الالفجر جو




    اکيــــن کــــي ننڊ ئي ناهي
    چــــون ٿيـــون هُوءَ اچڻي آ
    روئن ٿيــــون روز ويــچاريون
    چرين کي ڪير سمجهائـي
    چــــون ٿيـــون هُوءَ اچڻي آ

    ڪـــــٿي آ دوســـتي يـــاري
    پيــــو ٿو پيــــــار ڌڪ کائي
    چــــون ٿيـــون هُوءَ اچڻي آ

    کڻو هيءَ درد جـي ڪيفيت
    خوشي ڏيــــــو يار موٽــــــــائي
    چــــون ٿيـــون هُوءَ اچڻي آ

    وٺي مشـتاق کي ننـــــڊ وئــي
    اکيـــن پٽــــڪو ڏنو لائـــــي
    چــــون ٿيـــون هُوءَ اچڻي آ
     
  9. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    موجوده ڪتاب ( دل ت، چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال __دوها

    دُوها




    ســـــج به ساڳيو چنـــڊ به ساڳيو ساڳيا تارا يار
    ســـوچــيان ٿو ويا آخر ڪاڏي ماڻهو مڻيادار


    دل به ســـاڳي ديـس به ساڳيو ساڳي نيڻ نهار
    ســـوچيان ٿو ڇو دل وارن کان دل وارا ٿيا ڌار


    اوطــــاقن ۾ ســــي نه ڪـــــــچهريون ۽ مــصنوعي پيار
    ڀاڙيا ماڻهو گيدي ماڻهو، ماڻهــــــو ٿيا مُــــردار


    قومي غيــرت واري جذبي کان خالي ڪردار
    مــان ســمجهان ٿو سي ئي ماڻهو بزدل ۽ بيمار




    مــــون وٽ دنيــــــــــا جي هر شـــــيءِ آ پر جــــي هُوءَ نه آهه
    اينــــــدو چئـــــن ڀلا ڪيـــــــئن دل کي تـــــون ئي پاڻ ٻُڌاءِ


    تيــــــــز هـــــــوا ۽ بــــــارش ۾ هُــــــوءَ روئنـــــدي رات رهــــي
    دل به چـــــــــــري آ هُـــــن جي دَرتي ڦٿـــــڪي نيــــٺ مُئي


    روئـــــــي روئــــي راتـــــيــــن جــــــو هُوءَ ننــــڊ ڦــــــــــٽائي ٿي
    ڪـــــيڏو ڀــــــاڳن وارو چئــــــبو جنــــــهن کـــــي چاهي ٿي





    ٻارنهن مَئـــــي تي ڪـــنهن جي وڏ وَر ڀيڻ به وِڌاوا ٿي

    ٻارنهــــــن مَئــي تي سِنـــــڌ امڙ جا پُٽ به ويا ڪُسجي



    ٻارنهــــن مــئي تي لال لَهوءَ ســــــان روڊ رَتو رت ٿــــــيا

    مـوري، پنــــگرئي پوري سنــــڌ ۾ لاش پُڄـــــن ٿـــــا پيا



    رستا روڊ بـلاڪ سمـــــورا باهـــــيون ئــــي بـــــاهــيون

    ڄـــــڻ ته اســــــان هِـــــن ڌرتـيءَ جــــا وارث ئي نـاهيون



    روڊ تــــــتل ۽ گــــرمي ڏاڍي گـولــــين جــــي بُوڇـــــــاڙ

    ڌاريـــــن مــــاڻهن جــي ڌرتيءَ تــــي جــــاري آهـــــه لتاڙ



    او ڪُنــرائي ســـــڀ سنـــڌياڻيون تـــــوکي سـارن ٿيون

    توکي ساري سُڏڪي سُڏڪي هنـــــجون هــــارن ٿيون



    ٻُرڙا تنـــــهنـــجا ٻار پڇــــن ٿــــا ڪـــــاٿي آهـــين تون؟

    مونــــکان تنهـــــنجا يار پــڇن ٿا ڪــاٿي آهــــين تون؟



    تــــو تـــــــــه چــــيو هو جلدي اينـدين آئين ڪونه اڃا

    ٽــي ويءَ تــي ٿا لاش ڏيـکارن پر آءٌ ڪـــــيئن مــــڃان



    آءٌ سڃـڻان ســـــڀنــي کي جـــــن ماڻهـــــو هــــن مــــاريا

    منهنجي گهر تي قبضي جي ٿا ڪوشش ڪــــن ڌاريا



    هيءَ ڪـــراچي ڪنهنجي ناهي آهه ڪـــلاچي سنڌ

    آهــــه اســــان جو پنـــهنجو عُضــــوو آهه اسانجي جند



    (ٻارنهن مئي جي شهيدن جي نانءَ)

    **




    پڻـــــگهٽ پاڻهـــــــيارن جـــــــا ٽولا ناســــــي ناسـي نيڻ

    تن جي جوپن جــادوءَ ۾ پـــيا ڪـــــيئي ڦاســـــي نيــڻ



    ناسيون، نبـــريون چُنــريون پائي ناريون نڪتيون جيئن

    هو ڏس ساهون سُڪل وڻ مان ٽارون نڪتيون تيئن



    ڪونج ڳچين ۾ هنسليون پائي ناريون نڪتيون هيل

    صــحرا ۾ پــــــڻ ساوڪ ٿــــــــي وئــــي ڦـول ڦٽا رابيل



    هــوءَ ڏس سامـــــهون وڻ جي هيـــــٺان ويٺــي ان ڇڻي

    مــنهنجي ســـنڌ جــــي ڄائي آخر مون کي ڇــو نه وڻي



    هـــوءَ ڏس سامهــــون اجــــرڪ واري لوڏيندي ٻانهون

    هُن ســـان گڏ ڀـــــٽائيءَ جــــون آهـــــــن ڪي دُعائون



    هـــــوءَ ڏس سامـــهون ڳڀــــرو ناري ويٺــــــي ڀرت ڀري

    هُن جـــي هِڪ هِڪ ٽاڪي تي ٿي منهنجي دل ٺري



    هُوءَ ڏَس سامــهون وارن کــي ٿــــي ويٺـــــي لاسُ هَڻــي

    ڄڻ ته اسان جي دل جي گهر ۾ خوشبـوءَ خاصُ هڻـــي
     
  10. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪتاب ( دل ته چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ شاعري : مشتاق ڦل ، مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    ادا وعليڪم سلام

    ادا مان ڪتاب جو نالو مٿي پهرينا ڏئي ڇڏيو آهي باقي شاعر جو نالو اوهان ٻڌايو ۔
    مهرباني ادا سليمان وساڻ ۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪتاب ( دل ته چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ شاعري : مشتاق ڦل ، مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    واه واه ..................
     
  12. عدنان ڪٽپر

    عدنان ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    107
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Larkana
    جواب: ڪتاب ( دل ته چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ شاعري : مشتاق ڦل ، مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    واه ادا واه جيڏي تعريف ڪجي ڪجهه به ناهي۔۔۔۔ ^:)^^:)^^:)^
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪتاب ( دل ته چوي ٿي ) تان ورتل ۔۔۔ شاعري : مشتاق ڦل ، مصنف ۔۔مرتضي‘ سيال

    سبحان الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو