اڪثر عورتون گهرن ۾ ڏهي ڄمائينديون آهن... ان جي لاءِ مٽي جي پيالن ۾ اٻرندڙ کير کڻي ان ۾ پهريان کان تيار ٿيل ٿوڙي ڏهي ملائيندي ويندي آهي پوءِ ان کي ڪنهن ٿلهي ڪپڙي سان چڱي نموني ڍڪي رکبو آهي جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڏهي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي...
ڏهي هڪ مڪمل غذا آهي جنهن کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو...
ڏهي ۾ ٿورو فريش ڪريم، مايونيز ۽ ڪجهه موسم جي آهر ميوات شامل ڪري فروٽ سلاد بڻائي سگهجي ٿو... جنهن ۾ ڪيلشم ۽ ڪاربو هائيڊرائيٽ جي مقدار سوائي ٿئي ٿي....
ڏهي آساني سان هضم ٿيڻ واري غذا آهي جنهن ڪري نظامِ هضم کي درست رکندي آهي.... ڏهي ڊائيٽنگ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ مڪمل غذا آهي... ڇو ته هن ۾ ڪيلوريز تمام گهٽ ٿئي ٿي ...
ڪجهه ماڻهون ڏهي کي واپرائيڻ کان گهٻرائيندا آهن انهن جي خيال ۾ هن ۾ بيڪٽريا ٿيندا آهن جيڪي نقصان ڏيندا آهن.... اهڙي سوچ رکڻ وارا حقيقت ۾ ڏهي جي فائدن کان واقف نه آهن... حقيقت ته اها آهي ته ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا عام نقصان ڏيندڙ بيڪٽريا کان مختلف ٿيندا آهن... ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا کير ۾ شامل ٿي جسم ۾ تيزي سان پکڙجندا آهن ۽ وڏي مقدار ۾ وٽامن بي پيدا ڪندا آهن... ياد رهي ته وٽامن بي آنڊن جو نظام درست رکڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ٿيندي آهي....
دوستو .. ! گرمين ۾ ڏهي کي پنهنجي روزانو واري غذا جو حصو ضرور بڻايو ته جيئن توهان جي هضم ڪرڻ وارو نظام درست رهي...