ڏهي جا فائدا

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڪثر عورتون گهرن ۾ ڏهي ڄمائينديون آهن... ان جي لاءِ مٽي جي پيالن ۾ اٻرندڙ کير کڻي ان ۾ پهريان کان تيار ٿيل ٿوڙي ڏهي ملائيندي ويندي آهي پوءِ ان کي ڪنهن ٿلهي ڪپڙي سان چڱي نموني ڍڪي رکبو آهي جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڏهي جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي...
    ڏهي هڪ مڪمل غذا آهي جنهن کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو...
    ڏهي ۾ ٿورو فريش ڪريم، مايونيز ۽ ڪجهه موسم جي آهر ميوات شامل ڪري فروٽ سلاد بڻائي سگهجي ٿو... جنهن ۾ ڪيلشم ۽ ڪاربو هائيڊرائيٽ جي مقدار سوائي ٿئي ٿي....
    ڏهي آساني سان هضم ٿيڻ واري غذا آهي جنهن ڪري نظامِ هضم کي درست رکندي آهي.... ڏهي ڊائيٽنگ ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ مڪمل غذا آهي... ڇو ته هن ۾ ڪيلوريز تمام گهٽ ٿئي ٿي ...
    ڪجهه ماڻهون ڏهي کي واپرائيڻ کان گهٻرائيندا آهن انهن جي خيال ۾ هن ۾ بيڪٽريا ٿيندا آهن جيڪي نقصان ڏيندا آهن.... اهڙي سوچ رکڻ وارا حقيقت ۾ ڏهي جي فائدن کان واقف نه آهن... حقيقت ته اها آهي ته ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا عام نقصان ڏيندڙ بيڪٽريا کان مختلف ٿيندا آهن... ڏهي ۾ موجود بيڪٽريا کير ۾ شامل ٿي جسم ۾ تيزي سان پکڙجندا آهن ۽ وڏي مقدار ۾ وٽامن بي پيدا ڪندا آهن... ياد رهي ته وٽامن بي آنڊن جو نظام درست رکڻ ۾ تمام گهڻي مددگار ٿيندي آهي....
    دوستو .. ! گرمين ۾ ڏهي کي پنهنجي روزانو واري غذا جو حصو ضرور بڻايو ته جيئن توهان جي هضم ڪرڻ وارو نظام درست رهي...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    توهان بلڪل سچ ٿا چئو ڌونئري ۾ رب سائين انيڪ فائدا رکيا آهن. ڏسو پهرين کير ان ۾ٿورو ڏُڌ ملائيڻ سان ڏهي جيڪڏهن ڄمائڻ وارو ٿانو صاف سٿرو آهي، ته مٺو ڌونئرو ۽ ٿورو ٿانوَ آڇلايل يا ڌوتل ڪونهي ته ڌونئرو کٽو، هاڻي مٺي ڌونئري ۾ ٿورو پاڻي ملائي ان کي ولوڙيو ته مٺي لسي ۽ زبردست مکڻ ۽ مکڻ مان وري اصل نڀار گيهه، اسان وٽ گهڻن ڳوٺن ۾ اها سنڌي چوڻي آهي ته ” جيڪو نه ڪري ماءُ ۽ پيءُ اهو ڪري خالص گيههُ، هاڻي مٿي ڄاڻايل ڏهي مان بنايل هرشيءَ ۾ الله سائين جي طرفان بيشمار فائدا ڳڻيندا وڃون ته اسين ٿڪي پونداسين پر ڏهي مان بنايل انهن فائدن جو شمار ڪري ڪونه سگهنداسين. بهر حال ادا رشيد سمون جي بهترين شيئرنگ .
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام بهترين شيئرنگ ادا رشيد صاحب..........
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين رشيد توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي معلومات ڏني
    مولا خوش رکئي
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا ماسي ڏهي جي باري ۾ ٻڌائڻ جي مهرباني.
     
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين رشيد صاحب تمام لاجواب شيئرنگ آهي
    توهان واقعي اهڙا انمول تحفا اسان کي ڏيو ٿا، توهان به حڪيم لڳا پيا آهيو .
     
  7. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا رشيد واقعي ڏهي جاانيڪ فائدا آهن اسين لاڙ ۾ ڏڌ چوندا آهيون انشاءَالله جلدي ڏڌ تي جديد سائنسي انداز جي معلومات رواني ڪندس .اوهان صهت بابت مضمونن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو اها قابل تعريف ڳالهه آهي
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڏهي جا فائدا

    ادا مهرباني
    تمام سٺي شيئرنگ۔۔۔۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڏهي جا فائدا

    بهترين شيئرنگ آهي ۔
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڏهي جا فائدا

    ڏهيء جا ته انيڪ فائدا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪي دوستن پٿي ٻڌايا انهنجي مهرباني

    لڳي ٿو ته ادي رشيد وارن وٽ مينهن جو واڙو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کي ڪافي تجربو ٿولڳي
     
  11. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڏهي جا فائدا

    ادي رشيد تمام ڪارئتي ونڊ شئير ڪئي اسان سان اميد ته سڀئي دوست ڏهي مان مڪمل فائدا حاصل ڪندا ۽ الله تعالي جو شڪر ادا ڪندا رهندا۔
     
  12. علي نقي

    علي نقي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    جواب: ڏهي جا فائدا

    ماشاء الله سائين رشيد جي مهرباني ڏهي کانئڻ جو هڪ فائدو اهو آهي ته جسم جا وار جلدي اڇا نه ٿيندا آهن هيپاٽائيٽس وارن لا به مفيد آهي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو