• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

جواب: مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

ادا رنجيت طرفان دعوت ڏيڻ ادا اسد سڀ کان پهريان ڄامشورائي ۽ بعد ۾ مست ٿي نه صرف پنهنجي حاضري کي برقرار رکيو پر پنهنجي تحريرن جي معيار کي به ڪرڻ نه ڏنو ۔۔۔ فورم تي 5000 تحريرن جي ڏاڪي کي پهڇندڙ پهريون رڪن جنهن جي هر موضوع کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ تي دل چوندي آهي۔۔۔
سنڌ سلامت فورم جي شايد ئي ڪا تحرير هجي جيڪا سندس نظر مان نه گذري هجي۔۔۔ پنهنجي گهريلو ڪم ڪارن وانگر سنڌ سلامت تي اچي لکڻ به فرض سمجهندا آهن۔۔۔
سادي طبيعت جا مالڪ ۽ ڪمپيوٽر جي خوب معلومات رکندڙ سوڀر نوجوان آهن ۔۔۔ فوٽو شاپ کان وٺي ڪورل ڊرا تي خوب عبور رکن ٿا۔۔۔۔
فورم تي لکڻين موڪلڻ سان گڏو گڏ پس منظر ۾ رهي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن ۔۔۔ انتظاميه جا فعال رڪن آهن جنهن ڪري مون سميت سنڌ سلامت کي سندن تي فخر آهي۔۔۔۔

مهرباني ادا رشيد۔۔ اهي توهان جا ئي قرب آهن جو سنڌي دوستن جي ميلي کي سنڌ سلامت جي نالي سان انٽرنيٽ تي هڪ مرڪز طور سجايو اٿوَ، جتان اسان ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيون آهن، ڪيترا ئي ساٿ پاتا آهن۔۔۔ توهان جي محنت اڳيان مست جي پتڪڙي محنت ڪجهه به نه آهي۔۔۔ لک ٿورا
 
جواب: مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

سنڌ جي ۽ سنڌ سلامت جي هڪ سچي سپاهي ۽ محبتي دوست مست صاحب جي ڇا ڳالهه ڪجي، مست صاحب هميشه پنهنجي ڪم ۾ مست رهندي سنڌ سلامت لاء پاڻ پتوڙيندو رهيو آهيو ، ۽ انهيءِ مستي دوران سنڌ سلامت کي انمول ۽ دل کي باغ نهار ڪندڙ 5000 ليک ونڊ ڪيا آهن۔ جنهن تي هن ناچيز ممتاز علي وگهيو طرفان دل جي گهراين سان مبارڪ قبول پوي،

5000_600x300.jpg
ادا مست منهنجي توهان سان ملاقات ته ناهي ٿئي، پر مان محسوس ڪندو آهيان ته توهان به فقيري رنگ وارا ماڻهون آهيو، سو ان لاء اوهان لاء هي فقيري رنگ وارو تحفو پڻ قبول پوي۔​
http://www.youtube.com/watch?v=qYjLUyXyax8
http://www.youtube.com/watch?v=WWjMDreskLY
 
جواب: مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

ابا مستن کي سلام

5000 تحريرون وڏي ڳاله آهي۔

سائين لڳي ٿو سنڌ سلامت ۽ مست آهي باقي اسان ته هڻون خالي ٻٽاڪون
 
جواب: مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

ادا مست مون مسڪين طرفان به اوهان کي لکين واڌايون۔
 
جواب: مست کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد .............

ابا مستن کي سلام

5000 تحريرون وڏي ڳاله آهي۔

سائين لڳي ٿو سنڌ سلامت ۽ مست آهي باقي اسان ته هڻون خالي ٻٽاڪون

ادا اوهان به ڪجھ ڪوشش کي جاري رکو۔۔۔۔الله چڱو ڪندو باقي اوهان اوطاق تي ايندا ئي ڪان ته ڪاڏهان ڪم ٿيندو۔۔۔۔پاڻ ته سڄو ڏينهن ويٺا آهيون ته به 1000 به موضوع ڪان ڪيا آهن۔۔۔۔۔وري ڪٽ پيس ڪرڻ کان ٿورو لوائيندو آهيان نه ته هڪ ڏينهن ۾ 5000 موضوع ڪري ڏيکاريا۔۔۔۔۔بس مال جنگ ۾ چريندو آهي۔۔۔۔اسان لٽ کڻي اچي اوطاق تي ويهي رهندا آهيون۔
 
Back
Top