ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
بوهي مڱ جي پوک وقت جي اهم ضرورت
تيلي ٻجن وارا فصل اسان وٽ وڏي اهميت رکن ٿا، کاڄرو تيل جي ملڪ اندر گهٽائي هجڻ ڪري وقتن بوقتن بحرانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تيل وارن فصلن جي گهٽ پوکي ڪرڻ سبب هر سال تيل ٻاهران گهرايو وڃي ٿو، جنهن تي تمام گهڻو ملڪي ناڻو خرچ ٿئي ٿو،اسان جي ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي کپت تقايبا 1.95 ملين ٽن آهي، جنهن مان 70 سيڪڙو تيل ٻاهرين ملڪن مان گهرائي ضرورت کي پورو ڪيو وڃي ٿو. تيل وارن فصلن جي پوک اسان جي ملڪي معيشت تي گهرو اثر رکي ٿو، تنهن ڪري تيل وارن فصلن جي پوکي وقت جي اهم ضرورت ۽ اڻٽر پڻ بڻجي ويو آهي، بوهي مڱ جي منڌائتي پوک ڪري تمام گهڻو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، تيل وارن فصلن ۾ بوهي مڱ خريف جو نهايت اهم فصل آهي. هن جو پوک پاڪستان جي هر علائقي ۾ ڪري سگهجي ٿي، بوهي مڱ جتي 50 کان 90 سينٽي ميٽر برسات ساليانو پوي ٿي انهن علائقن ۾ ڪاميابي سان پوکيو وڃي ٿو، بوهي مڱ ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ۾ آندو وڃي ٿو، بوهي مڱ مان حاصل ٿيندڙ تيل اسان جي پيٽ قوت جي پورائي لاءَ ڪتب اچي ٿو، بوهي مان حاصل ڪيل تيل گي تيار ڪرڻ صابڻ ٺاهڻ، هار سينگار جو سامان ان کانسواءَ وارن لاءَ لوشن تيار ڪرڻ ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، بوهي مڱ جو تيل دوائن جي تياري ۾ به ڪم اچي ٿو، بوهي مڱ جا گورا ثابت حالت ۾ به تمام گهڻا استعمال ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ بيڪرين ۾ ڪيڪ. مٺائي، لائي ٺاهڻ ان کانسواءِ هنن مان پائونڊر ٺاهي ان مان کير پڻ تيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ اصل کير واري غذائيت موجود هوندي آهي، بوهي مڱ جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي شيون ضروري آهن انهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
زمين جي چونڊ؛ هن فصل لاءِ واريا سي ۽ لٽياسي زمين موزون آهي، سم، ڪلر ۽ سخت زمين ۾ بوهي مڱ جي پوک هرگز نه ڪجي.
زمين جي تياري؛ زمين کي ٻه ٽي اونها هر ڏئي ڀتر ڀڃي هموار ڪري ريج ڇڏجي ،وٽ اچڻ تي ٻه سائي جا هر ڏئي سهنور گهمائجي، ان کان پوءِ هڪ ايڪڙ ۾ چار ٻارا ٺاهجن ۽ ٻارن جي وچان اهڙي نموني ناليون ٺاهيون وڃن جو هر ٻاري کي الڳ الڳ پاڻي ڏئي سگهجي، ائين ڪرڻ سان سڀني ٻوٽن تائين سولائي سان خوارڪي جزا پهچي سگهندا فصل جي واڌ ويجهه به هڪجهڙي ٿيندي، جنهن ڪري فصل مان سٺي پيداوار ملي سگهندي.
پوکي جو وقت؛ ڏکڻ سنڌ ۾ مئي ۽ اتر سنڌ ۾ جون جي مهيني ۾ پوک ڪجي جڏهن ته باراني علائقن ۾ 15 جون کان جولاءِ جي آخر تائين پوک ڪري سگهجي ٿي.
ڀاڻ جو استعمال؛ 2 کان 3 ٽرڪون في ايڪڙ ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ وجهڻ گهرجي، جڏهن ته ڪيميائي ڀاڻ ٻه ٻوريون نائيٽروفاس ۽ ڏيڍ ٻوري پوٽاش يا هڪ ٻوري ڊي اي پي پوکي وقت ڏجي ۽ هڪ ٻوري يوريا پهرين پاڻي تي ڏجي.
ٻج جو مقدار؛20 کان 25 ڪلوگرام ڇليل داڻا يا گورا في ايڪڙ لاءِ ڪافي آهن.
پوکي جو طريقو؛فصل مان سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ پوکي ناڙي وسيلي ڪئي وڃي، ناڙي ڏيڍ کان ٻن فوٽن جي فاصلي تي ڪئي وڃي.
جنسون؛ جي 17،جي 15، چڪوري، باري 84 سڌريل۽ سفارش ٿيل جنسون آهن.
پاڻي؛ بوهي مڱ جي فصل کي پهريون پاڻي پوکي کان 20 -25 ڏينهن کانپوءَ ڏجي باقي فصل جي ضرورت مطابق وقفي سان ڏجن ڪل 6 کان 7 پاڻي ڏيڻ گهرجن.
ٻوٽي جي ڇڊائي ۽ گڏ؛ سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ٻوٽن جي وچ ۾ 5 کان 8 انچ فاصلو رکڻ ضروري آهي جڏهن ته هن فصل کي گڏ جي صورت پڻ پوي ٿي. جيڪا پڻ ضروري آهي، ضرورت موجب گڏ به ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ گندگاهه وارن ٻوٽن سميت گهربل فصل جا اضافي ٻوٽا به ڪڍي ڇڏجن، آبادگارن ڀائرن کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرائيندا هلون ته بوهي مڱ تي اڇي ماڪوڙي، ٿرڙو حل جون ۽ اڏوهي جو حملو ٿي سگهي ٿو، جڏهن به اهڙي ڪانشاني ظاهر ٿئي ته ويجهي زرعي مرڪز تان ڄاڻ وٺي حل ڪڍڻ گهرجي.
لابارو؛ جڏهن ٻوٽن جا پن پيلا ٿي سڪڻ لڳن ته فصل کي لاباري لاءَ تيار سمنجهڻ گهرجي. يعني سيٽمبر کان آڪٽوبر تائين هي فصل تيار ٿي ويندو آهي.
پيداوار؛ جيڪڏهن زرخير زمين هوندي پاڻي، ڀاڻ ۽ آبهوا فصل کي ضرورت موجب وقت تي ملندي تي پوءَ هي آبي علائقن ۾ 25 کان 30 مڻ في ايڪڙ ۽ باراني علائقن ۾ 15 کان 20 مڻ في ايڪڙ پيدوارا حاصل ٿيندي آهي..
بشڪريه روزانه عبرت