ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ جي زراعت جا حل طلب مسئلا
منظور ڪالرو
تازو سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اهم سمجهيو ويندڙ پليٽ فارم تان زراعت جي حوالي سان سلهاڙيل مسئلن ۽ گهرجن بابت هڪ زرعي ڪانفرنس جو حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ ڪابينا ۾ موجود ٽن (سيد) وزيرن پڻ شرڪت ڪئي جن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، زراعت کاتي جو وزير سيد علي نواز شاهه ۽ آبياشي کاتي جو وزير سيد مراد علي شاهه شامل آهن. جڏهن ته سنڌ جا نالي وارا ماڊل آبادگار ۽ زراعي ماهرن جو به ڳچ تعداد اچي شريڪ ٿيو هو. وقت ۽ مهل جي نزاڪت سان هي ڪانفرنس اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان پريشاني وارو عالم ڏسجي ٿو ۽ چئوطرف پاڻي جي فراهمي لاءِ مطالبا ۽ احتجاج ٿي رهيا آهن. ان کانسواءِ آبادگارن کي سرڪار خاص ڪري سنڌ حڪومت سميت مارڪيٽ مافيائن ۽ ڀاڻ ڪمپنين توڙي زرعي دوائن جي ڪمپنين کان ڪيتريون ئي شڪايتون رهنديون اچن.
جيئن ته سنڌ صوفين جي سرزمين طور وڏو مان ۽ مرتبو رکي ٿي جنهن ڪري قدرتي نعمتن ۽ نوازشن سان مالا مال ڪيل آهي جتي زراعت کي ٻين شعبن جي ڀيٽ ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت حاصل آهي. زراعت جهڙي نعمت سان سنڌ جا ڪيترائي علائقا ڪنهن نه ڪنهن ريٽ ؤ ڪنهن نه ڪنهن فصل جي پوک جي لحاظ کان مشهور رهيا آهن جنهن ۾ چند ضلعا اهڙا به آهن جيڪي مکيه فصل جي رڪارڊ پيداوار ڏيڻ ڪري مشهور آهن. زرعي ڪانفرنس ۾ خصوصي شرڪت واسطي صدر پاڪستان جو زراعت جي حوالي سان صلاحڪار مجيدالله خان پڻ خاص توجهه جو مرڪز رهيو. هي ڪانفرنس سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻن نديم قمر جناب انور بچاڻي ۽ چيمبر جي ٻين عهديدارن جي ڪوشش سان منعقد ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي زراعت کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ معاملن کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ نهايت اهم ضرورتن کي سرڪار آڏو پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ خاص مسئلو پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ، پاڻي جي سخت کوٽ، نقلي ٻج ڀاڻ ۽ دوائون، ڪراچي جو واپاري طبقو زرعي زمينون خريد ڪري انهن تي بئنڪن کان قرض کڻڻ، زرعي ترقياتي بئنڪ پاران آبادگارن کي آسان طريقن سان قرض ڏيڻ،ڀاڄي مارڪيٽن ڏسو صفحو 7
۾ آبادگارن کي سهوليتون ۽ دوڪان ڏيڻ، ڪمند جو اگهه ۽ جنسون وڌائڻ، شوگرمل مالڪن جي هڪ هٽي ختم ڪرائڻ، زرعي مارڪيٽن ۾ ايجنث مافيا جي ڪردار جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ، زرعي مشينري جي سستي آبادگارن کي فراهمي، ٽيوب ويلن وسيلي بجلي تي آبادي ڪندڙن کي بلن ۾ خصوصي رعايت ڏيڻ، لوڊشيڊنگ جي وقتن ۾ گهٽائي آڻڻ، آبپاشي ۽ زراعت جي کاتي جي ڪارڪردگي کي معياري بنائڻ ۽ رشوت ڪلچر جو خاتمو ڪرڻ، آبادگارن جي تنظيمن، چوپايو مال ۽ ڊيري فارمن کي ترقي وٺائڻ جا اپاءُ وٺڻ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي فصلن سميت سنڌ جي ٻين فصلن جي بهتر رٿابندي ڪرڻ ۽ انهن جو واپار وڌائڻ لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ وارن معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. زرعي ڪانفرنس ۾ نديم قمر، نبي بخش سٺيو، امداد نظاماڻي آخوندغلام محمد صديقي، آغار نصرالله ۽ انور بچاڻي جن آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳو مسئلن ۽ شڪايتن کي نهايت ئي ڪارائتي نموني سان پيش ڪيو. جڏهن ته زرعي ڪانفرنس ۾ ايوارڊ يافته آبادگار انو بچاڻي هڪ اهڙي خطرناڪ جيت کان آگاهي ڏني جنهن کي سندس بقول ته سرڪار پاران روڪڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي ڪوششون نه ورتيون ويو ته سنڌ افريڪا يعني بيابان ۾ تبديلي ٿي ويندي. هن موقعي تي وزيرن پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي تي روشني وڌي ۽ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو وارا روايتي لفظ ورجايا. اميد ته حڪومت زرعي ڪانفرنس ۾ اٿاريل مسئلن ۽ معاملن جي حل لاءِ عملي ڪوششون وٺي آبادگارن جون شڪايتون ختم ڪندي.
بشڪريه روزانه عبرت