نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ ڏينهن مون پنهنجي زال کي چيو ته ” منهنجي جان! مونکي ڪڏهن به خراب حالت ۾ نه ڇڏجانءِ ۽ جڏهن اهو ڏسين ته منهنجي حياتي صرف مشينن ذريعي ۽ بوتلن مان نڪرندڙ دوائن ذريعي هلي رهي آهي ته سڀ مشينون بند ڪري ۽ جيڪي به شيون منهنجي زنده رهڻ لئه هجن ختم ڪري ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ آءُ اهڙي جيئڻ کان مرڻ پسند ڪندس ...
اوچتو مون واري زال ڪرسيءَ تان اٿي مونکي تعريفي نگاهن سان ڏسندي وڃي، ٽي ويءَ جي تار ڇڪي ڪڍيائين، ڪمپيوٽر جو ڪيبل ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيائين، ڊش جون تارون ڇني ڇڏيائين، ڊي وي ڊي ۽ وي سي آر کي وڃي ٻاهر اڇلايائين، ڪمپيوٽر کي وڃي اسٽور ۾ رکيائين ۽ منهنجو موبائيل فون کسي ورتائين ۽ فرج ۾ پيل ٿاڌل ( ڀنگ) جي بوتل وڃي حمام ۾ ڦٽو ڪيائين ...
آءُ اهو ڏسي بس وائڙو رهجي ويس ۽ اڳتي ساڻس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان توبهه ڪيم ... سو دوستو! اوهان به احتياط ڪجو ....