مست
سينيئر رڪن
هي سنڌي ٽيبلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن هڪ فنڪشن ۾پيش ڪيو هو، تمام زبردست هو ان ڪري توهان سان ونڊڻ تي دل چاهي۔۔
ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ سنڌي ڀوتار وٽ سندس نوڪر 4 مهينن کان بعد آيو۔۔۔ ڀوتار، جنهن جا ٻار ٻچا ، ماءِ ۽ ٻيو گهر گهاٽ ڳوٺ ۾هو، اهو ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ نه ويو هو۔۔۔
ڀوتار: جمعا ڏي خبر آيو آهين۔۔ خوش آهين۔۔۔
جمعو (پيرين پوئيندي): ڀوتار ها بابلا اچي ويس، اوهان جي دعا آهي بابلا ٽاٽ لڳو پيو آهيان۔۔۔
ڀوتار: او ايئن ڏسانءِ۔۔۔ ڏي خبر ڀلا مون واري ٽامي ڪيٽ جي ۔۔؟؟؟
جمعو: سائين اوهان واري ٽامي ڪيٽ ته مري وئي۔۔۔!!!!
ڀوتار: اڙي!! مون واري ٻلي مري وئي۔۔؟؟؟ ڪيئن مري مون واري ٽامي ڪيٽ؟؟؟
جمعو: سائين مئل گهوڙي جو گوشت کائيندي ته مرندي نه ته ٻيو ڀلا؟؟؟
ڀوتار: اڙي مون وارو گهوڙو به مري ويو۔۔۔ ڪيئن مئو؟ مون وارو ڀلو گهوڙو۔۔۔
جمعو: سائين گهوڙو ته پنهنجي وڏي مالڪڻجي صدمي ۾مري ويو!!
ڀوتار: (مٿو پٽيندي) اڙي منهنجي ماءِ به مري وئي ۔۔۔ الا ڙي گهوڙا ري۔۔۔!! هي ڇا ٿيو؟؟؟ اڄ رڳو صدمي واريون خبرون پيو ٻڌائين۔۔ڪيئن مري مون واري ماءِ۔۔؟
جمعو: سائين اوهان جي ماءِ پنهنجي پوٽي جو ڏک برداشت نه ڪري سگهي۔۔ قضا ڪري وئي ويچاري۔۔۔۔
ڀوتار: اڙي مون وارو پٽ به مري ويو۔۔۔ ڪيئن مريو مون وارو پٽ؟؟؟
جمعو: سائين اوهان جو پٽ ويچارو پنهنجي ماءُ جي صدمي ۾گذاري ويو۔۔۔ ويچارو ننڍڙو هو ڏک برداشت نه ڪري سگهيو۔۔!!!
ڀوتار: اڙي مون واري بيگم به گذاري وئي! الاڙي گهوڙا ري هي ڇا ٿيو ڙي، باقي ڇا بچيو منهنجو؟؟ ڪيئن مري مون واري گهر واري۔۔
جمعو: ها سائين اوهان جي مائي مري وئي۔۔۔ هو ڳوٺ ۾ سيلاب آيو نه، ان ۾ اوهان جو گهر پٽ ٿي پيو، ان ۾اوهان جي مائي دٻجي مري وئي۔۔۔۔
ڀوتار: (زمين سان ٽڪر هڻندي) باقي ڇا بچيو ڙي منهنجو۔۔(ان دوران سندس چشمو ڪري پوي ٿو)
جمعو: (ڀوتار جو ڪريل چشمو پنهنجي اکين تي پائيندي) واقعي اوهان جو ڪجهه نه بچيو۔۔۔ پر مان ته بچي آيو آهيان نه ۔۔ اوهان جو هينڊسم نوڪر۔۔۔
اهو ٻڌي سندس مالڪ پنهنجو بوٽ لاهي سندس پٺيان پوئي ٿو ۽ کيس اسٽيج کان ڊوڙائي ٻاهر ڪڍي وڃي ٿو۔۔۔
ها ها ها