من جي ميخ

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    من جي ميخ​

    ڪلال
    سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ماڻهن جي مجلسي گڏجاڻيءَ لاءِ اوطاق ٺهيل هوندي آهي، جيڪا ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهوءَ جي خانگي ملڪيت هوندي آهي. سنڌ جي اقتصاديات صدين کان زراعت تي ٻڌل رهندي پئي اچي، ان ڪري اوطاق ۾ ڌڻي جو مال يعني مينهون، ڳئون، انهن جا ڦر، ڏاندن جو جوڙو، ڪٿي ته اٺ به هوندو هو، جيڪو ڌار ٻڌل هوندو هو. ائين ٻڪرين جو ڌڻ وري اوطاق جي لوڙهي جي اندران هڪ پاسي کان واڙيءَ ۾ واڙيل هوندو هو. لوڙهي جي اندران منهه، ڇپر يا ڪچين سرن جي هڪڙي ڪوٺي ٺهيل هوندي هئي، جنهن جي اڳيان اڱڻ هوندو هو، جنهن کي ٻنجرو ڏئي مال وارو وٿاڻ ڌار ڪبو هو. ڇپر يا ڪوٺي جي وچ تي مچ هوندو هو جيڪو سياري ۾ ٻاريو ويندو هو ۽ انهيءَ موسم ۾ ڪچهري ٻرندڙ مچ جي چوڌاري ويهي ڪبي هئي.
    ساڳي طرح سنڌ جي ڳوٺن ۾ هڪڙي ٻي جاءِ هوندي هئي، جنهن کي اوتارو چئبو هو. اتي پڻ ڇپر يا ڪچيون ڪوٺيون ۽ مچ هوندو هو. اڪثر ڪري اوتاري ۾ عَلَم نشان ٿيل هوندو هو. مون لاڳيتو هي ڳالهيون ماضيءَ جي صحيفي ۾ لکيون آهن، پر اهي جايون اڄ به موجود آهن. اوتارو اهڙي جاءِ هوندي آهي جنهن کي پڙ يا اڄڪلهه امام بارگاهه به چيو وڃي ٿو. ائين ڪن ڳوٺن ۾ ته الله وارن جون درگاهون به آهن. اسان جي تهذيبي روايتن پٽاندر اوتارو امام سڳوري جو هوندو آهي ته درگاهه وري ان بزرگ هستيءَ جي. اهي ٻئي جايون ڪنهن به شخص جي ذاتي يا خانگي ملڪيت نه سمجهيون وينديون آهن، جيئن ته امام پاڪ يا بزرگ بنا ڪنهن مت ڀيد جي سڄي انسان ذات جا رهبر ۽ فيض پهچائڻ وارا ڪري سمجهيا ويند اهن، ان ڪري سندن اهي جايون پڻ سڀني ماڻهن جون سمجهيون وينديون آهن. انهن جاين جي تعمير، انهن جي لنب لائي، ڀڳي ٽُٽيءَ کي ڳنڍڻ ۽ ٻي ڪا به مرمت وغيره سڄي راڄ وارن جي گڏيل جوابداري هوندي آهي.
    اوطاقن توڙي اوتارن ۾ ڇيڙي نبيري به ڪئي ويندي آهي ته گڏيل مفاد جا فيصلا پڻ ڪچهري ۾ ڪيا ويندا آهن. اڪثر ڪري روزانو ۽ خوشيءَ يا غميءَ جي موقعي تي به اهي جايون گڏجاڻيءَ جو مرڪز هونديون آهن.
    منهنجي ڳوٺ ۾ پڻ پڙ به آهي ته ٻه درگاهون به آهن، ان کان سواءِ مئخانو به آهي جيڪو ڳوٺ جي جامع مسجد کان اٽڪل سو کن وکن جي وٿيءَ تي آهي.
    هي جايون ڄڻ ته جديد دور جا Community centers آهن. ضروري موقعن جي گڏجاڻين کان سواءِ هتي روزاني ڪچهري جو دستور آهي. (جيڪو هاڻي بدلجي پيو). ڪچهري جا موضوع لوڪ شاعري جنهن ۾ نڙ بيت، ڏور ۽ ڳجهارتون ڏنيون وينديون هيون. ان کان سواءِ ڳوٺن ۾ يڪتاري، کڙتال، گهگهر ۽ ڍولڪ جي سنگت سان ڪلام، ڪافي ڪڇڻ وارا ڳوٺاڻا ڪافيون به ڳائيندا هئا. گهڻو ڪري اڳي ته هر ڳوٺ ۾ سگهڙ ۽ ڳائڻ وارا لڀندا هئا، جيڪي ڪافي ڪلام جهونگاري ويندا هئا ته راڳڻي جو نالو به رکي سگهندا هئا. ان کان سواءِ هر ڳوٺ ۾ الغوزو، نڙ، چنگ يا مرلي وڄائڻ وارا به لڀندا هئا.
    ٻاهريون يا اوپرو مهمان جيڪڏهن ڪنهن اوطاق ۾ پهتو ته اهو اوطاق جي ڌڻيءَ جي ذميداري هوندو هو. ڀلا جيڪڏهن اوتاري ۾ اچي ويو ته پوءِ سڀني جو مهمان ڪري ڄاتو ويندو هو. ڪچهري ۾ ويٺلن مان ڪو به هڪڙو مهمان جي اچڻ سان ئي اٿي پوندو هو ۽ وڃي ماني کڻي ايندو هو. مهمان کي ماني کارائي، ان کان پوءِ ئي کانئس خبرون چارون ورتيون وينديون هيون. (اها ڳالهه مون هومر جي مشهور داستان ”اوڊيسيءَ“ ۾ به پڙهي هئي ته مهمان کي پهرين دعوت کارائي پوءِ ئي کانئس خبرون ورتيون وينديون هيون. ياد رهي ته هومر جو زمانو 600 کان 800 ق-م ٻڌايو وڃي ٿو.)
    ها! اسان جي تهذيب ته اٺ هزار سال اڳي جي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هزارن سالن کان اها روايت رهندي آئي هجي. خبرن کان پوءِ مهمان جي مسئلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي هئي. ٻي صورت ۾ ان کي گس ڪڍي ڏبو هو. اهو مهمان جو حق سمجهيو ويندو هو.
    اوتارن جي ڪچهري ۾ دودي چنيسر ۽ ٻين سورهيائي وارن داستانن کي به ڳايو ويندو هو. ائين لوڪ ادب يعني سگهڙن واري ڪچهري ۾ به ڳالهه هاڪاري روايتن ۽ قدرن جي ٿيندي جنهن سان نئين پيڙهي انهن قدرن جي امانتداري ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري وٺندي هئي.
    حيرت اها آهي ته عام بادشاهن وانگر، سنڌ جي حاڪمن نه خوشامدي تاريخدان رکيا نه پگهاردار شاعر. ڀانن ۽ ڀٽن پڻ ماڻهن جي انساني گڻن کي ڳايو جن ۾ سورهيائي، انسان دوستي، محبت، قرباني، سخا، پاڙي جو ننگ ۽ سام جهلڻ واريون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون.
    قديم دور کان ئي سنڌ توڙي اپکنڊ جي ڪيترن ئي ٻين علائقن ۾ فقيرن جا جيڪي اوتارا يا آشرم هئا، سي جيئن مون اڳي ئي لکيو آهي ته Community Centers هوندا هئا ته سياسي، سماجي طرح يا ڪنهن به مت ڀيد جا ڏتڙيل ۽ هيسايل ماڻهن کي به اتي مانُ ۽ پناهه ملندي هئي. اهي مرڪز هيڻن ۽ لاچارن جون پناهه گاهون به هوندا هئا ته يتيم خانا پڻ. اهي تربيت گاهه به هئا ته درسگاهه به. جتي فلسفي توڙي انساني ڀائيچاري ۽ برابري جو ذڪر هوندو هو ته عملي نمونو به ته لوڪ ڏاهپ جو به اپٽار ڪرڻ ۾ ايندو هو. انهن سمورين ڳالهين سڄي برِصغير ۾ سنڌ اڃا به ممتاز ملڪ آهي.
    حقيقت هيئن آهي ته سماج جي صورت وٺڻ ۽ ان ۾ ادارن جي تنظيم روايتن ۽ قدرن کي ڪلچر ۽ تهذيب جو روپ ڏيڻ شروع ڪيو. خود روايتن جو جنم به شخصي مفاد کان اڳتي اچي گروهي ۽ قبيلائي ۽ گڏيل مفاد سان گڏ ٿيو هوندو. اهي اڳئي هلي پنهنجو دائرو وسيع ڪندي سڄي قوم کي پاڻ ۾ سمائڻ لڳيون هونديون. ان سان اهو ٿيو جو جبلي ناڪاري رويا گهٽجڻ لڳا. اهي قدر ۽ روايت مڃوتي ماڻي سگهيا جن سان انسان ذات جي گهڻي ۾ گهڻي تعداد کي فائدو رسيو ۽ جنهن ۾ لوڀ، ڪينو ۽ بڇان گهٽي ۽ انسان ۾ محبت ۽ ڀائيچاري، انصاف ۽ هڪجهڙائي وارن ڳالهين کي عظمت نصيب ٿي. ان ڪري جنهن به قوم ۾ بنا ڪنهن مت ڀيد جي انسان کي هڪڙي انسان جي حيثيت سان مقام حاصل ٿي سگهي، ان کي محبت پلئه پوي. ان جو احترام ڪيو وڃي. اها قوم ئي انساني شرف ماڻڻ جي حقدار آهي. ان ڳالهه کي جيتري مڃوتي هوندي، ان قوم جي اوتري قديم تهذيب تي دولت ڪندي.
    سنڌ جي سڄي سماجي تاريخ تي نظر ڪبي ته هتي اها ڳالهه هر پاسي نظر ايندي. اسان ٽ ڪنهن مذهبي مت ڀيد واري اجتماعي نفرت ڪڏهن به ڪانهي رهي. (سواءِ ڪن معمولي ۽ عارضي موقعن جي) خود اپکنڊ جي ورهاڱي وقت به سنڌ ئي آهي جيڪا خونريزيءَ کان پوري طرح بچيل هئي.
    1940ع ۾ ٺٽي ۾ علامه عبيدالله رح سنڌي ڪانگريس جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته، ”آءٌ سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي چڱي طرح سڃاڻان. سنڌي چڱا ماڻهو آهن، ان ڳالهه ۾ مسلمان ۽ هندوءَ جو فرق ڪونهي.“
    سنڌين صدين کان اهڙو فرق ڪونهي رکيو. اسان وٽ طريقت جي حوالي کان ڏسبو ته ٻئي ڌريون هندو توڙي مسلمان ساڳين درگاهن جا پيروڪار آهن. اسان وٽ اروڙ اڏيري لال توڙي ٻين هنڌن تي مسجد ۽ مندر گڏ ٺهيل ملندا. علامه عبيدالله رحه سنڌي گانڌي جيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته هو سنڌ جي معاملن ۾ دخل نه ڏي. ۽ سچ اهو آهي ته ٻاهران آيل روايتن ۽ ڪن ماڻهن جي اندر جي سوڙهه جي دخل ئي سنڌ ۾ سنڌ جي عظيم انساني روايتن کان هڪ حد تائين ڪن ٽالار جا ڪجهه رويا پيدا ڪيا آهن.
    ان ۾ اسان وٽ اهڙيون ڌريون آهن جيڪي سنڌ جي اهڙي محبت جي رويي کي جيڪو هندو مسلمان کي هڪ ٿو ڪري، ان کي بدعت چون. حيرت ان ڳالهه تي ٿي ٿئي ته ماڻهن کي ملائي کير کنڊ ڪري رکڻ وارا لاڙا ته بدعت ڪوٺجن، باقي اڄڪلهه جي دور وانگر ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪري انهن کي ورهائڻ، ويڙهائي مارڻ ۽ مارائڻ بدعت ڪانهي!
    مٿي مون اوتارن جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙو هڪڙو اوتارو يا آشرم آهي ٿرپارڪر ضلعي جي شهر اسلام ڪوٽ ۾. جنهن کي آکاڙو چوندا آهن. اهو آکاڙو هڪڙي فقير سنت نيٽورام جي نالي سان منسوب آهي. ان تي ڳالهائڻ کان اڳي اسين مٿي ذڪر ڪيل محبتن واري سنڌ جي روايت جو ٿر جي حوالي سان جائزو وٺنداسين.
    ٿر ۾ ماڻهن جي گذر سفر جو بنيادي ذريعو آهي مال ڌارڻ. مال ۾ به گهڻائي ڳائي مال جي آهي. ايستائين جو اٽڪل ڏهه سال کن اڳي ٿر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ NGO ”ٿرديپ“ جي ڪيل سروي پٽاندر آدمشماري جي لحاظ کان هڪ ماڻهوءَ جي حصي ۾ سراسري طور چار ڳئون ٿي آيون. ٿر جو مسلمان ڪاڄن جي موقعي تي به ڳئون ڪونه ڪهندو پر عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پڻ اها روايت قائم رکندو آهي. ان کي صديون گذري ويون آهن. مقصد فقط هندو ڀائرن جي دل آزاري کان پاسو ڪرڻ آهي ته جيئن محبت ۽ ڀائيچاري کي ڇيهو نه رسي. باقي سنت ابراهيمي جي ادائگي لاءِ ٻاڪري مال جي قرباني ڪئي ويندي آهي. اها ڳالهه به شايد پاڪستان ۾ سياست جي بتال ڪيل ملن کي سٺي ڪانه لڳندي. پر ان سان انسان ٻئي جي دل کي رنج ته ڪونه پڄائي. ائين ڪرڻ سان ئي هڪٻئي جي دل وٺبي آهي.
    ”دل بدست آور ڪه حج اڪبر است،
    از هزاران ڪعبه يڪ دَل بهتر است.“ (رومي)
    ٿر ۾ هڪڙو الله وارو سنت ٿي گذريو آهي، ”ماؤجي“. پاڻ خدا جي خلق کي فيض ڏيندو هو ۽ ڪکائين جاءِ ۾ رهندو هو. اڄ تائين سندس عقيدتمند، جن ۾ مسلمان توڙي هندو شامل آهن، پنهنجي رهائش ڪکائين جاين ۾ رکن. ان مان زندگيءَ کي سادي طريقي سان گذارڻ جو سبق ٿو ملي. ظاهر آهي ته سنت اهڙو حڪم ڪونه ڏنو هوندو، فقير ته حڪم ڏيندو ئي ناهي. ماڻهو محبت ۾ ان جو زندگيءَ جو طور طريقو اختيار ڪندا آهن.
    اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام فرمايو آهي،”دنيا مون لاءِ ٻڪري جي نڇ کان به وڌيڪ حقير آهي.“
    ائين اسان وٽ سنڌ ۾ بلاولي طريقي جا صوفي يعني مخدوم بلاول شهيد جا مريد پاڻ تي قبو نه اڏائيندا آهن.
    مٺيءَ ۾ هڪڙي درگاهه آهي مصري شاهه جي. ان لاءِ روايت آهي ته انهيءَ هنڌ ڪافيءَ جي امام حضرت مصري سائينءَ چلو (Mediation) ڪڍيو هو. ان کان سواءِ شهر توڙي آس پاس جيڪي مسلمان فقيرن جا آستان ۽ يا درگاهون آهن تن سڀني جا متولي ٿر جا لهاڻا آهن. اهي ئي انهن جي سنڀال به لهن ته عرس به ملهائين.
    سنڌ اها سرزمين آهي جتي مذهب ۽ مسلڪ ڪڏهن به بڇان جو ڪارڻ ناهي رهيو. خود منهنجي ڳوٺ لاءِ چيو ويندو هو ته عاشوري ۾ ”ذوالجناح“ هڪڙي ڪاٺ جي گهوڙي کي بنايو ويندو هو، جنهن لاءِ ڳوٺ جو هڪڙو هندو سونارو سون جون اکيون ٺاهي نذرانو ڏيندو هو. خود اسان سان به ڳوٺ ”ڀلو“ ميگهواڙ عزاداري ۾ شامل هوندو هو. مطلب ته عاشورو به هندو مسمان، شيعا سني گڏجي ملهائيندا هئا.
    مٺيءَ ۾ اڄ به عاشوري جو انتظام گهڻو ڪري لهاڻا ئي ڪندا آهن. انهيءَ ساڳئي مٺيءَ جي شهر ۾ پيش امام هوندو هو مولوي محمد قاسم درسي. اهو فقير نفس انسان اذان ڏيڻ کان پوءِ دعا گهرندو ته ”رب هندو مسلمان جو خير، سڄڻ دشمن جو خير.“
    امرڪوٽ جو مولوي محمد عثمان جمالي آهي جنهن جي زندگيءَ جو سڄو مول مقصد ئي آهي محبت کي وڌائڻ. نفرتون گهٽائڻ. ها! ڪو ان شخص جو علم ته ڏسي!
    ائين مٺيءَ جو سائين محمد دل، پراڻو استاد. سچو پچو استاد. سچو انسان، سچو مومن. اڇي سونهاريءَ سان، هر وقت مرڪڻ وارو ماڻهو. پرهيزگار. جنهن تي ڪا به آڱر اٿي نه سگهندي. هوليءَ جي جشن ۾ هڪ ڀيرو ان پيرسن شخص چيو ”آءٌ ڊوڙي ڀڄان ته پوءِ مون کي رنگ هڻو.“ سو هتي خوشيون، عيدون، ڏياريون، هوليون سڀ گڏ آهن. سڀ ڏک سک جا ساٿي آهن.
    ها! ته سنت نيڻورام جو آکاڙو به سڀني انسانن لاءِ آهي. اسلام ڪوٽ جي بس اسٽاپ وٽ اٽڪل اٺاس زمين کي ڏنل ڪوٽ ۾، نمن جي قطارن، گلاب ۽ تلسيءَ جي هٻڪارن سان واسيل. جتي ٿر جي ٻهراڙيءَ کان ڪم سانگي آيل غريب اچي ڊاٻو ڪندا آهن. فقير جي آستان تي اَٺ ئي پهر ڀانڊارو صاحب (ننگر نياز) جاري رهي. ڳوٺ ته ڇا پر گهڻو ڪري سڄي ٿر جا ماڻهو پنهنجي ڪمائي جي هڪڙي پتي اتي نذر ڏين. جنهن مان ڪيترائي انساني ڀلائيءَ جا ڪم هلن. سنت نيڻورام نه فقط هن دنيا ۾ پر هُن ۾ به غريب، يتيم، بي واهين ۽ نڌڻڪن جي اميد بنيل آهي. هن آکاڙي ۾ وقت به وقت طبي ڪئمپ جو انتظام ٿيندو آهي. هر وقت ست سنگ جاري رهي جتي، اهو ڀائيچاري جو پيغام ڏنو وڃي.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته هڪڙي بدبخت محبتن جي انهيءَ مرڪز ۾ وڃي ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. ان سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب کي ٽڪو لاتو آهي. ان شخص هر سنڌي مسلمان توڙي هندوءَ ۽ هر انسان دوست جي دل آزاري ڪئي آهي. ان ماڻهوءَ کي سختي سان پيش اچڻ گهرجي. ان کي چريو ڄاڻائي سزا کان بچائڻ واري ڪوشش جي مذمت ٿيڻ کپي. ان عمل کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي. اهو اسان جي انسان دوستي ۽ محبت واري مسلڪ کي للڪار آهي. ان ڏس ۾ ٿر جي مسلمانن کي اڳتي اچڻ کپي. اهو انهي چڻنگ کي ڀنڀٽ بڻجڻ کان اڳيئي اجهائڻ کپي.
    آخر ۾ حڪمران پارٽي جي اڳواڻن توڙي چونڊيل عيوضين کي ايترو چئبو ته اهي فقط پنهنجو ذاتي اثر رسوخ وڌائڻ ۾پورا نه رهن. پر انساني تاريخي روايتن جي حفاظت لاءِ به ڪجهه سوچين. مهربانو! ٿر بچايو، تهذيبي روايتون بچايو، انسانيت بچايو.

    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو