اچو ته گڏجي فيس بڪ تي شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف کي عقيدت سان خراجِ تحسين پيش ڪريون۔

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ جيئي لطيف طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2010۔

  1. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اچو ته گڏجي فيس بڪ تي شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف کي محبت،ادب ۽ عقيدت سان خراجِ تحسين پيش ڪريون۔
    آئون سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تان هن سٿ جي مڙني ساٿين، لاکيڻي لطيف جي مڙني پانڌيئڙن، لطيف سائين جي شاعريءَ جي امر ڪردارن سنڌ جي ماروئڙن، جهانگهيئڙن ۽ سانگھيئڙن کي انتهائي دل جي گهرائيءَ سڪ ۽ اڪير سان دعوت ڏيان ٿو جن جي ڪاوشن، امنگن، حسرتن، محنتن ۽ محبتن جي نتيجي ۾ اڄ هن سٿ جا 950 کان مٿي ساٿي بڻجي، آفاقي ۽ عالمگير شخصيت جي مالڪ شاعرن جي سرتاج ڀٽائي گهوٽ کي محبتن جي ڀيٽا ڏيئي رهيا آهن۔جيڪڏهن اوهان اڃان تائين ڀيٽا نه ڏيئي سگهيا آهيو ته اڄ ئي هن سٿ ۾ شامل ٿي پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪري لاکيڻي لطيف سان محبت جو ثبوت ڏيو۽ پنهنجن سڀني دوستن۽ پيارن کي هن گروپ(لطيفي قافلي) ۾ شرڪت جي دعوت ڏيو۔گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔

    http://www.facebook.com/group.php?gid=150109135011440
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچو ته گڏجي فيس بڪ تي شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف کي عقيدت سان خراجِ تحسين پيش

    محترم سائين! اوهانجا لک ٿورا جو اوهان لطيف سرڪار جي سهڻي پيغام کي عام ڪرڻ لا فيس بڪ جي اڱڻ تي اچڻ جي نينڍ ڏني آهي ۔۔۔ بيشڪ جت لطيف جو ذڪر هوندو ات پاڻ هونداسون، جت سنڌ هوندي ات پاڻ هونداسون، جت سنڌ جي ماروئڙن جو ذڪر هوندو ات پاڻ هونداسون ۽ هر ان اڱڻ تي اسين پنهنجائپ سان اينداسون جت سهڻي سنڌ جا سهڻا سنڌي ڪچهريون سنواريندا ۔۔

    دوست! اسين هن اڱڻ ذريعي پڻ لطيف ۽ سنڌ کي ڳائي رهيا آهيون، هن اڱڻ ذريعي سنڌي ٻولي جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، هن اوطاق ذريعي سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي پيغام کي عام ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اوهان ۽ اوهانجي سڀني سنڌي دوستن کي پڻ هن اوطاق تي اچي ڀيري ڀڃڻ جي نينڍ آهي ۔۔۔

    اچو ته سنڌ ۽ لطيف جي فڪر کي عام ڪرڻ لا ايترا ته محاذ قائم ڪريون جو دشمن چاهيندي به سنڌ ۽ سنڌيت کي ختم ڪري نه سگهي ۔۔۔

    اوهانجا لک ٿورا ۽ اسانجو وچن آهي ته هر ان اوطاق يا اڱڻ تي پاڻ موجود هونداسون جت سنڌ ۽ لطيف جو ذڪر هوندو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو