ٽن سوالن جا جواب

'مختلف موضوع' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ٽن سوالن جا جواب....

    دوستو مون کان اڄ ڪنهن دوست موبائيل جي ذريعي ايس ايم ايس ڪري ٽن سوالن جا جواب پڇيا، سچ پڇو ته مونکي انهن جي ڪابه ڄاڻ ناهي، جيڪڏهن اوهان دوستن منجهان ڪنهن دوست کي انهن ٽن سوالن جا جواب اچن ٿا يا ڪو دوست انهن ٽن سوالن جي باري ۾ ڄاڻ رکي ٿو ته مهرباني ڪري، انهن ٽن سوالن جي جوابن واري علم کان اسان کي به فيضياب ڪندا..... مهرباني ٿيندي..... سوال هيٺين ريت آهن:

    سوال نمبر پهريون: ڦاسي ڏيڻ جو وقت فجر کانپوءِ ۽ سج اڀرڻ کان پهريان ڇو طع ڪيو ويو آهي؟ ڦاسي ڪنهن ٻئي وقت ڇو نه ڏني ويندي آهي.

    سوال نمبر ٻيون: اها ڪهڙي شئي آهي جو توهان وٽ هجي ته نڪاح نٿو ٿي سگهي. ۽ جيڪڏهن نه هجي ته پوءِ جنازو نه ٿو ٿي سگهي؟

    سوال نمبر ٽيون: اگر اوهان کي ڪنهن عورت جو لاش ملي ٿو وڃي ته اوهان ڪيئن معلوم ڪندو ته آيا ڪي اها عورت مسلمان آهي يا غير مسلم؟

    اوهان جي جوابن جو منتظر رهندس!
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد مان ڪافي ٽائيم کان ڏسان پيو ته هي ٿريڊ خالي پيو آهي توهان جي سوالن سچ پڇيو ته واقعي منجهائي وڌو آهي سو مان ڪوشش ضرور ڪندس ته توهان جي ٽئي سوال جو جواب ڏيان ته ادا توهان جو ٽيون سوال آهي ته
    اگر اوهان کي ڪنهن عورت جو لاش ملي ٿو وڃي ته اوهان ڪيئن معلوم ڪندو ته آيا ڪي اها عورت مسلمان آهي يا غير مسلم؟
    ادا سڀ کان پهريائين ته اسين الحمدالله مسلمان آهيون ۽ خدا پاڪ مسلمانن جي چهري ته ايمان ڏنو آهي بزرگي ڏني آهي ۽ مسلمان جو چهري تي نور هوندو آهي اهڙي نموني پو۽ مسلمان مرد هجي يا عورت ان جي چهري تي ايمان ، نور هوندو آهي مسلمان ڪيترو به ڇو نه گنهگار هجي پر ڪٿي نه ڪٿي ان جي چهري مان ئي اندازو لڳائي سگهبو آهي ته هي مسلمان آهي ۽ مرڻ کان پو۽ ته جڏهن روح پرواز ڪري وڃي ٿو ته ڳالهه اڃا وڌيڪ وائکي ٿئي وڃي ان طرح اسان ان جي چهري جي نور ، ايمان ۽ چهري جي بيهڪ مان ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هي عورت يا مرد مسلمان آهي يا نه.
    ادا وڌيڪ جيڪڏهن اڃا ٻئي ڪا ڳالهه آهي ته مان پوري سنگت کي چوندس خاص طور تي سائين نثار ناز صاحب ۽ سائين نثار ابڙو صاحب کي ته اهو سوال وارو معمو حل ڪرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي وڃي .
    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت
    دعائن ۾ ياد
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين اوهان جي ڳالهه کان مان متفق آهيان ۽ انهي ٽيئن ۽ آخري سوال جو جواب به مون پنهنجي دوست ائين جيئن اوهان تحرير ڪيو آهي، ٻڌايو هيم.... وڌيڪ الله سائين بهتر ٿو ڄاڻي....
    هن سنڌ سلامت جي معتبر شخصتين جن مان، سائين محترم سائين نثار ابڙو صاحب، سائين محترم نثار احمد ناز صاحب، سائين محترم ابوزين صاحب، سائين محترم سلطان صاحب ۽ محترم ادا رشيد سمون کان هن سوالن جي جوابن جي اميد پيا رکون ته من اسان جي علم ۾ واڌارو ڪن.....

    شال سڀوئي جڙيا هجو.............
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين زاهد سومرو صاحب باقي ته ٻه سوال بچيا نه قربان وڃان
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پيارا دوستو؛
    حق موجود
    جيتوڻيڪ آءُ ننڍي هوندي کان ئي ڳجهارتن ڀڃڻ ۾ ڪجه جڏو آهيان پر ادي زاهد ڏانهن آيل ايس ايم ايس ۾ ڪجه گجهارت آهي ته ڪجه معلوماتي سوال؛

    ترتيبوار جواب پنهنجي ڄاڻ مطابق ڏيانٿو پر ڪو ضروري ناهن ته صحيح هجن ...

    سوال نمبر پهريون: ڦاسي ڏيڻ جو وقت فجر کانپوءِ ۽ سج اڀرڻ کان پهريان ڇو طع ڪيو ويو آهي؟ ڦاسي ڪنهن ٻئي وقت ڇو نه ڏني ويندي آهي.

    ادا زاهد، هي ڦاسيءَ واري سزا نئين آهي جا هاڻ اسلامي ملڪن ۾ به ڏني وڃي ٿي باقي اسلام مذهب ۾ هيٺيون سزائون آهن
    1. قاتل جي سزا قتل ۽ سر اڏيءَ تي رکي سرعام ڪٽيو ويندو هو يا آهي ...
    2. چور جي سزا هٿ ڪٽڻ ۽ اهو به سرعام
    3. زنا جي سزا پٿريون هڻڻ ۽ اهو به سرعام
    ”سرعام“ تي زور انڪري آهي ته جيئن عام وخاص ان مان عبرت حاصل ڪن ۽ اهڙا گناه نه ڪن ...

    انگريزن جي قانونن ۾ ته هاڻ ڦاسي کان به الڳ طرح جون سزائون آهن جن ۾ برقي ڪرسي پڻ شامل آهي ... قانون جي مطابق ڦاسيءَ جي سزا ڏينهن جي ڪم وارن گهڙين ۾ ڏيڻي آهي ...Working day Hours... اهو خيال پڻ ان سرعام سان ڪنهن حد تائين ڳنڍيل آهي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سزا تي عمل ٿيو ...

    باقي جو ڏاڍو سو گابو، زور زبردستي ۽ ناانصافيءَ واري سزا ڪڏهن به ڏئي سگهجي ٿي ... جنهنجو مثال محترم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي آهي، جنهن جي ڪا خبر ناهي ته ڦاسي ٿي يا تشدد ٿيو يا ڪهڙي ٽائيم تي سندس روح قبض ٿيو ...

    سوال نمبر ٻيون: اها ڪهڙي شئي آهي جو توهان وٽ هجي ته نڪاح نٿو ٿي سگهي. ۽ جيڪڏهن نه هجي ته پوءِ جنازو نه ٿو ٿي سگهي؟

    ادا زاهد مٿيون سوال ڳجهارت جهڙو آهي؛ سوچ ويچار کانپوءِ لڳي ٿو ته انجو تعلق زندگيءَ سان آهي ... موت ۽ زندگي سڪي جا ٻه پاسا آهن ... موت هوندو ته نڪاح ڪونه ٿيندو ۽ جي زندگي هوندي ته جنازو نه ٿيندو ...

    سوال نمبر ٽيون: اگر اوهان کي ڪنهن عورت جو لاش ملي ٿو وڃي ته اوهان ڪيئن معلوم ڪندو ته آيا ڪي اها عورت مسلمان آهي يا غير مسلم؟

    هن سوال جي جواب ۾ ادي ڦلپوٽي سٺو جواب ڏنو آهي، آءُ صرف هڪ ڳالهه جو واڌارو ڪندس ته جي اها مئل عورت اهڙي علائقي ۾ ملي هجي جنهنجي آس پاس مسلمان رهنٿا ۽ ملڪي يا علائقي جي عملداري پڻ مسلمانن جي آهي ته انکي مسلمان سمجهي مٽيءَ حوالي ڪيو ويندو ... ۽ جي انجي ابتڙ هوندو ته پوءِ فيصلو به ان حساب سان ڪيو ويندو ...

    باقي اسانجا تمام سٺا ڏاها دوست آهن جن جا نالا ادي زاهد ڄاڻايا آهن ... اهي جيڪڏهن ڪي اڃان معلوماتي جواب موڪليندا ته اسان به اڃ اجهائينداسون ...

    الله اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ... آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو