ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سٿ طرفان 5 ڊسمبر کي ايڪتا جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو جيڪو سڏ ڏنو ويو آهي، اهو انتهائي وقتائتو ۽ بنهه ضروري آهي، ڇو ته سنڌ جي عوام کي ايڪي ۽ اتحاد جي ضرورت جيتري هن وقت آهي، تاريخ ۾ شايد ئي ان حد تائين اها ڪڏهن رهي هجي. سنڌي قوم جو اجتماعي قومي شعور ون يونٽ واري جدوجهد ۽ پوءِ ايم آر ڊي واري جدوجهد ۾ سامهون آيو، پر پوءِ سنڌ جي ان شعور کان خوفزده ڌرين لساني تنظيمون جوڙائي سنڌي قوم کي سياسي ۽ معاشي طور نقصان پهچايو، حقن کان محروم ڪيو ويو، معاشي طور تي تنگدست ڪيو ويو، اغوا انڊسٽري کي عروج تي پهچايو ويو، خوني تڪرار وڌايا ويا، ته جيئن سنڌي قوم جو ايڪو متاثر ٿئي، انهن کي ايترو ته مختلف نالن ۽ حوالن سان ورهائجي، جو اهي ڪنهن ٻئي رخ ۾ سوچڻ به ڇڏي ڏين. سنڌ جي بدخواهه قوتن جون اهي اٽڪلون ڪنهن حد تائين ڪامياب ويون ۽ اسان ورڇجي، ورهائجي ۽ ڪمزور ٿيندا وياسين. انهيءَ جو علاج وري به هن صورتحال ۾ ٿيندڙ سازشن کي سمجهي گڏ ٿيڻ ۾ آهي ۽ اڪثر سياسي ڌرين وٽ اهو علاج ان ڪري به ڪونهي، جو اهي پاڻ ئي ورهايل آهن ۽ جيڪي پاڻ ئي ورهايل ۽ وڇوٽين تي هجن، اهي سنڌي قوم کي ڀلا ڪيئن گڏ ڪري سگهندا. سنڌي قوم کي انتظار هو اهڙي سڏ جو، جنهن تي اهي وري گڏ ٿين، جيڪو آواز وري انهن کي عظمتن سان آشنا ڪري ۽ گذريل سال وانگر هن ڀيري به اها اڳڀرائي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سٿ ئي ڪئي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سالن جي ستم سبب اسان تي بيحسي طاري ٿي وئي آهي، خود غرضي اچي وئي آهي، پنهنجي پاڻ کان اڳتي نڪري اسان سوچيون ئي نٿا. اسان هڪ ٻئي کان لاتعلق آهيون. ايڪتا وارو ڏينهن اسان ۾ اهو احساس پيدا ڪندو، اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪلچر سان آشنا ڪندو. سموريون ڪمتريون، جيڪي اسان ۾ پنهنجي ڪلچر جي حوالي سان آهن، انهن جو خاتمو ايندو. آئون هڪ تجويز ڏيڻ چاهيندس ته جوش ۽ جذبو پيدا ڪندڙ نوان قومي گيت سٺن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائي اهي نشر ڪرڻ گهرجن. اها شاعري شيخ اياز، ابراهيم منشي، استاد بخاريءَ ۽ سرويچ سجاوليءَ جي هجڻ گهرجي ۽ شاعريءَ جي چونڊ لاءِ به چند اهل علم ماڻهن جي ڪاميٽي جوڙي اهو ڪم ورتو وڃي. آخري ڏينهن (5 ڊسمبر) تي هڪ وڏو مرڪزي ميڙاڪو ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ٿيڻ گهرجي.
ماجد جاگيراڻي /ڪوٽڙي
ماجد جاگيراڻي /ڪوٽڙي
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان