ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
”اڄ برائي جو ڳاٽ اوچو آهي ۽ چڱائي پيرن ۾ لتاڙجي رهي آهي، ان صورتحال کي الٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي تبديليءَ کي انقلاب چيو ويندو آهي. ائين ٿي وڃي ته ڏاڍو سٺو، پر اسان وٽ اهڙي ڪا انقلابي صورتحال موجود ڪونهي.“ مشهور دانشور نجم سيٺي سڌي سادي ٻولي ۾ بنيادي تبديليءَ جي وصف بيان ڪري ٿو ۽ گڏو گڏ مايوسيءَ جو به اظهار ڪري ٿو. جڏهن ته سنڌ مايوسيءَ جي ڪُن مان نڪري تبديليءَ جي سفر تي روان دوان ٿي چڪي آهي، پر جيئن ته اڃا نئين سفر جي ابتدا ٿي آهي، تنهن ڪري تبديليءَ جو تصور ۽ منزل اڃا زير بحث آهي ۽ جيستائين ڪا عملي شڪل آڏو نه ايندي تيستائين اسان جا ذهن گهڙيال جي پينڊوليم جيان اميد ۽ نااميديءَ جي ڇيڙن وچ ۾ گردش ڪندا رهندا.
هونئن ته هر شيءَ تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ فقط تبديلي ئي اهو عمل آهي، جيڪو ڪڏهن به تبديل نٿو ٿئي. جيڪو ڪالهه هيو، اهو اڄ ڪونهي ۽ جيڪي اڄ آهي، سڀاڻ اهو نه رهندو. اسين جيڪي ان بنيادي فطري قانون کي ئي سمجهي وٺون ته اسان کي اهو سمجهڻ ۾ دير نه لڳندي ته اڄ جيڪڏهن برائي عروج تي آهي ته اها سدائين رهڻي ناهي، ان کي هر صورت پيرن ڀر اچي ڦهڪو ڪرڻو آهي ۽ چڱائي جيڪا اڄ ڌرتيءَ جي ڌوڙ بڻيل آهي، تنهنجو ڳاٽ سڀاڻي اوچو ٿيڻو آهي. اڄ جي سياست تي نظر وجهو، هر ڪوئي پنهنجي بداعمالين جو دفاع ان دليل سان ڪري رهيو آهي ته ڇا اسان تي تنقيد ڪرڻ وارن جا هٿ صاف آهن؟ اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو دفاع ڪرڻ وارا به اهو دليل ڏئي رهيا آهن. اهو آهي اڄوڪو سياست جو اونداهون سچ.
سچي سياست يعني عوام جي رهبري کي جلا بخشيندو آهي سماج جو سڀ کان حساس، روشن خيال ۽ سرڪش اديب ۽ دانشور. اڄ اهو ڪٿي بيٺل آهي؟ جيڪڏهن بيان ٿو ڪجي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خصوصي طور اين جي اوز مزاحمتي شعور کي ماٺو ڪرڻ لاءِ منظم ڪيون ويون ته دوست ڪاوڙجيو پون. ڪرپشن جو ڪاروبار ڪيترو عروج تي آهي ۽ سچ کي ٺوڪر هڻڻ ڪيترو آسان!
اسان جون اڄوڪيون سماجي روايتون ڪاروڪاري، قبائلي جهيڙن، نجي جيلن ۽ پريمي جوڙن تي اچي دنگ ٿيون ڪن. هي سماجي قدرن جي زوال جون چٽيون نشانيون آهن. اڄوڪي دوستي ۽ ماڻهپي جا معيار به اخلاقي ڏيوالپڻي جا مظهر بڻجي ويا آهن. اڄ جي ئي دور ۾ والٽيئر جي اها دانهن سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿي ته ”اي خدا، مون کي منهنجي دوستن کان بچاءِ، دشمنن سان مان پاڻهي پڄي پوندس.“ اسان جي ثقافت به ڪجهه ثقافتي ڏهاڙن ۽ پروگرامن کي ڇڏي ڪري گهڻو تڻو انتهائي کل جوڳي، نقالي ۽ سطحي برگر ڪلچر جي وَرِ چڙهي وئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو گيت هوا جي تازي جهونڪي وانگي اچي روح کي تازگي بخشي ٿو نه ته روح کان خالي ٻولن ۽ گيتن جو راڄ آهي. اسان جي تعليم جو حال هر ڪنهن کي معلوم آهي. پگهارن وڌائڻ لاءِ ويڙهه ضرور ڪبي، باقي غريبن جي ٻارن کي پڙهائڻ تي وقت ڪير وڃائي؟ اهو آهي اسان جي استاد، مستقبل جي معمار جو معيار! باقي نجي اسڪول ته آهن ئي دولت جا ڪارا ڪارونڀار. جڏهن اسان جا پنهنجا افعال اهي آهن ته ويچاري حڪومت تي ڪهڙي ميار؟ اها ته آهي ئي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ سرگردان. هو پنهنجو سِرُ بچائين يا عوام لاءِ سوچين؟ پوءِ به هو ويچارا عوام آڏو ڪا نه ڪا ٻوٽي پيا اڇلائيندا رهن ٿا ته جيئن عوام به ٻوٽيءَ جي جهيڙي ۾ اٽڪيو وڃي ۽ هو به واري وٽيءَ سان راڄ ڪندا رهن. ائين هو صورتحال کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ يعني اسٽيٽس ڪو لاءِ جتن پيا ڪن. پر وقت واريءَ وانگر سندن هٿن مان گذري رهيو آهي ۽ حڪمران قوتن جي اندروني ويڙهه، جيڪا هاڻي خانه جنگيءَ جي صورتحال ۾ تبديل ٿي وئي آهي، سندن زوال جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري هاڻ تبديلي اڻٽر آهي، پر اهم سوال اهو آهي ته تبديليءَ جي نوعيت ۽ ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟
ماضيءَ تي نظر وجهو، مستقبل اوهان کي نظر اچي ويندو. اچو ته ويجهي ماضي يعني پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ تبديلين جي تاريخي دورن تي هڪ نظر وجهون. سڀ کان پهرين ته 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کي هڪ نئين تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهي برطانوي حاڪم ئي هئا، جن هندستان جي سمورين آزاد رياستن کي گڏائي هڪ وسيع منظم رياست جي تشڪيل ڪئي ۽ اهي ئي پنهنجي نگرانيءَ ۾ هندستان کي ٻن رياستن ۾ ورهائي ٽپڙ گول ڪري ويا. انهن منظم ۽ متحد ته تاريخي ۽ آزاد رياستن کي ڪيو، پر نئون ورهاڱو وري مذهب جي بنياد تي ڪيو، جنهن ڪري بينگال، پنجاب ۽ ڪشمير جي تاريخي رياستن جو غير فطري ورهاڱو ڪيو ويو ۽ سنڌ آباديءَ جي غير فطري تبادلي جو شڪار ٿي. اها بنياد لوڏيندڙ تبديلي هئي، پر جيئن ته فطرت جو قانون آهي ته هر تباهيءَ جي ڪک ۾ نئين تعمير جو ٻج هوندو آهي، تنهن پٽاندڙ سنڌ ۾ نئين قومي سوچ ۽ قومي تحريڪ جنم ورتو، جنهن جي آبياري ۽ رهنمائي سائين جي ايم سيد ڪئي. جيئن ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا تاريخي طور سرمائيداري ۽ سوشلزم جي ويڙهه جي دور ۾ داخل ٿي چڪي هئي ۽ ٽين دنيا ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ طبقاتي جدوجهدن جو سنگم ٿيڻ لڳو هو ته ان تبديليءَ جو اثر به سنڌ تي نمايان ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي سگهه سان تحريڪ جي سرواڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪئي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جا سرڪش اديب، شاعر، دانشور ۽ شاگرد اڳواڻ به انقلابي شعور ۽ تبديليءَ جي هن ڌارا ۾ سرگرميءَ سان شامل ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ”نئين سنڌ“ جنم ورتو. 1969ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي موت ۽ ذوالفقار ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڀار سان سنڌ تبديليءَ جي ٻئي دور ۾ داخل ٿي وئي. تبديليءَ جي پهرئين دور کي اسان بلاشڪ مزاحمتي تبديليءَ جو دور (1969ع-1947ع) سڏي سگهون ٿا.
تبديليءَ جو ٻيو دور (83ع-1969ع) متضاد تبديليءَ جو دور هيو. يعني مزاحمتي ۽ اقتداري تبديليءَ جو دور. بلاشڪ ڀٽي پنهنجي محنت ۽ عوامي انداز سياست سان سنڌ سميت سنڌو ماٿريءَ جي سموري عوام کي متاثر ڪيو ۽ کين سياسي شعور سان همڪنار ڪيو، پر 1970ع جي چونڊن ۾ جتي ڀٽي صاحب پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جا ڀاري برج لوڏي ڇڏيا، اتي وري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ انهن جو ئي ڀرجهلو ٿي بيٺو.ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي شعور ترقي ڪري منظم ادارتي شڪل اختيار ڪئي. اها تمام معياري ڪيفيتي تبديلي هئي. جي ايم سيد، آريسر، رسول بخش پليجي، فاضل راهو، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ ڄام ساقي وغيره جي اڳواڻيءَ ۾ جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، سنڌ وطن دوست ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ سنڌ ۾ مزاحمتي تبديليءَ جا منظم سياسي ادارا وجود ۾ آندا. انقلابي رسالن ۽ اسٽڊي سرڪلن ذريعي سياسي تعليم جو منظم سرشتو تخليق ٿيو، جتان هزارين ڪارڪن، سنڌ دوست، عوام دوست ۽ انسان دوست شعور سان لاڳاپجي مثالي انسان بڻجي اڀريا. ساڳئي ريت سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن به منظم طريقي سان سهڻي ۽ ٻين رسالن ذريعي شاندار مزاحمتي ادب ۽ ادبي تحريڪ کي سربلند ڪيو. هيءُ سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جو سونهري دور هيو، جنهن کي پهريون ڌچڪو ڀٽي صاحب سنڌي پريسن ۽ رسالن تي بندش وجهي ڏنو. جنهن ڪري معياري ادب جا تخليقي سرچشما به سڪڻ شروع ٿيا. ان وقت اها تبديلي شدت سان ان ڪري محسوس نه پئي ڪئي وئي، جو سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي شعور جي اوسر مسلسل وڌندي پئي وئي ۽ مزاحمتي تبديليءَ جي واڳ ثابت قدم سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هٿن ۾ اچي چڪي هئي.
ڀٽي دور ۾ هڪ وڏي مثبت سماجي تبديلي اها آئي ته ڀٽي، ڪراچي ۽ اسلام آباد جا دروازا سنڌين لاءِ کولائي ڇڏيا. تعليمي ادارا ۽ ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ اندرون سنڌ جي شاگردن جي ڪوٽا مقرر ڪري ڀٽي صاحب ڄڻ ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪراچيءَ ۾ پير پائڻ ۾ قدم ڄمائڻ جا بنياد فراهم ڪري ڏنا. پوءِ ينگ سنڌي انجنيئرز ۽ سنڌي ميڊيڪوز جهڙا فورم به وجود ۾ اچي ويا. ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ سگا به سنڌ جي تعليم يافته طبقي کي منظم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اسٽيل مل وري صنعتي ميدان ۾ سنڌي وچولي ۽ هيٺين طبقي کي ڪراچيءَ ۾ قدم ڄمائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ اتي وسيع سنڌي آبادي منظم ٿي چڪي آهي. بلاشڪ ان مثبت تاريخي تبديليءَ جو سهرو ڀٽي جي سر تي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڀٽي صاحب جي منفي سان گڏ سندس مثبت ڪردار کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ تائين سنڌ جي ترقي پسند تحريڪ ۽ ڀٽي جي عوامي تحريڪ وچ ۾ تضاد شدت سان موجود رهيو، پر ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ سان سنڌ جي سوچ ۾ هڪ ڪيفيتي ڇال اچي ويو. سموري سنڌ يڪ آواز پڪاريو: ڀٽو جيڪڏهن سنڌي نه هجي ها ته کيس ڦاسيءَ تي نه چاڙهيو وڃي ها! ان ئي نڪتي تي سنڌي قوم جو پهريون ”قومي اتفاق راءِ“ جڙيو. تبديليءَ جي سفر ۾ اها انتهائي اهم تبديلي هئي.
1983ع ۾ سنڌي قوم جي انقلابي ڇال حڪمرانن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ هنن پاڻ سنڀالي انتهائي خطرناڪ گهڻ رخي حڪمت عملي جوڙي ورتي ۽ سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ تي تمام سنڌائتا وار ڪيا ۽ مٿان وري وقت جو به واءُ وريو ۽ سڄي دنيا ۾ مزاحمتي تحريڪن جو ڀرجهلو سوويت يونين خود پنهنجو وجود وڃائي ويٺو. ستر جي ڏهاڪي ۾ جيئن سنڌ جي ادبي تحريڪ تي وار ڪيو ويو هيو، تيئن وري 1983ع کانپوءِ سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ تي انتهائي خطرناڪ مڪارانه ۽ عيارانه طريقي سان حڪمران قوتون حملا آور ٿيون. هن ڀيري حملو انتهائي شديد هيو. شهرن ۾ دهشتگردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪري سموري سنڌ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو ويو. سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ کي سڀ کان وڏو ذهني ڌچڪو ان وقت لڳو، جڏهن 1988ع ۾ اقتدار ماڻڻ کانپوءِ بينظير حڪومت بدعنوانيءَ جي ور چڙهي وئي. 1979ع کان وٺي بينظير مسلسل مزاحمتي تحريڪ جي سرواڻ طور سنڌي عوام جي اميدن جو مرڪز بڻيل هئي، پر اقتداري ڪارگذاريءَ سبب اميد، نااميدي ۽ ۾ بدلجڻ لڳي. ائين سياسي سماجي تنزلي ۽ منفي تبديليءَ جي تاريڪ دور جو آغاز ٿيو. سوني تي سهاڳو ٿيو، جو مزاحمتي قومي ۽ طبقاتي تحريڪ به بدعنوانيءَ جي ور چڙهڻ شروع ٿي وئي. نوي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ سياسي عمل کان ڪٽجي سياسي بي عمليءَ جي دور ۾ داخل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان جي سامهون اهو نوجوان نسل آهي، جيڪو نه رڳو سياسي شعور کان وانجهيل آهي، بلڪه سياست کي بنهه منفي عمل سمجهي ٿو. اهو منفي تبديليءَ جو معراج آهي.
تبديليءَ جي چوٿين دور جو آغاز ٿئي ٿو، 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ محترمه بينظير جي آمد سان. غير سياسي نوجوان نسل هن طرح ڪنهن سياسي اڳواڻ جو عوامي استقبال ٿيندي پهريون ڀيرو ڏٺو، سو به اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پنهنجي اکين سان ۽ 19 آڪٽوبر تي جڏهن بينظير بي خوف ٿي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن ۽ زخمين جي عيادت لاءِ اسپتالن ۽ گهرن جا دورا ڪيا ته سندس مخالف به بي ساخته سندس همت ۽ بهادريءَ کي داد ڏيڻ لڳا. ائين هڪ ڀيرو وري سڄي سنڌ سياست سان لاڳاپجي وئي. 18 آڪٽوبر کان 27 ڊسمبر تائين 69 ڏينهن ۾ بينظير سنڌ جي ٻارن، ٻڍن، عورتن، مردن، نوجوانن سڀني کي والهانه انداز ۾ سياست جي ڪار زار ۾ آڻي بيهاريو ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن بينظير جي موت جي خبر سنڌ تي وڄ جيان ڪڙڪي ته سنڌ بجليءَ جي تار بڻجي سڀ ڪجهه ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ ايڏي غم ۽ غصي جي عالم ۾ به سنڌي ماڻهن ڪنهن جي به جان کي ڄاڻي واڻي ڇيهو نه رسايو. هنن ريل گاڏيون ته ساڙيون، پر مسافرن جي خدمت مهمانن جيان ڪئي. اهو سنڌي ماڻهن جي ماڻهپي ۽ لوڪ ڏاهپ جو معراج هو.
پر حڪمرانن جي بدعنواني کين بار بار مايوسيءَ جي ڪن ڏانهن ڌڪي رهي آهي ۽ کين ڪو اتساهيندڙ متبادل به نظر نٿو اچي، پر هنن جي اميد زنده آهي، جنهن ڪري هو مثبت تبديلي ۽ اميد جي آواز کي اتساهيندڙ موٽ ڏين ٿا. تبديليءَ جي تاريخي دورن جو جائزو اهو واضح ڪري ٿو اسين مثبت بنيادي تبديليءَ جي دور ۾ اڃا هاڻي داخل ٿيا آهيون، جيڪو منطقي طور تي پنهنجو معراج ضرور ماڻيندو.
لينن، مائوزيتنگ ۽ چي گويرا ويهين صديءَ جا اڳواڻ هئا، جڏهن ته اڄ اسين ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ هر صدي پنهنجي دور جا اڳواڻ پاڻ تخليق ڪندي آهي. جيڪي بلڪل ئي الڳ نوع جا هوندا آهن. سنڌ توڙي باقي دنيا ۾ انهن جو اڀرڻ فطري ۽ اڻٽر آهي، بلڪه اهڙن اڳواڻن ۽ انقلابن جي اسرڻ جي امڪانن کي رد ڪرڻ، فطرت جي قانونن کي رد ڪرڻ جي مترادف آهي ۽ قوي امڪان اهو ئي آهي ته ويهين صديءَ جيان ايڪهين صدي به هن ئي ڏهاڪي ۾ نين انقلابي قوتن کي جنم ڏيندي.
ارتقا جي سفر اهو به ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي قسمت جي ديوي هڪ ڀيرو وري اوڀر تي مهربان ٿي آهي. اڄ اولهه به ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته هاڻ طاقت جا مرڪز چين، هند، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا ڏانهن تبديل ٿيڻ شروع ٿي چڪا آهن. تڏهن اسان کي اها حقيقت به نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن اوڻويهين صدي جي پوئين اڌ ۽ ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ سڀئي اکيون تبديلي لاءِ ترقي يافته سرمائيدار ملڪن ڏانهن واجهائي رهيون هيون ته بنيادي تبديلي وري سڀ کان پوئتي پيل سرمائيداري ۽ زارشاهيءَ جي ملڪ روس ۾ آئي، جنهن نه رڳو روس پر سموري انسان ذات جي تاريخ بدلائي ڇڏي. يقين ڄاڻو ته اهڙي ئي شاندار تاريخي تبديلي سنڌ ۾ رونما ٿي سگهي ٿي.
جڳديش آهوجا
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان