نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ:
ساٿيو، گُذريل ڏينهن سنڌ مشهور فنڪاره صنم ماروي جي ڀاءُ جي مڱڻي جي تقريب صنم ماروي جي گهر ٿي، سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان مونکي ۽ سنڌ سلامت جي مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون کي انهي تقريب کي ڪوريج ڪرڻ ۽ دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي، دوستو جيئن ته صنم ماروي تمام ٿوري عرصي ۾ سنڌي فن موسيقيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، سنڌ سلامت لاءِ ڪافي سارين تقريبن جي ڪوريج مون ۽ عبدالغفور سمون ڪئي آهي ، جيئن ته هي تقريب هڪڙي مشهور ترين فنڪاره صنم ماروي جي ڀاءُ جي مڱڻي جي هُئي، ڪافي سارا فنڪارا پنهنجي اهڙين ذاتي تقريبات کي صرف پاڻ تائين محدود رکندا آهن، پر جس هُجي ميڊم صنم ماروي کي جنهن شو بز ۽ اليٽرانڪ ميڊيا سميت اسان کي به مدعو ڪري پنهنجي عوامي محبتن جو احترام ڪيو، ساٿيو فنڪار يا فنڪاره به اسان جي ئي ماحول جو حصو هوندا آهن، انهن جي رهڻي ڪهڻي ، انهن جو شاديون مُراديون به اسان وانگر انتهائي خوشيءَ سان مزين هونديون آهن، باقائده اسان جي سنڌي معاشري وانگر پنهنجي خوشين ڀرين ڪاڄن ۾ دُهل شرنايون، ۽ پنهنجي پيارن مٿان هي به گهورُون گهوريندا آهن، باقائده نچي ٽُپي هي خوشي جو اظهار ڪندا آهن، دوستو جيئن ته هي تصويرون سنڌ جي مشهور فنڪاره صنم ماروي جِي نِجِي ۽ ذاتي تقريب هُئي، اسان تصويري ڪوريج ته ڪري ڇڏي هُئي پر سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تان انهيءَ تقريب کي ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪرڻ لاءِ هٻڪائي رهيا هُئاسين. اجهو ڪالهه اسان وارو عبدالغفور سمون هڪڙي شاديءَ جي تقريب ۾ آيو، ان چيو ته صنم ماروي صاحبه جي والد صاحب انهي تقريب کي جملي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان ڪري سائين نثار ناز اوهان اها سموري خوشين ڀري تقريب سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ڇڏيو. منهنجي لاءِ خوشيءَ جي انتها ٿِي وئي، جڏهن به ڪا خوشين ڀرئي تقريب جنهن ۾ منهنجي شرڪت ٿيندي آهي ته دل چوندي آهي ته اهڙين خوشين ڀرين لمحن کي سنڌ سلامت جي دوستن به ونڊ ڪريان پر وري به ڪنهنجون نجي خوشين ڀريون تقريبون ونڊ ڪرڻ لاءِ به ڪافي ساريون پرابلم پيدا ڪري ڇڏينديون آهن. پر هن دفعي صنم ماروي جي ڀاءُ جي خوشين ڀرِي تقريب کي هتي ونڊ ڪرڻ جي عبدالغفور سمون کي باقائده اجازت ملي آهي، دوستو هن خوشين ڀري تقريب کي ونڊ ڪرڻ سان اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي هڪ تمام وڏو اعزاز به ملي ويو آهي ته سنڌ سلامت جو اڱڻ انٽر نيٽ تي سنڌين جو وڏي ۾ وڏو محبتي اڱڻ آهي جتان پهريون ڀيرو سنڌ جي انتهائي سُريلي فنڪاره سنڌ جي ڪوئل محترما صنم ماروي جي سڳي ڀاءُ جي مڱڻي واري مڪمل تقريب تصويرن سمت ونڊ ڪئي پئي وڃي، اسان لک ٿورائتا آهيون محترما صنم ماروي جا، سندس سموري گهر ڀاتين جا، سندس والد صاحب جا جن اسان سان ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون ڪرڻ فرمايو. دوستو ان سلسلي ۾ مان لک شاباسون ادا عبدالعفور سمون کي به ڏيندس جنهن هن خوبصورت ۽ خوشين ڀرئي سموري تقريب کي پنهنجي فوٽو گرافي ذريعي ڪَوَرِ ڪيو.(سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران صنم ماروي کي سندس ڀا جي مڱڻي جون کوڙ سارايون واڌايون۔
صنم ماروي جو ڀا تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيو آهي دوستن سميت، ان جي مٿان ڀيڻون گهورون گهوري رهيون آهن
صنم ماروي جي ڀا جي منڱيتي ڪُنوار پنهنجي سرتين سهيلن سميت

پيش آهن صنم ماروي جي ڀاءُ جي مڱڻي واري تقريب جون تصويرون جهلڪيون دوست هي تصويرون ٻي ڪنهن به فورم تي ڪنهن به ميڊيا تي ڪونه آهن صرف سنڌ سلامت تان ئي پهريون ڀيرو توهان سان شيئر ڪيون پيون وڃن