• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسٽيج ٽي وي جي مشهور فنڪار رفيق عيساڻي سان اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ شام ملهائي ويندي۔

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ واسيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
اڄ بروز ڇنڇر بتاريخ 6 نومبر 2010ع تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مشهور سنڌي آرٽست محمد رفيق عيساڻي سان گيتن ڀرئي شام ملهائي پئي وڃي ان کان علاوه سنڌي رسالي سُرهاڻ جي مهورت به انهي سُرهئي شام سان گڏ ڪئي ويندي، ياد رهي ته هن سُرهي شام جي تقريب جو وقت شام ستين وڳي آهي، هن گيتن ڀري شام ۾ شهباز ڌراني، سينئر ٽي وي آرٽسٽ، محمد حسين قادري سينئر ريڊيو ٽي وي آرٽسٽ، اسماعيل چانڊيو ٽي وي آرٽسٽ، اسرار لغاري سينئر ٽي وي آرٽسٽ، نثار شاهه اسٽيج ٽي آرٽسٽ، زلفي شاهه اسٽيج ٽي وي فلم آرٽسٽ کان علاوه شهناز ڀٽي سينئر ٽي وي آرٽسٽ، ميڊم نسرين ناز سينئر ٽي وي آرٽسٽ، ميڊم شمع سنڌي اسٽيج ٽي وي آرٽسٽ، ميڊم اقرا گل ماڊل ٽي وي آرٽسٽ ميڊم مُسڪان نذير ماڊل ٽي وي آرٽسٽ، ميڊم رُخسانه ميمڻ ٽي وي آرٽسٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندا۔ سنڌ جي سڀني ادب دوستن کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔

مونکي پڻ محترم رفيق عيساڻي بحيثيت سنڌ سلامت جي نمائندي جي هن تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هُئي تصوير پيش خدمت آهي

75181_464358043215_794048215_5460025_4174881_n.jpg
 
جواب: اسٽيج ٽي وي جي مشهور فنڪار رفيق عيساڻي سان اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ شام ملهائي و

سائين تمام ڀلي ڳالهه ٻڌائي اٿوَ،
اسان توهان طرفان هن تقريب جي رپورٽ ۽ ڪوريج جا منتظر آهيون... جنهن سان اسان جي هن تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري حسرت جو ڪجهه ازالو ٿي سگهندو..
 
Back
Top