ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌي ٻولي کي پهرين کان ٻارهين ڪلاس تائين پڙهائڻ سميت سنڌ ۾ قائم سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ عدالتن ۾ لاڳو ڪرڻ بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي، اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪالهه اقبال ڪاظمي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته درخواستگذار اقبال ڪاظمي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته عدالت جي واضع حڪمن جي باوجود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کانسواءِ چيف سيڪريٽري سميت سنڌ سرڪار جي ٻئي ڪنهن به اداري پاران جواب داخل نه ڪيو ويو آهي، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ميران محمد شاهه عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران لکت ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي پر خبر ناهي ته اهو فائيل ۾ ڇو نه لڳي سگهيو آهي، جنهن ڪري ڪمينٽس جي ڪاپي هن وقت ئي درخواستگذار کي ڏئي سگهان ٿو، جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ ٻين پاران اڃا تائين جواب نه اچي سگهيو آهي، جنهن لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت سيڪريٽري تعليم پاران اماڻيل موقف جي ڪاپي درخواستگذار کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سنڌي ٻولي کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ توڙي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ بابت چيف سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ياد رهي ته مقامي شهري اقبال ڪاظمي پاران داخل ڪيل درخوست ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ٻولي بل 1972ع ۾ منظور ٿيو، جنهن جي سيڪشن 5 تحت صوبائي حڪومت کي سنڌي ٻولي پهرين کان 12 ڪلاس تائين پڙهائڻ سميت سنڌ ۾ قائم سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ 14 سالن ۾ رولز تيار ڪري لاڳو ڪرڻا هئا، جنهن مطابق 1986ع ۾ اهڙا رولز ٺهي لاڳو ٿيڻ گهرجن ها پر ان باوجود هن وقت تائين 38 سال گذرڻ باوجود سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ سرڪار کي سنڌ جي تعليمي ادارن سميت سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان