ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
آمريڪي صدر باراڪ اوباما ڀارت جي دوري لاءِ واشنگٽن مان روانو ٿي ويو آهي، صدر اوباما اڄ تقريبن هڪ وڳي ممبئي پهچندو ۽ ممبئي حملن ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندو، آمريڪي صدر باراڪ اوباما واشنگٽن جي اينڊريو ايئرفورس بيس تان پنهنجي خاص جهاز ۾ گهر واري مشعل اوباما سان گڏ روانو ٿيو، صدر اوباما ڀارت پهچڻ کان اڳ جرمني ۾ ڪجهه وقت ترسندو، باراڪ اوباما اڄ تقريبن هڪ وڳي ممبئي عالمي هوائي اڏي تي پهچندو، هوائي اڏي کان هيليڪاپٽر ذريعي باراڪ اوباما تاج هوٽل ۾ پهچندو، تاج هوٽل ۾ پهچڻ جي اڌ ڪلاڪ بعد باراڪ اوباما ممبئي حملن ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ ٿيندڙ هڪ جلسي کي خطاب ڪندو، خطاب ۾ صدر اوباما اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو دهشتگردي جي معاملي تي ڀارت سان گڏ آهي ۽ ان جي موقف جي به حمايت ڪري ٿو، هو اهو چئي ته ممبئي حملن جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، سڌي يا اڻسڌي طور پاڪستان جي قيادت کي وارننگ ڏئي سگهي ٿو، ان کانسواءِ باراڪ اوباما ممبئي ۾ ڀارتي صنعتڪارن کي به خطاب ڪندو، اڍائي سئو واپاري نمائندن سان گڏ ايندڙ باراڪ اوباما ڀارت جي دوري ۾ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏيندو، آمريڪا ۽ ڀارت جو واپاري حجم 60 ارب ڊالر تائين پهچي رهيو آهي، صدر اوباما اسڪولي شاگردن سان ڏياري ملهائيندو، جنهن بعد هو هڪ ڪاليج ۾ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، آمريڪي صدر باراڪ اوباما ڀارت جي 3 ڏينهن جي دوري دوران نئين دهلي ۾ ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه سان ملاقات ڪندو ۽ پارليامينٽ کي خطاب ڪندو، ڀارت روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي باراڪ اوباما چيو ته ڀارت جي دوري جو مقصد اهو آهي ته اسين ايشيا ۾ آمريڪي ڪمپنين جون مارڪيٽون کوليون ۽ اسين آمريڪا ۾ نوڪريون پيدا ڪري سگهون، مون کي اميد آهي ته اسين ڪجهه اهم اعلان به ڪنداسين ته اسين ٻاهر ڇا ڪري رهيا آهيون، جنهن سان هتي معيشت ۾ بهتري اچي، ميديا رپورٽن موجب اوباما جي دوري جو سڄو ڌيان واپار تي هوندو، وڏي پئماني تي سودا ڪيا ويندا، جنهن ۾ خاص طور واپاري سودا شامل هوندا.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان