پيار ۽ آزادي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪري رهندي هئي جنهن کي اهو احساس هوندو هو ته هو اڪيلي آهي ۽ کيس ڪو به پيار ڪرڻ وارو ناهي، انهن ئي خيالن ۾ هوءَ ٻنين ڏانهن نڪري ويندي هئي ۽ اڪيلي سر پئي پور پچائيندي هئي ...

    هڪ ڏينهن ٻنين مان گذرندي کيس ٻه ننڍڙا ڳائڻ وارا پکي نظر آيا جي بک سبب تمام بيحال ٿي ڪري پيا هئا ... هُنَ انهن پکين کي کڻي اچي گهر ۾ پيل خالي پڃري ۾ وجهي سندن پرگهور ڪرڻ شروع ڪئي، کين پاڻي پيئارڻ ۽ چوڳو ڏيڻ لڳي ... پکين کي جڏهن ڪجهه ٻل ٿيو ته تمام گهڻي خوشيءَ مان ڳائڻ لڳا ... ڇوڪري تمام خوش ٿي ۽ انهن پکين سان کيس پيار ٿي ويو ۽ ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ سندس سڄي پيار جو مرڪز اهي پکي ٿي پيا ... اٿندي ويهندي انهن پکين جو خيال ڪندي هئي ۽ پکي به کيس ڏسي تمام سٺيون ۽ پيار ڀريون ٻوليون ٻوليندا هئا ...

    هڪ ڏينهن ڀل چڪ ۾ پکين کي کاڌي کارائڻ کانپوءِ پڃري جو دروازو بند ڪرڻ وسري ويس ۽ ايتري ۾ هڪ ننڍڙو پکي اڏامي پڃري کان ٻاهر نڪري، گهر ۾ اڏرڻ لڳو، ڇوڪريءَ کي اچي پريشاني ٿي ته اهو پکي ڪٿي اڏامي نه وڃي انڪري وجهه وٺي کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، ائين ڪندي کيس وجهه ملي ويو ۽ جهڙپ ڏئي مٺ ۾ زور سان پڪڙي ورتائين ۽ جذبات ۾ ايترو ته زور سان پڪڙيائين جو ٿوري ئي دير ۾ ان ننڍڙي پکيءَ جو ساهه پرواز ڪري ويو ....

    ڇوڪريءَ کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ ننڍڙي پکيءَ کي ڪيتري دير تائين حسرت ۽ خوف ڀريل نظرن سان ڏسندي رهي ۽ پنهنجي جذباتي پيار تي پڇتائيندي رهي ... باقي بچيل پکيءَ ڏانهن نهار ڪيائين ته هو بي چينيءَ سان پڃري ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن ڦيريون پائي رهيو هو ۽ ڄڻ ته ٻاهر آسمان ۾ اڏرڻ لئه وجهه وجهندو هجي، ڇوڪريءَ کي رحم اچي ويو ۽ تمام گهڻي پيار سان کيس پڃري مان ٻاهر ڪڍي اڏاري ڇڏيائين، ننڍڙي پکيءَ سندس جي مٿان ڪئي چڪر ڏنا ۽ خوشيءَ ۾ تمام گهڻو ڳائڻ لڳو ... ڇوڪري ان پکيءَ جي خوشيءَ تي خوش ٿيڻ لڳي ۽ کائنس جيڪو ٻي پکيءَ کي مارڻ وارو صدمو هو سو وسارڻ لڳي ... اوچتو اهو پکي چڪر هڻي اچي سندس ڪلهي تي ويٺو ۽ ايترو ته سهڻي ۽ پياري آواز سان ڳائڻ لڳو جو ڇوڪريءَ اهڙو پيارو گيت ڪڏهن به نه ٻڌو هو ... آزاديءَ جو گيت ....

    حاصل مطلب؛
    پيار کي تمام جلد ختم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته انکي زور سان پڪڙيو ... ۽ پيار کي هميشه قائم رکڻ جو سڀ کان سٺو طريقو آهي ته پيار کي پنهنجا کنڀ ڏيو ... آزادي ڏيو ... آزادي نعمت آهي ....
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پيار ۽ آزادي

    تمام زبردست ونڊ آهي ۽ سمجهاڻيءَ سان ڀرپور آهي،
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پيار ۽ آزادي

    واه ادا واه تمام بهترين ونڊ آهي ........
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار ۽ آزادي

    سائين نثار اوهان جا لک قرب جو نصيحت آموز ڪهاڻي ونڊ ڪئي۔

    بلڪل سائين آزادي کان وڌيڪ ڪا به خوشي ڪونهي۔ پر افسوس اسان معاشري جي مختلف ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي آزادي جهڙي نعمتن کي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو آهي۔

    اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
    آزاد هوا ڇا ٿيندي آ!
    اي ڪاش اِهو تون ڄاڻين ها
    پرواز بنا پَرَ ڪئن هوندا
    آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پيار ۽ آزادي

    [​IMG]
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پيار ۽ آزادي

    ۔ ادا بهترين ونڊ لا مهرباني اوهان جي۔ واقعي آزادي اهڙي نعمت آهي جنهن جو ڪو مٽ ناهي هوندو الله تعالى کان دعا آهي ته اسان جي آزادي تا حيات قائم رکي ۽ غلامي جي زنجيرن کان پچا
     
  7. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    جواب: پيار ۽ آزادي

    آزادي واقعي الله تعالى جي وڏي نعمت آهي ۔ بهترين ونڊ آهي سائين ۔
     
  8. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: پيار ۽ آزادي

    ادا بهترين ڪهاڻي آهي۔
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پيار ۽ آزادي

    واھ سائين ننڍي ڪهاڻي ۾ وڏو سبق آهي۔
    ڪهاڻي مان جيڪو سبق ملي ٿو اُهوبه اوهان لکيو آهي۔۔۔تمام بهترين ڪهاڻي شيئر ڪرڻ جي مهرباني۔

    ويا اُڏي من مان اميد جا پکي
    من ته ڄڻ آکيرو ٿو لڳي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو