امر جليل : سنڌي ٻوليءَ جو عظيم نثر نويس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    [​IMG]


    امر جليل : سنڌي ٻوليءَ جو عظيم نثر نويس (سالگره تي ڀيٽا)
    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪار ، نثر نويس ، ناول نگار ، ڪالم نگار ۽ ڊرامه نگار امر جليل جو جنم 8 نومبر 1936 تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيء ۾ ٿيو. سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل ولد عبدالغني آهي. ابتدائي تعليم رتن تلاء پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ بي اي تائين نوابشاه ۽ وري ان کانپوء واپس ڪراچي اچي ايم اي اقتصاديات ۾ڪراچي يونيورسٽيء مان ڪيائون. ان کانسواء پاڻ سنڌ يونيورسٽيء مان ايم اي تاريخ ۾ به ڪيائون. پاڻ آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيء مان ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن جو ڪورس به ڪيائين۔ پاڻ ڪرڪيٽ راند جو گهڻو شوقين ۽ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ٽيمن جو ڪپتان پڻ رهيو. اين جي وي اسڪول جي نمائندگي کانسواء فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٿوري عرصي لاء وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين طور حصو ورتائون.

    امر جليل جي ادبي سفر جي شروعات نوابشاه جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور کان شروع ٿي جڏهن سندس ويجهي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري اديب قمر شهباز کيس ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو.شروع ۾ “جليل پريمي ” ۽ پوء قمر جي هم قافيه “ امر ”جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. 1956 ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “ اندرا ” جي عنوان سان نوابشاه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ادا ۾ ڇپي. 1963 ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو “ انسان ” نيشنل ٿيٽر ڪراچي م پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاء لکيل پهريون ڊرامو “ درياء توتي دانهن ” 1967 ۾ ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيو. 1968 ۾ سندس لکيل پهرين فلم ڪهاڻي “ نوري ڄام تماچي ” هئي. انکانسواء امر جليل گهونگهٽ لاه ڪنوار ، بادل ، مٺڙا شال ملن ۽ البيلا جهڙن سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون.

    تنهنجون منهنجو ڳالهيون جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972 تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيو. ان کانسوء سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو“ سنڌو منهنجي ساھ ۾ ” پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوء ۾ پهريون ڪالم “ ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ ” اپريل 1974 ۾ هفتيوار الفتح ۾ ڇپيو.

    سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “ دل جي دنيا ” آهي جيڪو جيڪو پهريون دفعو 1968 ۾ ڇپيو هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن ۽ هي ڪتاب ٻين ٻولين م به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي هن ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن جن مان هيٺيان ڪتاب قابل ذڪر آهن. هر مجموعي جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن :

    دل جي دنيا
    سنڌو منهنجي ساه ۾
    تنهنجون منهنجون ڳالهيون
    منهنجو ڏس آسمان کان پڇو
    تاريخ جو ڪفن
    جڏهن مان نه هوندس
    ٽيون وجود
    راهون جدا جدا
    هن ڄار ۾
    رني ڪوٽ جو خزانو
    جيجل منهنجي ماءُ
    امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون
    چنڊ وسامي ويو
    لهندڙ سج جي لام،
    سرد لاش جو سفر،
    ادب ۽ سياست،
    چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون،
    سنڌ نامو
    امر ڪهانيان (ويچار ڊاٽ ڪام پاران سرائڪي ۾ ڇپايل )

    ان کانسواء سندس لکيل ناول “ نيٺ گونگي ڳالهايو ” جيڪو عبرت گروپ جي سنڌو رسالي ۾ هفتيوار ڇپبو هو مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ماڻهو پورو هفتو ٻي قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا. اهو ناول پوء ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو ۽ ان جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا. هن ڪتاب جون 10 هزار کان مٿي ڪاپيون فروخت ٿيون. هي ناول اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انهن سان ٿيندڙ ويساه گهاتين سان گڏ ان وقت جي سياسي حالتن تي لکيل هو. اسلام آباد ۾ رهندڙ هر سنڌي هن کي پنهنجي ڪهاڻي سمجهندو هو.

    امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاريءَ جو اهم ٿنڀو آهي. سندس افسانه پنهنجي وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. کيس جيل پڻ اماڻيو ويو ۽ ڪتاب پڻ ضبط ٿيا. سندس لکڻين ۾ مزاح ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي . سندس تحرير جو اسلوب بيان دلڪش ۽ بي مثال آهي. امر جا هلال پاڪستان اخبار ۾ ۽ پوءِ هينئر ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ، جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيده ۽ پراثر آهن. جليل صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي متعارف ڪرائي. سندس انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻيءَ ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي منفرد آهن.

    سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختلف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، جليل جا ڪردار عوامي آهن. سندن ٻولي به عوامي آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان جيئي ۽ مري ٿو. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ لاءِ محبت جو جذبو ۽ سنڌي عوام سان سندس سچي محبت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ پنهنجي ڪردارن جي ذريعي سجاڳيءَ جو پيغام سنڌي عوام کي ڏنو اٿن. سادن ۽ بيوقوف ڪردارن کان عقل وارا نڪتا ۽ گفتا سمجهايا اٿن. “ پل صراط ” سندس عوامي ڪردار نگاريءَ جي بهترين ڪهاڻي آهي.

    سندن چوڻ مطابق ٻوليءَ جي وسعت جو استعمال ليکڪ لاءِ ضروري آهي، ان ڪري مان جمال ابڙي،محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز کي بار بار پڙهندو آهيان ته جيئن لفظ، جملا ۽ ٻولي تازه رهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بي حساب وسعت آهي ۽ لکڻ لاءِ ٻوليءَ ۾ مطالعو تمام ضروري آهي

    پاڻ گهڻو ڪري سنڌ جي پيرن ، زميندارن ، جاگيردارن ۽ وڏيرن کي پنهنجي قلم جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. ماضي ۾ پنهنجي انقلابي تحريرن سبب اڪثر حڪومت جي عتاب جو شڪار رهيو آهي. سندس ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ريجنل مينيجر جي ملازمت ڇڏڻ جو وڏو سبب به اهوئي هيو. مشهور سهڻي رسالو سندس ڪهاڻي سرد لاش جو سفر ڇپجڻ ڪري پابنديء هيٺ رهيو. سختين هوندي به لکڻ نه ڇڏيائين. سندس ٽي وي تي لکيل ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ڊراما هلي چڪا آهن. کيس مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن جن مان خاص هي آهن :

    پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ
    شاه لطيف ايوارڊ
    شاه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ
    پاڪستان رائيٽرس ايوارڊ (ٻه دفعا)
    سنڌ الاجي ايوارڊ
    بيسٽ پلي رائيٽر آف ڊڪيڊ ايوارڊ
    اکل ڀارت سنڌي ساهت سڀا نيشنل ايوارڊ ڀارت

    27 سال اسلام آباد ۾ ۾ رهيو جتي علامه اقبال يونيورسٽي جو باني ڊائريڪٽر ۽ وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي جو وڏو ماهر آهي. ڪهاڻي “ اروڙ جو مست ” ڪري دوستن جي حلقي ۾ ان نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌي ۽ اردو ۾ سڀ ڪوڙ جي نالي سان ڪالم لکندو رهيو آهي. ان کانسواء انگريزي اخبار ڊان لاء به ڪالم لکيا اٿس. کيس سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو ويو اهي. سنڌ ٽي وي تان ڪلاس روم جي نالي سان مقبول ٽاڪ شو پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڪيٽي اين تي پڻ مبصر طور شرڪت ڪندو رهي ٿو. سال 2008 ۾ امر جليل جي لکڻين جا پنجاه سال پورا ٿيڻ تي شاه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ،ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ حڪومت ۽ اڪيڊمي آف ادبيات پاران 29 جون 2008 تي ڪراچيء ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سان تعلق رکندڙ اديبن سندس فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏني.

    28 مارچ 2010 تي ريجنٽ پلازا ۾ سنڌ گريجوئيٽس جي هڪ ورڪشاپ ۾ ساڻس پهريون دفعو ملاقات ٿي. ايڏي پيار مان ڀاڪر ڀري مليو ڄڻ صدين جي واقفيت هجي. مسلسل 54 سالن کان لکندڙ سنڌ جي هن تمام وڏي نثر نويس جيڪو مان سمجهان ٿو ته جمال ابڙي کان پوء سنڌي ڪهاڻي جو سڀ کان وڏو نالو آهي جي لاء اسان دعاگو آهيون ته رب پاڪ کيس سٺي صحت ڏي جيئن هو پنهنجي قلم ۽ آواز جي ذريعي سنڌي قوم کي جاڳائڻ ۾ اڳ کان اڳرو هجي.

    حواله :
    سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات (ليکڪ : پروين موسي ميمڻ)
    انسائڪلوپيڊيا سنڌيانه (واليوم پهريون)
    ڪلاچي (امر جليل نمبر )
    سهڻي (امر جليل نمبر )
    wikipedia.org





     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    سائين سليمان وساڻ!. اوهانجي مهرباني جو ايتري بهترين هستيءَ تي اهڙي سهڻي معلومات ونڊ ڪئي اٿوَ،
    سنڌ سلامت جي مڙنئي دوستن پاران سائين امر جليل کي دل جي گهراين سان جنم ڏڻ جون واڌايون هجن...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    گذريل 54 سالن کان مسلسل لکندڙ سنڌ جي هن ڏاهي تي اسان کي فخر آهي۔

    دعا آهي ته الله پاڪ امر کي سٺي صحت ۽ دراز عمر عطا ڪري ، جيئن سندس قلم ڏاهپ ڀريا ڪالم لکندو رهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    مطلب ته ادا سليمان اوهان هن واري ادا ممتاز کان گوءِ کڻي ويا، جو اهڙين ڳالهين ۾ دوست مواد ڪٺو ڪرڻ ۾ هوندا آهن ته ادو ممتاز سڀ کان پهرين ان ٽاپڪ تي روشني وجهي ڇڏيندو آهي،
    بحرحال ادا اوهان جي ڪاوشن کي آءُ سلام ٿو پيش ڪريان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا طاهر مهرباني

    ادا سٺي مضمون کي ونڊ ڪرڻ گهرجي۔ ڪجه ڏينهن اڳ فيس بوڪ تي ڪنهن دوست مونکان امر جليل جي شخصيت تي لکيل ڪنهن به ونڊ جو پڇيو هو ته هجي ته مان کيس ٻڌايان۔

    ڪافي ساري ڳولا ڪرڻ کانپوء به مونکي ڪو تسلي وارو مضمون ڪونه مليو۔ مان سوچيو ته ڇو نه اهو ڪم مان پاڻ ئي ڪريان۔

    مان ڪافي ڪتابن ، مضمونن ۽ انٽرويوز جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوء ويهي هي مضمون نه صرف ڪمپوز ڪيو پر ان دوست کي اي ميل پڻ ڪيو۔ هي مضمون ڪٽ پيسٽ يا ڪاپي پيسٽ نه پر منهنجو پنهنجو ڪمپوز ڪيل آهي۔

    ادا ممتاز وگهيي جي مهرباني آهي جو هومختلف شخصيتن تي لکيل مضمون اسان سان ونڊ ڪندو ٿو رهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    واه سائين واه تمام پيارو ونڊ شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ...........
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا زبردست شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا رياض مهرباني پنهنجي راء ڏيڻ جي
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا عاشق امر جليل جي شخصيت ئي اهڙي آهي۔ جنهن تي ڪيترو لکجي۔

    سنڌ جو مهان ليکڪ 54 سالن کان مسلسل پيو لکي اڄ به جنگ اخبار ۾ سندس ڪالم سب جهوٽ جي عنوان سان چپيو آهي۔ پڙهڻ جهڙو آهي۔

    امر لکڻ مهل هڪ تنقيد لکندو آهي جنهن ۾ مزاح سان گڏ هڪ سوچ هوندي آهي۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا سليمان صاحب ڪالم جو لنڪ ملي وڃي ته مهرباني
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ادا طاهر هي آهي ان ڪالم جي لنڪ

    http://ejang.jang.com.pk/11-9-2010/pic.asp?picname=06_10.gif

    اوهان جي مهرباني
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    سر ٿورا ڪري ڇڏيوَ
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌرتيءَ جيڏي نثر نويس امر جليل جي سالگره تي کيس ڀيٽا

    ڀاء طاهر سنڌي

    يار سنڌي به سڏائين ۽ وري اها ٿورن واري ڳاله به وچ ۾ آڻين۔ اها ڳاله ٺهي ڪانه ٿي۔

    ڀا امر جليل ڊان ۽ جنگ لاء لکندو رهندو آهي۔ اميد ته دوست کيس پڙهندا رهندا
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ پاران عظيم ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار ، ڊرامه نگار ۽ دانشور محترم امر جليل کي سندس جنم ڏينهن تي سلام پيش ڪيون ٿا۔
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اسان جي طرفان به امر جليل کي جنم ڏينهن جون لک لک وڌايون هجن۔ ڪاوش ۾ ڇپيل ڪالم ظاهر ۽ باطن سيلف انٽرويوپيش خدمت آهي.

    804 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي عظيم تخليقڪار کي سندس جنم ڏينهن تي سلام پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل : سنڌي ڪهاڻيءَ جو شهنشاهه

    رضوان گل

    سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿي ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به ”امر“ آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي مفافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترائي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادريءَ ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجهه ڪيو آهي.
    هي وقت هٿن مان ڪين وڃي،
    هي وقت آ وک وڌائڻ جو،
    ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون،
    هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو.
    جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي. اهڙن باصمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب امر جليل جو نالو انتهائي مٿانهون ۽ معتبر آهي، جنهن هن ڌرتيءَ واسين کي پنهنجي لکڻين ذريعي روشنيءَ جون راهون ڏسيون ۽ هر ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي.
    8 نومبر 1936ع تي روهڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ قاضي عبدالجليل اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ امر جليل جي نالي سان هڪ بلند پائي جي ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار طور ڄاتو ويو، ماڻهو جنهن جي لکڻين جا ديوانه بڻجي ويا. اهي سندس لکيل ڪهاڻيون هجن، ڪالم هجن، ڊرامه هجن يا ناول امر جليل جي لکڻين ۾ پنهنجو الڳ نشو آهي جيڪو روح کي راحت ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ امر جليل کي بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگر طور سڃاتو ويندو هو پر ادب ۾ سندس خاص دلچسپي هئڻ سبب هن شروعات ۾ ڪجهه ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جن مان کيس لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ايئن هن لکڻ شروع ڪيو. امر جون ڪهاڻيون جڏهن مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته کيس ڀرپور موٽ ملي، ڇا لاءِ ته هن جي لکڻين جو انداز ڪجهه مختلف ۽ غير روايتي هو يا کڻي ايئن چئجي ته هن پنهنجو هڪ الڳ انداز متعارف ڪرايو جنهن انداز سبب ئي هو پڙهندڙن جو محبوب ليکڪ بڻجي ويو.
    امر جليل جي مشاهدي واري اک تمام گهري آهي جو هو هر چُرندڙ پُرندڙ شيءِ تي نظر رکي ٿو. منظر نگاري کان ويندي جملن جي جوڙجڪ تائين سندس ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طور گرفت ۾ آڻيو ڇڏي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر سماج جي پيڙهيل طبقي کي موضوع بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي اهڙي مهارت سان پيش ڪيو آهي جن تي اسان جو توجهه گهٽ يا نه هئڻ برابر هوندو آهي. اهي ننڍڙا واقعا اسان جي زندگيءَ تي ڪيترا اثر انداز ٿين ٿا سو اندازو اهڙين ڪهاڻين کي پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪنهن ليکڪ جو مشاهدو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جو هو هر شيءِ کي پرکڻ بعد ئي ان تي راءِ ڏئي ٿو، يا ان جو ڪو نئون پهلو نروار ڪري ٿو. امر جليل پنهنجي لفظن ۽ جملن کان تير ۽ خنجر جو ڪم ورتو آهي. انهن تيرن جو رُخ هميشه اهو ڪلاس ئي رهيو آهي، جنهن مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسيو آهي. امر جي لکڻين جو انداز سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهي. جيڪي ماڻهو دل ۽ دماغ کان خالي شيشن جي محلن ۾ ويهي سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ ٻڌڻ جا شوقين آهن انهن تي اهي لفظن جا بم ۽ بارود بار ضرور ڪندا آهن ڇا لاءِ ته اهي جملا دونهون ضرور دکائن ٿا جيڪو انهن واڳ ڌڻين جي اکين تائين به پهچي ٿو.
    امر جليل جي ڪهاڻين جاڪردار من گهڙت يا فرضي نه آهن بلڪه اهي اسان جي ئي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن، جن جو ڳانڍاپو هڪ ئي وقت ماضي حال ۽ مستقبل سان آهي. امر جو انوکو انداز قاريءَ کي عجيب سحر ۾ وٺي ٿو ڇڏي، جو ماڻهو سندس مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئون ڪتاب پهرئين ساعت ۾ ڏسندي ئي خريد ڪري ٿا وٺن. نامياري اديب غلام محمد گرامي امر جليل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”امر جليل جو فن هر دور جي معاصر فنڪارن ۾ انفرادي اسلوب ۽ تاثر جو هڪ عجيب انداز پيدا ڪري چڪو آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي، تاهم مختصر نموني ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرايان ٿو، امر جليل جو ڪجهه به لکيو آهي سو فن جو اعليٰ مثال آهي غير پختا ذهنن کي ڪن هنڌن تي امر جليل جي فن مان اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي پر ان ۾ نه فن جو ڏوهه آهي، نه فنڪار جو گناهه آهي، پنهنجو ذوق ئي خام هوندو، ورنه فن پنهنجي جزالتجي حيثيت سان اعليٰ مقام تي آهي.“
    امر جليل پنهنجي اندر هڪ تحريڪ آهي هو اڄ تائين به ٿڪيو ناهي. هن ساهه ناهي پٽيو. هو لکندو رهيو آهي ته مسلسل تمام وڏيون وڏيون ۽ تلخ ڳالهيون طنز ۽ مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن جيڪو امر وٽ آهي سو ٿورن ليکڪن ۾ ملندو. سندس پهرئين ڪهاڻي ”اندرا“ رسالي ”ادا“ نواب شاهه جي آگسٽ 1955 واري شماري ۾ شايع ٿي، هن ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ ”انسان“، ”دراهه توتي دانهن“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اوندهه ۽ روشني“، ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”هوندا سي حيات“، ”عيد ٿي وئي“، ”دوزخ“، ”ماءُ“، ”فرمانبردار“ ۽ ٻيا شامل آهن. هندستان جي نڪرندڙ رسالي ”ڪونج“ پاران ڪرايل ”هند سنڌ ڪهاڻي چٽاڀيٽيءَ“ ۾ امر جي ڪهاڻي پهريون انعام ماڻيو، ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان 1965ع ۾ کيس ادبي انعام ڏنو ويو، ڪتاب ”دل جي دنيا“ تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 70-1969 جو ادبي ايوارڊ مليو، ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ کي سال 1971ع جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي ايوارڊ مليو، مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران 1972ع جو بهترين مڪالمه نويس ايوارڊ فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ تي مليو، اهڙي ريت امر جليل کي مليل ايوارڊس جي هڪ تمام وڏي فهرست آهي جنهن تي هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو.
    امر جليل جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”ٽيون وجود“، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“، ”رڃ“، ”آدم جي ماءُ“، ”رني ڪوٽ جو خزانو“، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“، ”جيجل ماءُ“، ”لهندڙ سج جي لام“ وغيره شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سالن کان ڪالم لکندو رهيو آهي، جن کي سهيڙجي ته هوند ڪيترائي ڪتاب ٺهي پوندا.
    اسان جهڙن سماجن ۾ اها روايت آهي ته جيڪو سچ چوندو ۽ لکندو آهي ته ان تي وقت جا آقا ڏمرجندا آهن اهڙي ڏمر جو شڪار امر جليل به رهيو، جو هن سچ لکيو. هن رات کي ڏينهن نه لکيو جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ”هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ“ ۽ ”سرد لاش جو سفر“ تي نه فقط بندش وڌي وئي پر هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنث پڻ نڪتا. امر جليل ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ به تمام گهڻو سرگرم هو. سندس ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ تي انڪوائري به هلي پر پوءِ انهيءَ دوران يحيٰ خان جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو. امر جي ڪهاڻين جا مڪالما دلچسپ ۽ طنز مزاح سان ڀرپور آهن هو کل مذاق ۾ اهڙين تلخ حقيقتن تان پردو کڻي ٿو جيڪي سماج جي لاءِ ناسور بڻيل آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جي ”امر جليل نمبر“ ۾ ”جليل جيئن ڏٺو اٿم“ ۾ لکيو آهي ته: ”اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل، غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن، حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿو جيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇو نه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.“
    امر جي ٻولي هروڀرو ڪا گهڻي ڳوڙهي يا ڌارين لفظن سان جهنجهه نه آهي، وٽس هر ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڪمال فن آهي. پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌي ۾ لکان، اردو ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.“ هڪ ٻئي هنڌ ادب ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”ادب ۾ مان مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو ڪٽر حامي آهيان، اديبن کين ننڍن وڏن خانن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه مون کي مضحڪه خيز لڳندي آهي، هر ليکڪ جي پنهنجي فريڪوئنسي ٿيندي آهي، هر ليکڪ جي لفظ کي ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي، هر اچاريل لفظ کي ڪو ٻڌڻ وارو ملي ويندو آهي، هر منظر کي ڏسڻ واري ڪا نگاهه ملي ويندي آهي.“ سندس سياسي تجزين ۽ سماج ۾ ناسور بڻجي ويل براين بابت لکيل ڪالمن ۾ جيڪا گهرائي ۽ گيرائي آهي سان مقصديت سان ڀرپور ۽ تجويزن سبب ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
    امر جليل هر دور جو ڪهاڻيڪار آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار اڄ به انهن ساڳين مسئلن ۾ ورتل آهي ۽ مونجهارن جو شڪار آهن جهڙو ڪالهه هئا، بلڪه هاڻي انهن جو تعداد وڌي ويو آهي، جن جي ڳالهه امر جليل پنهنجي لکيڻين ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪئي آهي، زيادتيون، بد ديانتون، ناانصافيون، قتل، ڌاڙا ۽ ڦرين کان علاوه ڪارو ڪاري ۽ ٻيا هڙئي سماجي ناسور اڄ به چوٽ چڙهيل آهن ۽ اهي ئي امر جي لکڻين جا مُک موضوع آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    امر جليل هڪ امر ليکڪ

    مسرور پيرزادو

    اها فيبروريءَ جي هڪ ٿڌڙي شام هئي، جڏهن ڪراچيءَ جي بيچ لگزري هوٽل جي لان ۾ گوتم جو ڀڪشو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ماڻهن جي تاڙين جي موٽ ۾ اُٿي بيهي هٿ ٻڌي انهن جو شڪريو ادا ڪري رهيو هو۔ تاڙيون وڄائيندڙ سوين ماڻهن جون اکيون چمڪ ۽ آلاڻ سان ان اڇن وارن واري ماڻهوءَ کي پيار سان ڏسي رهيون هيون، جنهن گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي لکڻين جي صورت ۾ انهن کي محبت، شعور ۽ احساس پئي ڏنو هو، هو جنهن جي “سنڌو پنهنجي ساهه ۾” ڪتاب سان ماڻهن جو اهڙو جذباتي لڳاءُ آهي جهڙو پرينءَ جي خطن سان هوندو آهي۔ اهو محبوب ليکڪ جنهن کي سڀ امر جليل جي نالي سان سڃاڻن ٿا سو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ پنهنجي پروگرام کانپوءِ پيار ڪندڙ ماڻهن جي هجوم ۾ اهڙو ته وڪوڙجي ويو جو فيسٽيول جي انتظاميا لاءِ مسئلو ٿي ويو۔ انتظاميا وارا رڙيون ڪري ماڻهن کي پاسي ڪري رهيا هئا ته جيئن اها جڳهه ٻئي پروگرام لاءِ خالي ڪئي وڃي پر امر جليل ماڻهن ۾ ائين وڪوڙجي ويو هئو جيئن ڪو محبوب، هيرو، اڳواڻ پنهنجي چاهيندڙن جي وچ ۾ وڪوڙجي وڃي. اهو منظر ڏسي مون کان هڪ اردو ڳالهائيندڙ ليکڪا کان پڇيو ته ” ماڻهو امر جليل سان ايتري محبت ڇو ٿا ڪن؟ ايتري محبت جو ڇا سبب آهي؟ هوءَ مون کي ٻڌائي رهي هئي ته هو ان ادبي ميلي جا ٽيئي ڏينهن اتي موجود هئي ۽ ٽن ڏينهن دوران هن ٻيا به ڪيترا ناليوارا اديب اتي ڏٺا هيا پر ڪنهن کي به ايتري محبت نه ملي. مان هن کي فقط ايترو چيو ته “امر جليل سنڌي ماڻهن لاءِ فقط هڪ ليکڪ ناهي، هو اسان لاءِ هڪ استاد، مرشد جيان آهي، جنهن اسان کي شعور ڏنو آهي، اسين سڀ هن سان ائين محبت ڪندا آهيون، جيئن پنهنجي انتهائي بزرگ شخص سان ڪئي ويندي آهي”
    8 نومبر 1936 ع تي هن دنيا ۾ اک کوليندڙ هن عظيم ليکڪ جو اصل نالو عبدالجليل قاضي آهي۔ عبدالجليل مان امر جليل ائين ٿيو جو قمر شهباز جي صحبت ۾ ادب ڏانهن لڙي پيو ۽ قمر جهڙو پنهنجو نالو امر رکي ڇڏيائين. روهڙي ۾ جنم وٺندڙ هن شخص ابتدائي تعليم رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي ۽ هينئر اٺهتر سالن جي عمر ۾ به هو چوي ٿو ته جيڪر ان دور ۾ واپس هليو وڃي. اهو دور جڏهن هن جو محبوب شهر ڪراچي هندن، مسلمانن پارسين سميت پُرامن انسانن جو شهر هيو۔ جڏهن هن شهر جي رستن تي ماڻهن جي رت جا ڳاڙها نشان نه پر بادام جي رس سان رستا ڳاڙها هوندا هيا۔
    موجوده صورتحال تي ڪڙهندڙ هي جذباتي ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن مايوسي جي ڪيفيت ۾ چاهيندو آهي ته جيڪر هو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ها يا وري گهڻو اڳ هتان هليو وڃي ها. شيخ اياز جي وائي ”ڀون نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ“ جهڙيون انتهائي اداس ڳالهيون ڪندڙ هر ليکڪ پنهنجي قلم سان ڪڏهن تمام گهڻو کلائيندو به آهي ته ڪڏهن صفا روئاري به وجهندو آهي۔
    هڪ ڪرڪيٽر جهڙو مزاج رکندڙ هن ليکڪ ادب جي دنيا ۾ جيڪا اننگز کيڏي آهي سا هميشه ياد رکي ويندي۔ پڙهندڙ هن جي لکڻين مان ائين متاثر ٿيندا آهن، جيئن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ويٺل تماشائي ڪنهن اسٽائلش بيٽسمين جي راند مان متاثر ٿيندا آهن. هن جا ڪهاڻين جي ڪردارن جا ڊائيلاگ ڪنهن بهترين رانديگرن جي ڇڪن ۽ چوڪن جهڙا هوندا آهن، جنهن کي ڏسي پڙهي ماڻهو تاڙيون وڄائيندا آهن۔
    سنڌيءَ ۾ هن جي ڪتابن سان ماڻهن ائين محبت ڪئي آهي، جيئن جواني ۾ ٻڌل گانن سان محبت ڪندا آهن۔ اهي گانا جن مان سدائين ان جوانيءَ ۽ عشق جي ياد ايندي آهي، جيڪا انسان جو املهه سرمايو هوندي آهي۔ ”دل جي دنيا“ جو هي ليکڪ چاهيندو آهي ته جيڪر هو هڪ ڪتاب لکي، جنهن جو نالو ” مان مسلمان ڇو نه آهيان“ هجي، بلڪل ائين جيئن برٽرينڊرسل ” مان عيسائي ڇو نه آهيان“ ڪتاب لکيو هو۔ سچل سرمست کي پنهنجو مرشد سڏيندڙ امر جليل ان بيت جي ڀرپور تشريع ڪرڻ چاهي ٿو :
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀلايا
    ڪي نمازون پڙهن نوڙي ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق جي.
    امر جليل جا ڪردار اسان جي سماج جا مسڪين ماڻهو آهن، جيڪي ظلم سهن ٿا، جيڪي سياسي ۽ سماجي طور تي طاقتور ماڻهن جو شڪار ٿين ٿا، جيڪي سچ ڳالهائي سزا کائن ٿا، جيڪي لاحاصل عشق ڪن ٿا۽ شاهه جي اها سٽ جهونگارن ٿا ته ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت“ عشق جون ڪيفيتون امر جليل جي ڪهاڻين جو هڪ خوبصورت پاسو آهن، هن جون ڪهاڻيون ”جڏهن مان نه هوندس“ ”ٽيون وجود“ منهنجي دل موهن جو دڙو“ ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌ جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين، مردن توڙي عورتن بار بار پڙهيون آهن ۽ انهن ۾ پنهنجي عشق جي ڪيفيت کي به محسوس ڪيو اٿن۔ اها ئي خوبي آهي، جيڪا ڪنهن به ليکڪ کي عظيم بڻائيندي آهي، عظيم ليکڪ اهو ئي آهي جنهن جون لکڻيون پڙهي پڙهندڙ اهو محسوس ڪري ڄڻ ته اها هن جي دل جي ڳالهه آهي۔ امر جليل وٽ اهو فن آهي جو هو پنهنجي لکڻين ۾ سڀني ماڻهن جي دل جي ڳالهه باڪمال مهارت سان ڪري وڃي ٿو.
    1965ع ۾ پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ کان پنهنجي ادبي سفر جو آغاز ڪندڙ هي سدا بهار ليکڪ سياسي موضوعن تي به خوب لکڻ ڄاڻي پر انهن موضوعن تي هن جو اظهار گهڻو ڪري اڻ سڌو هوندو آهي۔ در اصل آرٽ فن جو اظهار هوندو ئي اڻ سڌو آهي. شاهه لطيف جو به اهو ئي انداز هيو، امر جليل طنز ۽ مزاح سان سماج جي تلخ حقيقتن کي بيحد سهڻي ۽ فنڪاراڻي نموني اظهاري ٿو۔ هو چيني ۽ چرٻٽ جهڙن ڪردارن جي واتان حقيقتون اشارن ۾ بيان ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو۔ هن جا طنزيه جملا پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي سختي رکن ٿا ۽ سگهارا هجن ٿا. ”صدين جو صوداءُ “ ڪهاڻي جي ٻن ڪردارن جا هي ڊائيلاگ ڏسو ۽ ان ۾ موجود پوليس تي طنز ڏسو؛
    پڇيائين ” ڪير آهين“؟ چيم ”مان ماڻهو آهيان“ ”
    اوهه مان سمجهيو شايد پوليس وارو آهين“
    اهڙي طرح ”مهدي منهنجو پٽ“ ڪهاڻي ۾ سياستدانن تي چٿر ڪندي هڪ ڪردار ٻئي کي پنهنجي گهر ڏانهن ايندي ڏسي چوي ٿو ” اڄ ڪيئن تڪليف ڪئي اٿو سيٺ صاحب، اليڪشن ۾ بيٺا آهيو ڇا؟“ يا هڪ ٽي وي پروگرام ۾ وڏيري جو چاڙتو پوليس وارو وڏيري کي چوندو آهي ته ” سائين ! جيڪڏهن هو نه ٿو مڙي ته پنهنجي ڳالهين کان ته حڪم ڪريو ته جيل ۾ وجهونس“ تنهن تي وڏيرو پوليس واري کي چوندو آهي ته ” نه نه جيل ۾ نه وجهوس، اجايو ليڊر ٿي ويندو“ يا ”ڪنگ سائيز“ ڪهاڻي ۾ چينو پڇندو آهي ته ”ڇا بادشاهن جو قد سگريٽ جيترو هوندو آهي؟“ تنهن تي سندس ڀاءُ جواب ڏيندو آهي ته ” ڪجهه بادشاهن جو قد ته سگريٽ کان به ننڍو ٿيندو آهي“۔
    اهڙي قسم جا تمام گهڻا جملا، مڪالما امر جليل جي ڪهاڻين ۾ ڀريا پيا آهن۔ ان کان علاوه رومانوي جملن، ڊائيلاگن جو پڻ بادشاهه آهي۔ هن جا اهڙا رومانوي جملا ماڻهو پنهنجن محبوبن سان ڳالهائيندا آهن ۽ انهن کي خطن ۽ ميسيجن (ايس ايم ايس) ۾ پڻ موڪليندا آهن۔ ڄڻ ته امر جليل انهن جي بي زبان محبت کي زبان ۽ لفظ ڏئي ڇڏيا آهن. ”سنڌو منهنجي ساهه“ وارين ڪهاڻين جو سلسلو ته رومانوي ڊائيلاگن سان ڀريل آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيري سنڌو هن کي چوي ٿي ته منهنجي ڀر ۾ اچي ويهه ته وراڻي ٿو ” اسين عبادتن کي پٺي ناهيون ڏيندا“.
    ” هڪ ديسي عشق جو داستان“ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته”مون تو سان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي دل وارا ڌرتي سان ڪندا آهن، مون تو سان اهڙي محبت ڪئي آهي، جهڙي سنڌي سٻاجهڙا موج ڀريل مهراڻ سان ڪندا آهن، اهڙي محبت، جيڪا فقط ايشيا جي بدحال قومن جا باغي ڪري سگهندا آهن۔ مون توکي ايتري شدت ۽ سچائي سان چاهيو آهي، جو هينئر منهنجي محبت ۽ عبادت ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي، مان ڪافر سهي، ملحد سهي پر تون منهنجي روح جي عبادتگاهه جو مرڪز آهيان“. پنهنجي شاهڪار ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس “ ۾ امر جليل لکي ٿو ته ” الاءِ ڇو دنيا جا سڀئي وطن پرست رومانٽڪ هوندا آهن... ڇو جو ڌرتي ۽ موت ۾ بنيادي مشابهت آهي“. هن سنڌوءَ کي جيئن پيش ڪيو آهي اهو به هڪ فن جو اعليٰ نمونو آهي، اها سنڌو جيڪا سنڌ به آهي ته عورت به ۽ اسان جي هن محبوب ليکڪ جي لکڻين جو محور به. پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ محبوب جي حسن بابت لکي ٿو ته ” بنان ڪنهن وڌاءُ جي هو انهن عورتن مان هئي، جن جي قرب لاءِ مرد تخت ڇڏيندا آهن، رڻن جا راهي ٿيندا آهن، بنواس جو ويراڳ وٺندا آهن ۽ آپگهات ڪندا آهن. هن اروڙ جي مست ليکڪ جا ڪردار سماجي نانصافين جو شڪار رهندڙ اهي ماڻهو آهن، جن جي مقدر ۾ مايوسي ۽ اداسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. هو عشق ۾ جدايون ڏسندا آهن ۽ ڪاغذن جا گل ٺاهي پاڻ پنن وانگر سڪندا ۽ ڇڻندا رهندا آهن. اهي ڪردار زماني جي ناشناسائين جي هر چوٽ کائي به مرڪندا رهندا آهن ۽ هڪٻئي کي ائين چوندا آهن ته ” اسان جو تعلق مشڪرن جي ان نسل سان آهي، جيڪي سرڪس جو شو پورو ٿيڻ کانپوءِ انداهه ۾ لڪي پنهنجي اکين جا ڳوڙها اگهي وٺندا آهن ” سرد لاش جي سفر جو لڱ ڪانڊاريندڙ داستان لکندڙ هي ليکڪ ٽي وي پروگرام ”ڪلاس روم“ ۾ پڻ اترو ئي اثرانداز رهيو آهي، جيترو لکڻين ۾. هاڻي هن جي ڳالهين ۽ لکڻين ۾ عشق ڪجهه گهٽ ٿي ويو آهي پر پوءِ به هن جون صوفياڻيون ڳالهيون ۽ مزاحمت واريون لکڻيون ڪمال اثر رکن ٿيون.
    هو ان سماج بابت اڄ به ان ئي سگهه سان لکي رهيو آهي، جنهن سماج ۾ مذهبي انتهاپسندي سبب صوفي سوچ کي ڌڪيو ٿو وڃي. سندس ئي لفظن ۾ ته ”هتي ڏينهن جو بتي کڻي گهمڻ وارن جو تعداد ان ڪري وڌي ويو آهي جو اسان جو يقين سج تان کڄي ويو آهي.“ خودڪشي بابت اڪثر سوچيندڙ اسان جو هي محبوب ليکڪ چوي ٿو ته هو تيز رفتار ريل گاڏي آڏو بيهي خودڪشي وارو رستو اختيار ڪرڻ چاهيندو پر اسان سڀ هن کي ٻڌايون ٿا ته هو امر آهي ۽ هن کي هن جي لفظن کي فنا جو هٿ ڪڏهن به ڇهي نه سگهندو. اسان سڀني جي دعا آهي ته امر جليل سٺي صحت ماڻي، وڏي حياتي ماڻي ۽ ائين کلندو، ڳالهائيندو رهي ۽ اسان جي قوم جي رهنمائي ڪندو رهي.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    سائين بس اکر ختم ٿي ويا آهن ساراهه ڪرڻ لا، ......مالڪ وڏي حياتي ڏي مهان امر جليل صاحب کي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    آئون جڏهن امر جليل صاحب جي لکڻين کي پڙهندو آهيان ت مونکي حقيقي سنڌ نظر ايندي آهي...
    مهان ڏاهي لا، مون وٽ لفظ ناهن جو آئون ٻيٽا ڏيئي سگهان......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو