آرڪيالاجي: انساني اوسر جي ڪٿا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آرڪيالاجي: انساني اوسر جي ڪٿا​

    حاڪم علي شاهه بخاري
    آرڪيالاجي هڪ انگريزي لفظ آهي جنهن جو بڻ بنياد يوناني ٻولي جي آهي. يوناني لفظن Logos+Arkhaios جنهن جي معنيٰ قديم شين جو اڀياس، پر هاڻي قديم جو مطلب گذريل وقت يا ماضي ورتو وڃي ٿو. اهڙي ريت هن شعبي جو واسطو تاريخ سان وڌيڪ جڙي ٿو. ان جي تحقيق جو دائري ۾ اهي سڀ شيون اچي وڃن ٿيون جن جي اُپائڻ، ترتيب ڏيڻ يا استعمال ڪرڻ سان ماضيءَ ۾ انسان جو هٿ رهيو آهي. هڪ طرح سان هي علم تاريخ جو طابع ۽ ٻي طرح سان ان جي تڪميل لاءِ اهو بنياد چيو وڃي ٿو. بهرحال، ٻنهي جو تعلق ماضيءَ سان آهي ماضي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انسان جو دماغ آهي. انسان کان جيڪڏهن ماضي کسيو وڃي يا ميسارجي وڃي ته سندس حالت ڪهڙي هوندي؟ چريائپ واري! آرڪيالاجي ۾ شين جو مطالعو هڪ مخصوص نموني سان ڪيو وڃي ٿو. هن وقت هي شعبو پنهنجي کوجنا جي پورائيءَ لاءِ ڪيترن ئي ٻين شعبن کان مدد وٺي ٿو پر پاڻ طبعي علوم تي وڌ ۾ وڌ انحصار ڪري ٿو. انڪري حاصل ڪيل معلومات ۽ نتيجا ڪافي پختا ۽ ويگانڪ هجن ٿا نه رڳو ايترو پر ٻيا ڪيترا شعبا هن جي سهڪار سان پنهنجي تحقيق کي سگهارو ڪندا رهن ٿا. گارڊن چائيلڊ چيو آهي ته: “Aided by archaeology, history with its prelude prehistory becomes a continuation of natural history” بطور سائنس آرڪيالاجي سڀ کان وڌيڪ هڪ جڙتو عمل يا ترڪيب آهي، پر جيڪڏهن اسان هن کي آرٽ يا اڄ به وڌيڪ فلسفو ڪري ڀانيون ته پوءِ وسهو ته ان ۾ انسان متعلق ڪيل باريڪ سائنسي تشرح جو مڪمل روپ نظر ايندو، تنهن هوندي به اها هڪ “Synthesis” ترڪيب يا ترتيب آهي.
    آرڪيالاجي خاص ڪري واقعات جي اصليت سمجهڻ جو ذريعو آهي، جنهن موجب اها ثقافتي معلومات ڪٺي ڪندڙ ماهراڻي حرفيات ئي سمجهي وڃي ٿي. انهيءَ حوالي سان آثار قديمه جو ماهر هڪ ٽلو يا ٽيڪنيشن آهي يا وري هڪ مترجم يا مفسر آهي جو ناپيد يا خشڪ انساني فلسفي کي واسيل ماضيءَ ۾ ڏسي ٿو. هن شعبي جو ماهر هڪ ئي وقت معلومات گڏ به ڪري ٿو ته وري ساڳي وقت ان جي تشريح ۽ توضيح به ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪا به هنري ڄاڻ ماضيءَ جي تاريخ ۽ فلسفي جي جاءِ وٺي نٿي سگهي نه وري ان جو پوري طرح اڀياس ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته ماضي الوڀ آهي انڪري هن وقت اسان تاريخ کي آرڪيالاجي جي روشنيءَ کانسواءِ صحيح طرح سان ڏسي نٿا سگهون. زندگيءَ جي تاريخ جو تمام وڏو حصو تاريخ جي پهچ کان ٻاهر آهي. اهو بهرحال گهڻي حد تائين آرڪيالاجي جي تحقيقي دائري ۾ شامل آهي.
    کوٽائيءَ هن شعبي جو اهو ڪم آهي جنهن جي مدد سان ماضيءَ کي حال جي تجربيگاهه ۾ آندو وڃي ٿو. اتي شين جو معائنو ڪيو وڃي ٿو، انهن کي بهتر حالت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ پوءِ سائنسي طريقن سان پرکيو ۽ پرجهيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ان سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سندن زندگيءَ بابت ڄاڻ ڪٺي ڪجي ٿي ۽ ماضيءَ جي ڪن حقيقتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. انسان تخليقي طور حياتيات وڻ جي هڪ اهم لام سان واسطو رکي ٿو ۽ جسماني طور ٻي ڪنهن عضوياتي تخصيص کان وانجهيل آهي. سواءِ مخصوص دماغي صلاحيت جي، انهيءَ صلاحيت جي مدد سان هو پنهنجن ئي تخليق ڪيل عضون، يعني مادي شين غيرمادي سوچ ۽ ادراڪ جي وسيلي پنهنجي جسماني سگهه وڌائڻ ۽ وقت سارو اڳتي وڌڻ ۾ لائق بڻيو آهي. آثار قديم چئجي يا پرٿم وديا، باستان شناسي چئجي يا آرڪيالاجي پر هي شعبو انسان جي ارتقائي سفر جو هڪ دفتر آهي، جن جي اڀياس جا طريقا ماضيءَ جا راض کولڻ ۾ مصروف آهي، پر جيڪڏهن هن مان فائدو نه وٺبو ته پوءِ هڪ ڌوڙ مثال آهي جا هوا ۾ پئي اڏري. هن شعبي اهميت ڪيئن ۽ ڇو حاصل ڪئي. ان لاءِ عالمن جي راءِ آهي ته تجسس جا چار طبعي لاڙا ڪارفرما هئا.
    1) ڪجهه وقت اڳ گذريل قريبن ۽ ابن ڏاڏن سان فطري دلچسپي.
    2) انهن ۽ ٻين اڳ گذريل ماڻهن جي ٺاهيل ۽ استعمال ڪيل شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي خواهش.
    3) اڳ گذريل وڃي بربر قبيلن جي سماجيات کي ڄاڻڻ جو شوق.
    ماضيءَ جي انسان ۽ ان جي ثقافتي ابتدا ۽ اوسر جي ڪهاڻي کي سمجهڻ. ياد رهي ته معلومات جي هن شعبي جي اهميت رڳو انڪري نه آهي ته هي قديم شين ڳولهڻ ۽ انهن جي اڀياس ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو پر انڪري آهي ته انهن شين جي مدد سان خود انسان جو مطالعو ڪري ٿو. ان ڪري ڪن عالمن هن جي وصف ئي مٽائي لکي آهي، چون ٿا ته: ”آرڪيالاجي اهو علم آهي جو شين جي مدد سان انسان جو اڀياس ڪري“. هي شعبو اسان کي انسان جي جسماني ارتقا جي هڪ مرحلي کانپوءِ جي نشونما، تخليق، هنري، فڪري واڌاري ۽ ان جي نتيجي ۾ ماضيءَ جي معاشرن ۽ انهن ۾ تبديلين بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. اڳيان اسان لاءِ گهڻو مواد ڇڏي ويا آهن. انهن کي ڏسڻ، فني ۽ فڪري لاڳاپن جي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن مان هڪ ذهين ماڻهو پنهنجي ڳولا، مشاهدي سمجهه پٽاندر نتيجا ڪڍي ماضي جي اهميت جو اندازو ڪري سگهي ٿو. عالمن جي راءِ آهي ته قديم آثارن جو ماهر شين سان هم ڪلام ٿئي ٿو، موٽ ۾ وري اهي شيون ساڻس ڳالهائين ٿيون. عام طرح سان هي علم هر ڪنهن لاءِ آهي ۽ هرڪو پنهنجو سهج گيان استعمال ڪري ان ۾ خاصي مهارت به حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ ماهر وقت جي قدمن جا پيرا کڻي ٿو ۽ نيٺ ماضيءَ جي هُن ڀر جا ارادا ۽ تحفا حال جي هوشمند راءِ جي نذر ڪري ٿو. هڪ ماڻهو کيس سندس حاصلات سميت هڪ حساس ماڻهو اڳيان آڻي پيش ڪري ٿو. گهڻو ڪري سموري سڌريل دنيا ۾ قديم آثارن جا ماهر، پنهنجن توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ کوٽاين ۽ تحقيق جي عمل کي جاري رکيو پيا اچن. ڌرتيءَ تي آباد انساني نسلن، سندن تهذيب تمدن، ثقافتن جي اوسر جي ڪهاڻي جو مطالعو ڪندي انهن جا هڪٻئي سان لاڳاپا سمجهي وحدت انساني جي مختلف سلسلن ملائڻ ۾ سرگردان آهن. انهن جي لڳاتار محنتن ۽ ڪارنامن ۽ هر شعبي جي ڄمڻ کان اڄ تائين واري سفر، منزلن معرڪن جو ڪجهه قصو بيان ڪري ڇڏجي ته بهتر. تاريخ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته ڇهين صدي ق-م-۾ Nabonidus نالي بابل جي آخري بادشاهه جو شايد Sargon ٽئين جو پٽ هو، تنهن Haramsin (Sargonll) جي Sipper ۾ ٺهرايل شمس جي مندر کي ڳولهڻ لاءِ کوٽائي ڪري مندر جي پٿر مان ٺهيل بنيادن ۽ ان جي پٽ رٿا کي ظاهر ڪرايو. هي کوٽائي آرڪيالاجي وارن جي ڀاڱي ۾ نه سهي پر بهرحال هڪ کوٽائي هئي جا ڪنهن قديم آثار کي ڳولهڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. اهڙي ريت شين جي مرمت Conservation جو به قديم اهڃاڻ ملي ٿو. هونءَ ته جڏهن کان اڏاوت جي تاريخ شروع ٿئي ٿي مرمت جو وجود به لازمي ان وقت کان آهي، پر 25 ق-م ڌاري مشهور اطالوي معمار Vitruvius اهو ٻڌايو ته اڏاوت يا شين ۾ ڪم آيل ترڪيبي مادن يا مسالن ۾ اندر موجود ڪمزورين جي ڪري شيون بگڙڻ يا کسڻ لڳن ٿيون، ان ڪري اڏاوتي مادن جي ترڪيب کي نظر ۾ رکيو وڃي
    بشڪريه عوامي آواز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو