ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ڏينهن بهاولپور کان رحيم يار خان ۽ صادق آباد واري رستي واپس سنڌ ايندي اهو احساس شديد ٿيو ته سنڌ جو خوشحال ترين ۽ صنعتي ضلعو گهوٽڪي به صادق آباد جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل آهي. گهوٽڪي ۾ ڀاڻ جون فيڪٽريون، گئس ۽ تيل جا ذخيرا هوندي به گهوٽڪي وٽان گذرندڙ قومي شاهراهه ٽٽل ڦٽل هئي، جڏهن ته ساڳئي قومي شاهراهه ڪوٽ سبزل کان پوءِ هڪ سڌريل معاشري واري گل و گلزار شاهراهه ٿي پئي وئي. احمد پور شرقيه جهڙي سرائيڪي پٽيءَ جي ننڍڙي علائقي ۾ جيڪو خوبصورت ٽول پلازه تعمير ٿيل آهي، اهو سکر، حيدرآباد ته ڇڏيو ڪراچيءَ ۾ به اهڙو ٽول پلازه تعمير ٿيل ناهي. وڏي صوبي ۽ ننڍن صوبن وچ ۾ اهو فرق ڇو آهي؟ ان فرق ڪري ڪهڙيون رنجشون ۽ ناراضگيون جنم وٺن ٿيون، مان ۽ منهنجي آسٽريلوي مهمان ڪيٽ ان موضوع تي ڳالهائيندا پئي آياسين ته گهوٽڪي شهر ويجهو اچي ويو.

    گهوٽڪيءَ جي ٽٽل روڊن ڀرسان گهاٽا نم جا وڻ اڃا به پنهنجي خوبصورتي سبب پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا، انهن وڻن کان پريان روڊ جي ڀرسان ئي پنجاب طرف هڪ ٽرين تيز رفتاريءَ سان وڃي رهي هئي. ان ٽرين کي ڏسي اسان جي ڳالهين جو رخ سنڌ جي ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ ننڍن بم ڌماڪن طرف هليو ويو. اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ انهن بم ڌماڪن واري جاءِ تان اڃان به ساڳيو ”سنڌ لبريشن آرمي“ وارو فوٽو اسٽيٽ ٿيل پمفليٽ ملي ٿو، جيڪو پنج سال اڳ نوابشاهه ڀرسان مليو هو. جنهن پمفليٽ موجب انهن بم ڌماڪن جي ذميواري سنڌ لبريشن آرمي جي ڪمانڊر غلام حسين چانڊيو قبول ڪئي هئي. ان شخص جو ۽ ان جي آرمي جو سنڌ اندر وجود آهي به يا نه؟ اهو پتو ته پاڪستان جون ڳجهيون ايجنسيون لڳائي رهيون آهن، پر انهن بم ڌماڪن جي باهه جيئي سنڌ جي نعري هيٺ ڪم ڪندڙ لڳ ڀڳ سڀني تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهي بم ڌماڪا ايتري وڏي نوعيت جا به ناهن ۽ نه ئي ان آرميءَ کي سنڌ اندر ڪا ايتري عوامي حمايت حاصل آهي، جو ان جي ڀيٽ انگريزن خلاف هليل گوريلا جنگ يا حر تحريڪ سان ڪجي، پر الاءِ ڇو اهو پمفليٽي ڪامريڊ غلام حسين چانڊيو ائين نقلي نالو لڳي ٿو، جيئن انگريز ڪاموري ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب ”وار“ موجب غلام چٻرو يا سائين رکيو ولد واليڏنو بهڻ جا نالا ان زماني ۾ نقلي عرفيت سان پنن ۽ محفلن ذريعي جيل اندر توڙي ٻاهر گردش ۾ هئا. سنڌ جو تعارف هونئن ته صوفين ۽ ولين جي سنڌڙي سونهاري وارو ڏنو وڃي ٿو، پر ان اداس واديءَ جي لڳ ڀڳ هر نسل ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي سهي، پر اهڙا باغي روح ضرورپيدا ٿيندا ۽ گردش ڪندا رهيا آهن، جن جا حوالا ٻڌي اياز جون اهي سٽون ياد اچي وڃن ٿيون ته:

    ٿي ماڪ وسي مئخاني تي،
    ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا!

    ان ڏينهن هڪ اهڙي شخص سان سالن کانپوءِ ملاقات ٿي، جيڪو قومپرست سياست ۾ پاڻ کي گوريلا ڪمانڊر سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو. وچولي قد وارن اهڙن سنڌين کي فوج ۾ قد جي ڪمي سبب ڀرتي نه ڪيو ويندو آهي، پر هن پاڻ ئي پاڻ هٿيارن جي تربيت حاصل ڪئي. هو لڳ ڀڳ ٻارهن سال اڳ جڏهن مون سان مليو هو، تڏهن به روپوش هو ۽ اڃان به روپوش آهي، هو سرڪار کي تڏهن به سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ هاڻي ته مٿس انعام اڪرام به رکيا ويا آهن. ٻارهن سال اڳ ان جي روپوش هوندي به اسان شايد سواري نه ملڻ ڪري حيدرآباد کان ڄامشوري تائين پيرين پنڌ آيا هئاسين ۽ واٽ تي وسندڙ برسات اسان کي سڄو ڀڄائي ڇڏيو هو. ڄامشوري پهچڻ کانپوءِ هو پنهنجي ٺڪاڻي طرف هليو ويو ۽ آئون پنهنجي هاسٽل جي دوستن طرف. پر هاڻي جڏهن هو مليو ته هو بدليل بدليل هو. هن جي پروٽوڪول ۾ هن جا ڪارڪن حاضر حاضر هئا. هن انٽرويو لاءِ پنهنجو فوٽو ڪڍائڻ کان اڳ ڪمري ۾ موجود پنهنجي ساٿين سان تڪڙي اجلاس ۾ صلاح ڪري ورتي ته کيس ڏاڙهيءَ سان فوٽو ڪڍرائڻ گهرجي يا شيو ڪرڻ کپي. فيصلو شيو ڪرڻ جي حق ۾ آيو ته تڪڙا ريزر اچي ويا ۽ هن منٽن ۾ شيو ڪري فوٽو ڪڍرايو.

    ”هي جيڪو سنڌ لبريشن آرمي وارو ڪمانڊر غلام حسين چانڊيو آهي، سي اصل ۾ توهان پاڻ ته ناهيو؟“ منهنجي ان سوال جي جواب ۾ هن مرڪي صرف ايترو چيو ته سنڌ سان ڏاڍاين خلاف جيڪو به جنهن طريقي سان مزاحمت ڪري ٿو، اسان ان کي بهتر سمجهون ٿا. ان ۾ ڌماڪن جي حمايت هئي نه مخالفت. سنڌ اندر ريلوي پٽڙين ۽ بجليءَ جي ٿنڀن ۾ جڏهن هلڪي نوعيت جا بم ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا ته سنڌ جي صحافتي لڏي ان کي ائين مذاق ڪري سمجهيو، جيئن ڏهه ٻارنهن سال اڳ ڪوئيٽا جا صحافي انهن راڪيٽ حملن تي لطيفا ٺاهي کلندا هئا، جيڪي بلوچ لبريشن آرمي وارا ڪندا ۽ ذميواري قبوليندا هئا. ”بلوچن جي اها لبريشن آرمي ۽ ان جا گوريلا ايترو ته هٿ جا سڌا آهن جو انهن جو هڪ به راڪيٽ ڪڏهن به پنهنجي نشاني تي نه لڳو آهي ۽ نه ئي ڪو نقصان ٿيو آهي.“ ڪوئيٽا جي هڪ پٺاڻ صحافيءَ ان زماني ۾ کلندي ٻڌايو هو ۽ هاڻي اهو ساڳيو صحافي انهن گوريلا اڳواڻن جا انٽرويو ۽ انهن جي تربيت واري ويڊيو ٺاهي ٿو اچي. پر سندس ادارو عالمي ۽ غير جانبدار هوندي به سندس اهي وڊيوز نشر نٿو ڪري سگهي. سنڌ لبريشن آرمي حقيقت آهي يا افسانو؟ ان سوال جو جواب ڳوليندي ڳوليندي ڳجهين ايجنسين ڪيترائي نوجوان گم ڪري ڇڏيا آهن. اهي نوجوان سياسي ڪارڪن هئا، پر ڳجهين ايجنسين جي رپورٽن آڌار پوليس عملدارن انهن کي غير ملڪي ايجنٽ قرار ڏنو ۽ ڪيس مڙهيا، جيڪي سالن جي عدالتي جنگ کانپوءِ هو ڪيس کٽي ۽ سرڪاري بهتان غلط ثابت ڪري ٻاهر نڪتا. سنڌ جي قومپرست سياست ايتري ته محدود ۽ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهي، جو ان جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي راز جي خبر به پل کن ۾ پکڙجي وڃي ٿي ته اهو آرمي جو راز ڳجهو ڪيئن ٿو رهي سگهي. اها ڳالهه به قومپرست ڪارڪنن جي موبائيل فونن تي ايس ايم ايس ذريعي هلي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان لبريشن آرمي جي آڙ ۾ هڪ قومپرست تنظيم جي قيادت کي قتل ڪرڻ ۽ ڪچلڻ واري آپريشن جي مک ڪردار سنڌي پوليس عملدار تازو هڪ ٻي قومپرست جماعت جي اڳواڻ جي گهر وڃي نه رڳو ماني کاڌي، پر ان کي مشورو ڏنو ته جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن کي گڏائي صرف مسلح جدوجهد کي پرچار ڪندڙ هڪ ڌر کي ڌار ڪري اڪيلو ڪري بيهاريو. سياست جي ان پرخار رستن ۾ ڪهڙو سچ ۽ ڪهڙو ڪوڙ، اها ته خبر ئي نٿي پوي.

    ڪجهه قومپرست ڪارڪنن ۾ بلوچ قومپرست بزرگ اڳواڻ نواب خير بخش مريءَ جي اها گفتگو زير بحث هلي ٿي، جنهن ۾ هن جنرل مشرف جي دور ۾ ڪجهه سنڌي قومپرست اڳواڻن کي گهرائي مزاحمت بابت راءِ پڇي هئي ته ”اسان بلوچ ته خودڪشي ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، توهان سنڌي به هلندا ڇا؟“ پوءِ ڪجهه وقت جي وٿيءَ کانپوءِ مريءَ پاڻ ئي انڪار ڪندي چيو هو ”ٽين ڌر توهان سنڌين تي اعتبار ئي نٿي ڪري.“ ته سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌي قومپرستن تي عالمي برادري ايترو به اعتبار ڇو نٿي ڪري، جيترو هنن جو بلوچن تي آهي؟ شايد سنڌي قومپرست ڇڙوڇڙ ۽ غير منظم رهيا آهن، تڏهن ”اسان جڏهن ٽوڙهي ڦاٽڪ خلاف هلچل هلائي ته اها مزاحمت تمام سگهاري هئي، جنهن ڪري پاڙيسري ملڪ جي هڪ وزيراعظم اسان سان رابطو ڪيو.“ سالن تائين جيلن ۽ روپوشيءَ وارا ڏکيا ڏينهن گذاريندڙ هڪ انقلابي اڳواڻ ٻڌايو. ”اسان ڏکيا سکيا پنڌ ڪري پنهنجي ايجنڊا تيار ڪري ان سان ملڻ وياسين، پر ايئرپورٽ تي ئي خبر پئي ته ان وزير اعظم کي ان جي محافظن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان جي اها ملاقات نه ٿي سگهي.“

    پراڻي سکر جي ريلوي ڪراسنگ ڀرسان جڏهن به گذرندو آهيان، مون کي اهو ننڍي عمر وارو باغي هيمون ڪالاڻي ياد اچي ويندو آهي، جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي ڦاهي چڙهي ويو، پر پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارين کي تڙي ڪڍڻ واري موقف تان پوئتي نه هٽيو. سنڌي سماج هڪ ماٺار ۽ جاگيرداري قدرن ۽ ريتن رسمن جي سنگهرن ۾ جڪڙيل ماڻهن جو سماج آهي، جنهن انگريزن لاءِ به ايڏو وڏو مسئلو پيدا نه ڪيو هو، پر هو بغاوت تي لهي آيا ته پنهنجي مرشد سورهيه بادشاهه خاطر ئي اهڙو رڻ ٻاريائون جو حر تحريڪ ڪچلڻ لاءِ مقرر ڪيل انگريز عملدار ايڇ ٽي ليمبرڪ کي حرن جي بهادريءَ ۽ سچائي تي مڃتا ڏيڻي پئي. ائين ئي سنڌي ماٺار ۾ ته رهيا، پر ضيائي مارشل لا جون هنن ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. سو ٿڌڙين راتين ۾ لوڪ سمهي مزي جون جڏهن ننڊون ڪندو آهي، تڏهن باغي روح جاڳن ٿا ۽ اهي رند وڃي ڪنهن نه ڪنهن مئخاني جو در کڙڪائين ٿا.

    نثار کوکر
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو