شاعر ۽ اديب دوستن کان معذرت سان :
شاعر جذبات حضرت بلبل بيقرار کي به شعرن جو مجموعو ڇپائڻ جو شوق ٿيو.
هڪ پبلشر وٽ ويو.
پبلشر پڇيس : ڪيترو ڪلام اٿئي ؟
چيائين : مڻن جي حساب سان آهي.
پبلشر پڇيس : سڀ ڇپائڻو اٿئي.
چيائين : سڀ ڇپائڻو آهي.
پڇيائين : ڏوڪڙ گهڻا اٿئي.
چيائين في الحال ته 500 روڪ اٿم.
پبلشر پڇيس : ٻي ڪا جائداد.
چيائين : ڪجه ڪونهي. رلي ڪلهي تي اله واهي.
پبلشر ڪجه سوچيو ۽ چيائينس : 500 رپين مان پنجن صفحن جو ڪتاب ڇپجي سگهي ٿو. چاهين ته ڪلام ڇپاء ، چاهين ته چرچن جي چوپڙي ڇپاء. ٻنهي حالتن ۾ خود مختيار آهين.
---------------------------------------------------------------
منهنجو هڪ ليکڪ دوست آهي سارنگ سودائي. کيس اچي شوق ٿيو ته ڪنهن طرح پنهنجو ڪلام ڇپايان.
سڀني منع ڪيس. يارن دوستن جهليس. آئي وئي تنبيه ڪيس ته اهڙو ڪم نه ڪجان. نه مڙيو زيور، ڪپڙا لٽا ، گهر گهاٽ زمين زڙي وڪڻي وڃي ڪتاب ڇپايائين. ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻ صاحب ديوان ته آهيان.
ڪجه ڏينهن اڳ مليو. پڇيومانس : ڇا حال آهي ؟
چيائين : حال برو آهي.
پڇيم : خير ته آهي ؟
چيائين : ڪتاب لاه ڪڍي ڇڏيا.
پڇيم : ڇا ٿيو ؟
چيائين : وڪامي ئي ڪونه ٿو. ڪاپيون کڻي اچي گهر ڀريو اٿم. جاء سڀ ڪتابن والاري ڇڏي آهي. مان مسافر خاني ۾ سمهندو آهيان !

هڪ ڏينهن هڪ چريو مون وٽ آيو . چيائين : خدا جي نالي تي هڪ رپيو ڏي.
چيم : 50 پيسه وٺ.
چيائين : مون اصول ٺاهيو آهيو ته روپئي کان گهٽ نه وٺندس.
چيم : ڪيترا پيسا گڏ ڪيا اٿئي ؟
چيائين : ڏه هزار گڏ ڪيا اٿم. اڃان پنج هزار ڪرڻا اٿم.
چيم : ايترا پئسا ڇا ڪندين ؟
چيائين : انهن پئسن جو ڪاغذ وٺندس. پوء ان مان ٻيڙيون ٺاهي درياء ۾ وهائي ڇڏيندم.
چيم : ائين ڇو ٿو ڪرين ؟
چيائين : مان شاعر آهيان. هن کان اڳ جڏهن سياڻو هوس ته 15 هزار خرچ ڪري ڪتاب ڇپايم. اهو ڪو نه وڪاڻو. هاڻي چريو آهيان پر ڪتاب ڪونه ڇپائيندس. ٻيڙيون ٺاهي تاريندس.

ٻه عورتون پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
هڪ : بجلي مهانگي ٿي وئي آهي.
ٻي : گئس به ته مهانگي ٿي وئي آهي. گذريل مهيني به 200 رپيا بل آيو هو.
پهرين : ادي مان ته ڇٽي پئي آهيان گئس جي بل کان. نه گئس ٻاريان نه بل اچي. ننڍڙي جي پيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپايو هو. هڪ به ڪاپي ڪو نه کـتس. روز ڏه ٻارهن ڪتاب ساڙي ٻوڙ چاڙهيندي آهيان. الله الله خير سلا.
قمر شهباز جي ڪتاب اٺون گهر تان ورتل