ذوالقرنين حيدر رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    پاڪستاني ٽيم جي جونيئر وڪيٽ ڪيپر سيد ذوالقرنين حيدر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر تان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه دبئي مان پراسرار نموني گم ٿي ويل ڪرڪيٽر جي لندن پهچڻ بعد پاڪستاني ڪرڪيٽ جي باري ۾ اڃان به نوان انڪشاف سامهون اچڻ جي توقع آهي.
    سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سائوٿ آفريڪا جي تازي ون ڊي سيريز ۾ کيس چوٿين ميچ هارائڻ لاءِ ڌمڪيون مليون هيون. ان کان علاوه پنجين ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ به کيس ڌمڪيون ملي رهيون هيون.. کيس سندس جان کان علاوه سندس فيملي لاءِ پڻ ڌمڪيون پئي ڏنيون ويون، سندس فيملي لاهور ۾ رهندڙ آهي. ان کان علاوه ذوالقرنين لنڊن ۾سياسي پناهه وٺڻ جي درخواست جي پڻ تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ملڪ سندس ماءُ وانگر آهي ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي ماءُ سان غداري نه ٿو ڪري سگهي ان ڪري مان ميچ فڪسنگ ڪندڙن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڌمڪيون ڏيڻ وارن جي انداز مان لڳي پيو ته هو جيڪي چون ٿا ڪري ڏيکاريندا، مون پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجمنٽ کي پڻ ان موضوع تي شڪايت ڪئي پر انهن چپ ڪرڻ جو چيو، ٻيهر ڌمڪيون ملڻ بعد مون ڪرڪيٽ ٽيم کي بنا ٻڌائي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڪري بنا ڪجهه ٻڌائي مان لنڊن پهچي ويو آهيان.
    ذوالقرنين حيدر اهو چئي رٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو آهي ته هن تي هينئر جيڪو دٻاءُ آهي، ان جي برداشت ڪرڻ جي سگهه سندس ۾ نه آهي.. ان ڪري هو رٽائرمنٽ وٺي پيو.. سندس چوڻ آهي ته مان هڪ سيد آهيان ۽ ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهان. ان کان علاوه هن وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو...
    هن نئين قصي کان پوءِ سمجهيو پيو وڃي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ سان هڪ ٻيو بحران ٽڪرائڻ وارو آهي،
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ذوالقرنين حيدر رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

    ادا اهي اٿو پاڪستاني .........ها ها ها ها ها .
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ذوالقرنين حيدر رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

    ادا مست سيد بادشاه صحيح فيصلو ڪيو آهي، اصل جان ڇٽي پيس روز جي خواري کان۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ذوالقرنين حيدر رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو..

    هل سائين کُٽو اهوبه هڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو