چانڊوڪي
سينيئر رڪن
امتياز عادل سومرو
هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي، هي ڪنهن جو خون وهائن ٿا!
هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سَهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا!
جن پنهنجائپ جو ويس ڍڪيو، سي دل جا ڪيڏا ڪارا هئا
۽ مرهم بدلي هر دل تي نئون زخم رسائڻ وارا هئا
سي اڄ ڀي پنهنجا ٿي نه سگهيا ۽ ڪالهه به پنهنجا مارا هئا
مان ڪنهن جو ڪنهن جو ناءُ کڻان جو دشمن ٿي پيا سارا هئا
هِت روڄ ۽ راڙو گهر گهر ۾، هُو گيت خوشين جا ڳائن ٿا.
هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.
جو ڌرتيءَ تي ڪجهه ڪالهه ٿيو، مون کان ته اڃا وسري نه سگهيو!
ڪو ديس جو ماڻهو ظلمن جي زندان مان نڪري نه سگهيو!
۽ پيار جو پنڇي نفرت جي بازن کان بچي اُڏري نه سگهيو!
والله سُکن جو ڌرتيءَ تي سورج به وري اڀري نه سگهيو!
هر رات دل جي دشمن ٿي، پر ڏينهن به هاڻ ڏکائن ٿا.

ڪنهن خوف اچي گهر ٺاهيو هو ڄڻ خوشين جي آثارن ۾
۽ ويرانين هو راڄ ڪيو ڪو وقت وري بازارن ۾
جو زهر لڳيون هيون چانڊوڪيون، ڪا سونهن نه هئي ڄڻ تارن ۾
ڪنهن ڪونه ڏٺي ڀلجي به خبر ڪا خوشين جي اخبارن ۾
اڄ تائين غمن جي اوندهه ۾، ڪي ويٺا لڙڪ وهائن ٿا.

ڪا مرڪ لبن تي ڪين رهي، سوچيون به ڀلا ڪيئن ٽهڪن تي
ڪو نيڻ نه هو جو ڪين ڀنو، سؤ درد اٿي پيا سڏڪن تي
مايوس نگاهون هر پاسي ۽ لڙڪ ڪري پيا لڙڪن تي
ڪا بيچيني جي برق ڪِري هئي هر ڪنهن دل جي ڌڙڪن تي
هر سوچ پريشان ٿي پئي آ ۽ دل کي وهم ورائن ٿا.

توکي نه خبر ٿي ڇا گذريو هتي رات جي پونئين پهرن مان
توکي به پڪاريم تو نه ٻڌو، نڪتين نه خيالن گهرن مان
هر دل تي ٽهڪن چهڪ ڏنا جي نڪتا وحشي چهرن مان
ڪا باهه ٻري هئي عادل هُتِ، شعلا جو اٿيا هئا شهرن مان
هيءَ باهه ٿڌي ٿي ناهي اڃان، هو باهه نئين ڀڙڪائن ٿا.