هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    امتياز عادل سومرو


    هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي، هي ڪنهن جو خون وهائن ٿا!

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سَهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا!

    جن پنهنجائپ جو ويس ڍڪيو، سي دل جا ڪيڏا ڪارا هئا

    ۽ مرهم بدلي هر دل تي نئون زخم رسائڻ وارا هئا

    سي اڄ ڀي پنهنجا ٿي نه سگهيا ۽ ڪالهه به پنهنجا مارا هئا

    مان ڪنهن جو ڪنهن جو ناءُ کڻان جو دشمن ٿي پيا سارا هئا

    هِت روڄ ۽ راڙو گهر گهر ۾، هُو گيت خوشين جا ڳائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.

    جو ڌرتيءَ تي ڪجهه ڪالهه ٿيو، مون کان ته اڃا وسري نه سگهيو!

    ڪو ديس جو ماڻهو ظلمن جي زندان مان نڪري نه سگهيو!

    ۽ پيار جو پنڇي نفرت جي بازن کان بچي اُڏري نه سگهيو!

    والله سُکن جو ڌرتيءَ تي سورج به وري اڀري نه سگهيو!

    هر رات دل جي دشمن ٿي، پر ڏينهن به هاڻ ڏکائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.

    ڪنهن خوف اچي گهر ٺاهيو هو ڄڻ خوشين جي آثارن ۾

    ۽ ويرانين هو راڄ ڪيو ڪو وقت وري بازارن ۾

    جو زهر لڳيون هيون چانڊوڪيون، ڪا سونهن نه هئي ڄڻ تارن ۾

    ڪنهن ڪونه ڏٺي ڀلجي به خبر ڪا خوشين جي اخبارن ۾

    اڄ تائين غمن جي اوندهه ۾، ڪي ويٺا لڙڪ وهائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.

    ڪا مرڪ لبن تي ڪين رهي، سوچيون به ڀلا ڪيئن ٽهڪن تي

    ڪو نيڻ نه هو جو ڪين ڀنو، سؤ درد اٿي پيا سڏڪن تي

    مايوس نگاهون هر پاسي ۽ لڙڪ ڪري پيا لڙڪن تي

    ڪا بيچيني جي برق ڪِري هئي هر ڪنهن دل جي ڌڙڪن تي

    هر سوچ پريشان ٿي پئي آ ۽ دل کي وهم ورائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.

    توکي نه خبر ٿي ڇا گذريو هتي رات جي پونئين پهرن مان

    توکي به پڪاريم تو نه ٻڌو، نڪتين نه خيالن گهرن مان

    هر دل تي ٽهڪن چهڪ ڏنا جي نڪتا وحشي چهرن مان

    ڪا باهه ٻري هئي عادل هُتِ، شعلا جو اٿيا هئا شهرن مان

    هيءَ باهه ٿڌي ٿي ناهي اڃان، هو باهه نئين ڀڙڪائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.​
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    هيءَ باهه ٿڌي ٿي ناهي اڃان، هو باهه نئين ڀڙڪائن ٿا.

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا.

    واھ واھ ادي تمام بهترين شاعري
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    چانڊوڪي اوهان جي مهرباني
    واقعي هي واقعو صدين تائين ڪنهن کان نه وسرندو
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    تمام قيمتي الفاظ هڪ هنڌ ڪٺو ڪري ۽ سنڌ ڌرتي تي لکيو ويو آهي۔ يقيناً امتياز عادل سومرو داد جو مستحق آهي ۽ ادا طاهر توهان ڏاڌي سٺي ونڊ ڪئ آهي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    سائين اوهان جي دعاء کپي۔
    مولا اوهان کي آباد رکي
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    تمام سهڻي شاعري آهي ۽ ڪنهن جاڳيل شاعر جي قلم مان سرجيل آهي۔۔ مهرباني اهڙي بهترين ونڊ جي
     
  7. آزاد جمالي

    آزاد جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2010
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    سٺالفظ آھن مس چانڊوڪي پر ڪنڊا به پنھنجا مان ئي لڳندا آھن جئين مونکي ۽ توھان کي به خبر آھي ميرن کي به منھنجي گھران لڳي آھي اڇا ۽ توھان جي سنڌ لنڪ جا ڇا حال آھن ؟؟؟
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    واقعي ادا ...........
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    هڪ گهر جي ڳالهه هجي ته سهون، هي ساري سنڌ جلائن ٿا

    بهترين شاعري آهي امتياز عادل جي

    ونڊڻ جي مهرباني۔

    ادا آزاد جمالي بهتر آهي ته ان موضوع کي هاڻي ختم ڪيو۔ سڀ سنڌي آهيو ۔ اوهان جي جذبات جو اسان وٽ قدر آهي۔ اسان اميد ٿا ڪريون ته اوهان بهترين موضوع سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا۔

    مهرباني
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هي ڇا ٿا چاهن ڪو ته ڏسي،

    بهترين ڪوششون آهن توهان جون

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو