صحيح قومي ٻڌي لاءِ جدوجهد ڪريو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2010۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    صحيح قومي ٻڌي لاءِ جدوجهد ڪريو-رسول بخش پليجو
    [​IMG]

    ..سنڌ کي سدائين ڪي نه ڪي آفتون چهٽيون پيون هڻنديون آهن. پر جهڙيءَ طرح اڄ اها واڳن جي وات آهي، تهڙي طرح اها اڳ ڪڏهن به ڪانه هئي.
    دشمنن وٽ حڪومت جي مشينري آهي، ڏنڊو آهي، دولت آهي، چالاڪ ۽ عيار دماغ آهن، رهزن ۽ قاتل ذهنيت آهي، قسمين قسمين تنظيمي ڄار آهن، فريبي من موهيندڙ نعرا آهن، هزار سالن جي بدمعاشي جو تجربو آهي، عزم آهي ته اتحاد به آهي، سياسي ۽ فوجي جنگ جو وسيع تجربو آهي، قومي ۽ بين الاقوامي مددون، لاڳاپا ۽ مٽيون مائٽيون آهن. ان جي مقابلي ۾ اسين اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ آهيون، ننڍري دل ۽ ننڍي دماغ وارا آهيون، نه وسيلا آهن، نه صحيح واٽ آهي.
    ان صورتحال کي بدلائڻ لاءِ اسان وٽ فقط هڪڙو هٿيار ٿي سگهي ٿو، اهو هٿيار آهي ٻڌي
    اسان کي پنجن قسمن جي ٻڌي جي ضرورت آهي 1- هڪڙي مقصد ۽ هڪڙي منزل جي ٻڌي. 2- ان منزل ۽ مقصد لاءِ صحيح واٽ جي ٻڌي. 3- اڳتي وڌڻ جي صحيح طريقن جي ٻڌي. 4- تنظيم جي ٻڌي 5- عملي جدوجهد جي ٻڌي.
    1 - هڪڙي مقصد ۽ هڪڙي منزل جي ٻڌي
    اسان جي قوم، منزل ۽ مقصد جي خيال کان، ڪيترن ڇڙوڇڙ ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ ننڍڙ ننڍڙن ٽولن ۾ ورهايل آهي اسان مان ڪن جي سڄي منزل ۽ سڄو مقصد نوڪرين وٺڻ تائين وڃي ڇيهه ڪري. نوڪرين وٺڻ کان پوءِ اسان جا اهي ماڻهو چون ٿا ته ”هاڻي جدوجهد جو دنگ ٿي ويو، هاڻي وڃي پنهنجي گهر گهاٽ جي ڪجي.“ ڪن جو منزل مقصود اليڪشن وڙهي، ميمبر ۽ وزير ٿيڻ آهي. ٻين کي سورهن ايڪڙن تان ڍل جي معافي کپي، ٽين کي ريڊيو تان سنڌي پروگرام کپن. چوٿن کي جلسا ۽ جلوس ڪرڻ ڪرڻ ۽ رعب وارا نعرا هڻي، واهه واهه ڪرائڻ جي لذت کپي. مطلب ته هر ٽولي جي منزل مراد تمام ننڍڙي ۽ الڳ الڳ آهي. رسمي طرح اسان سڀ ”جيئي سنڌ!“ جا نعرا هڻون ٿا، پر هر ٽولي جو مقصد ۽ مطلب پنهنجو آهي. سڄي قوم جي منزل ۽ مقصد جي ٻڌي تڏهن ٿيندي، جڏهن انهن ڌار ڌار ننڍڙين ٽولين جي مقصدن ۽ مطلبن کي گڏ ڪري، پاڻ ۾ ڀيٽي، ڇنڊي ڇاڻي، مطلبن ۽ مقصدن جو اهڙو گڏيل مجموعو ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ سڀني ڌار ڌار ٽولن جا مطلب ۽ مرادون سمائجي وڃن. هر ٽولو پنهنجي مطلب جي گهر به ڪري ۽ ساڳئي وقت يڪن گڏيل مقصدن مرادن جي مجموعي يعني گڏيل قومي گهرن لاءِ به وڙهي سڀ سنڌي ٽولا گڏجي سڏجي، هڪڙي سنڌي ٽولي جي گهُرن توڙي سمورن ٽولن جي گڏيل گهرُن جي پٺڀرائي ڪن. مثلن نوڪرين جي گهرُ اهو ٽولو به ڪري، جنهن کي نوڪرين جو مسئلو درپيش آهي، پر ساڳئي وقت اهي سڀ ٽولا به ڪن، جن کي اهو مسئلو درپيش ناهي پر پنهنجا مسئلا درپيش اٿن. نه رڳو شاگرد، پر ڪڙمي، ڪوري، لوهار، واڍا، موچي، واپاري، آبادگار ۽ ون سان همدردي رکندڙ زميندار به اها گهرُ ڪن ته ”سنڌين کي نوڪرين جا حق ڏيو!“ ساڳئي وقت، شاگردن جو به فرض آهي ته رڳو داخلائن وٺڻ، فهين گهٽائڻ جي گهر نه ڪن، پر ان سان گڏ ڪڙمين، ڪوري، موچين، مزدورن، واپارين، آبادگارن ۽ وطن سان همدردي رکندڙ زميندارن جي گهرُن جي به تائيد ڪن ۽ انهن گهرُن واريءَ جدوجهد ۾ شريڪ ٿين. سڄيءَ قوم جي گڏيل گهرُن کي اسين قومي جدوجهد جا اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مقصد يا ٿورن لفظن ۾ قومي مقصد سڏي سگهون ٿا. انهن قومي مقصدن کي اسين ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙا فوري مقصد، جيڪي موجوده حالتن ۾ اسين پنهنجي موجوده وسيلن سان حاصلڪري سگهيون؛ ٻيا اهي آئيندي جا مقصد، جن کي اسين اڄ حاصل ڪري نٿا سگهون. پر سڀاڻي ڪري سگهندا سين. اهي ايندڙ مقصد به تڏهن حاصل ٿي سگهندا، جڏهن اسان قوم کي اڄ ۽ هينئر کان ئي انهن کان واقف ڪريون ۽ انهن لاءِ هينئر ئي ذهني ۽ ٻئي قسم جي تياري ڪري، ايندڙ جدوجهد لاءِ رستا ۽ ميدان تيار ڪريون.
    2 -قومي منزل ۽ مقصد تي پهچڻ لاءِ صحيح واٽ جي ٻڌي
    قومي منزل ۽ مقصد کي طئه ڪرڻ کان پوءِ ٻيو بنيادي مسئلو اهو آهي ته اها واٽ ڳولي لهجي، جيڪا اسان کي انهيءَ قومي منزل تائين پهچائي سگهي اسان جي قوم ۾ هونئن ته گهڻائي ٽولا آهن، پر هن مضمون جي مقصد لاءِ اسين سنڌي قوم کي پنجن مکيه ٽولن ۾ ورهائينداسون: 1- هاري، 2- مزدور- 3- وڏا زميندار، 4- سرمائيدار ۽ مٿيون وچون طبقو ۽ 5- ننڍو وچون طبقو جنهن ۾ آبادگار، نوڪرين وارا ماڻهو ڪاريگر ۽ ننڍا واپاري اچي وڃن ٿا.
    سوال آهي ته قومي جدوجهد ۾ انهن پنجن ٽولن مان هر هڪ ٽولي مان هڪڙا اميد ۽ ڪهڙو آسرو رکجي؟ انهن مان ڪهڙا ٽولا پڇاڙيءَ تائين جدوجهد ڪندا ۽ ڪهڙا دشمن ٿي بيهندا. ڪهڙا ڪجهه وقت هلندا ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪري يا حالتون ڏکيون ڏسي، اڌ مان گوهي ڏيئي، ڀڄي ويندا، يا ته مورڳو وڃي دشمن سان ملندا؟ ٻيو سوال آهي ته جيڪي ماڻهو قومي جدوجهد جي آخري منزل تائين پهچڻ چاهين ٿا، انهن کي ٽولن يا طبقن مان هر هڪ ٽولي يا طبقي سان ڪهڙي روش وٺڻ کپي ۽ ساڻن ڪهڙي هلت هلڻ کپي. ٽيون سوال اهو آهي ته سنڌ جي قومي جدوجهد جي آخري منزل تائين هلڻ وارن کي پاڪستان جي ڌار ڌار غير سنڌي قومن، طبقن ۽ ٽولن مان هڪڙو آسرو، اميد ياد انديشو رکڻ کپي. انهن سان اسان جو هڪڙو رويو ۽ هلت هئڻ کپي. چوٿون سوال اهو آهي ته جيڪي قومون، طبقا ۽ ٽولا سنڌي قوم جا بدخواهه آهن، اهي سڀئي پاڻ ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هم خيال به آهن، پر پاڻ ۾ بنيادي ٽڪر ۽ مقابلا به اٿن. جيئن دشمن اسان جي مختلف ٽولن جي اندر ويڇن ۽ مقابلن کي استعمال ڪري، اسان کي پاڻ ۾ويڙهائي، پنهنجا مقصد حاصل ڪن ٿا، تيئن اسين به سندن اندروني ڦيٽهڙن جو پنهنجي قومي مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فائدو وٺي سگهون ٿا. ته ان لاءِ ڪهڙا طريقا، رستا، پاليسيون ۽ سياسي چالون استعمال ڪريون؟ پنجون سوال آهي ته اسان جي قومجي مختلف طبقن ۽ ٽولن جا مقصد هڪٻئي جي ابتڙ به آهن، ته ساڳيا هڪجهڙا به آهن. هيستائين دشمن جي چالاڪي، اسان جي اڻ ڄاڻائي ۽ اسان جي غدار ٽولن جي غداري سبب، سنڌي قوم جو سڄو زور انهن معاملن تي صرف ٿيندو رهيو آهي، جن معاملن بابت اسان ۾ ناٺاهه ۽ ڦيٽارو آهي. ڇا اسين ناٺاهه ۽ ڦيٽاري وارين ڳالهين کي صفا وساري يا پاسيرو رکي، قومي ٻڌي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا سين، ته ڪامياب ٿيندا سين؟ جي نه، ته ڪو اهڙو رستو آهي ڇا، جو اسين انهن ڦيٽارن کي ايترين حدن اندر رکون، جو اهي قومي ٻڌي کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪي نه سگهن! ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته اسين ڪن ڏڦير ۽ ناسوري غدار ٽولن کي ڀائيچاري جي ڀت مان ڪڍي ڇڏيون ۽ باقي ٻيا سڀ ٽولا ۽ طبقا پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري، سڀ گڏجي، دشمن توڙي انهن ڏڦيڙن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجن اندروني اختلافن کي ضابطي اندر رکون، ۽ ڪنهن به ڌر کي ليڪو لنگهڻ نه ڏيون؟ اهي ۽ ٻيا واسطيدار مسئلا جيڪڏهن اسان حل ڪري سگهيا سون، ته پوءِ چئبو ته اسان قومي جدجهد جي صحيح واٽ ڳولي لهڻ ۾ڪامياب ويا آهيون.
    3- اڳتي وڌڻ جي صحيح طريقن جي ٻڌي
    جدوجهد جي واٽ ۽ ان جون پاليسيون کڻي ڪهڙيون به صحيح هجن، پر جيڪڏهن جدوجهد جو طريقو صحيح نه آهي، ته صحيح مقصد ۽ صحيح واٽ جي هوندي به، جدوجهد اڳتي وڌي نه سگهندي. اڄ سنڌ جي ماڻهن جا قومي جدوجهد بابت ڌار ڌار ۽ ابتڙ خيال آهن. ڪن جو سڄو زور آهي اخباري بيانن تي ۽ جلسن جلوسن تي. ڪي چون ٿا ته اهي سڀ ڳالهيون بيڪار آهن، ”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو”، ”ڏنڊا کڻي ملڪ ۾ ڪاهي پئو.“ ڪن جو مرڳو خيال آهي ته ”پاڪستان آيو پيو آهي، اجايو پاڻ کي هلاک ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. رڳو ويٺا ڏسو ته هندستان، چين يا روس ڪيئن نه ٿا سڀني جي ٽڪ مان ور لاهين.“ مطلب ته هرماڻهو ۽ هر ٽولي کي جدوجهد جو ڌار ڌار ڍنگ ۽ طريقو صحيح نظر اچي ٿو. سوال آهي ته اسان جي موجوده حالتن کي ڏسندي ۽ دنيا جي موجوده دور کي خيال ۾ رکندي، جدوجهد جا ڪهڙا ڍنگ صحيح ۽ ڪارگر آهن. جڏهن سڄي قوم جا وطن دوست ۽ وفادار ٽولا پاڻ صلاح مصلحت ڪري، جدوجهد جي صحيح طريقن بابت پاڻ ۾ متفق ٿيندا، تڏهن چئبو ته اسان ۾ جدوجهد جي طريقن بابت قومي ٻڌي پيدا ٿي ويئي آهي. ان ۾ انهي ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته جدوجهد جا جيڪي طريقا ڪالهه موزون هئا، سي ممڪن آهي ته اڄ ناموزون هجن يا جيڪي ڪالهه ناموزون هئا، سي اڄ موزون نظر اچن. ساڳئي طرح جدوجهد جي اڄوڪي ڏاڪي تي جيڪي طريقا اڄ موزون آهن، سي سڀاڻي ناموزون ثابت ٿي پون. تنهن کان سواءِ اهو ضروري ناهي ته جدوجهد جي هڪڙي اسٽيج تي فقط هڪڙو ئي طريقو استعمال ڪيو وڃي ساڳئي وقت تي، ڌار ڌار حالتن ۾، ڌار ڌار طريقا هڪٻئي سان گڏ ٺهڪائي، استعمال ڪري سگهجن ٿا ۽ ڪرڻ کپن.
    4- تنظيم جي ٻڌي
    5- عملي جدوجهد جي ٻڌي
    مٿين چئن ئي قسمن جي ٻڌي کان پوءِ سوال آهي عملي جدوجهد جي ٻڌي جو. اسان جا مختلف محب وطن ٽولا مختلف ميدانن تي مختلف طريقن سان پنهنجي حال سارو جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن جي وچ ۾ ڪو به لاڳاپو ڪونهي. جيڪڏهن شاگرد هڙتالون ڪن ٿا يا سنڌ دشمن قوتن سان ٽڪر کائين ٿا، ته شاگرد، واپاري ۽ آبادگار چپ آهن. عملي جدوجهد جي ٻڌي تڏهن چئبي، جڏهن هڪڙي ٽولي جي جدوجهد جو سڏ سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، ڪنڌڪوٽ کان ڪيٽي بندر تائين، پڙاڏو ڪرڻ لڳي.
    6-ٻڌي بابت مطالعو، غور، فڪر ۽ صلاح مصلحت ڪريو.
    انهن مان هر هڪ ٻڌي جا پنهنجا مسئلا آهن. انهن تي غور ڪرڻ کپي، صلاح مصلحت ڪرڻ کپي. دنيا جي ٻين مظلوم ۽ مجاهد قومن جي جدوجهد مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. انهن کي پنهنجي ماحول ۽ حالتن مطابق گهڙي سنواري، پنهنجي ڪم لائق بنائڻ کپي.
    انهن ۾ پنهنجي طرفان بااصول ايجادون ۽ واڌارا ڪرڻ کپن. اسان جي قومي جدوجهد جو صحيح بنياد فقط تڏهن پوندو، جڏهن اسان جي سڄي قوم جا عوام ۽ ڏاها ماڻهو انهن مسئلن جي اهميت سمجهندا ۽ انهن جو حل ڳولي لهندا.​
    [/CENTER]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: صحيح قومي ٻڌي لاءِ جدوجهد ڪريو

    محترمه چانڊوڪي صاحبه، اوهانجا لک ٿورا جو محترم سائين رسول بخش پليجي صاحب جو هي اهم مضمون اوهان ونڊ ڪيو، بيشڪ سنڌين کي ٻڌيءَ جي سخت ضرورت آهي ۽ محترم رسول بخش پليجي صاحب جن جهڙي نموني ٻڌيءَ جا صيغا ٺاهي انهن جي سمجهاڻي عنايت ڪئي آهي سا به پنهنجي جاءِ تي جامع ۽ پيرائتي آهي ۔۔۔

    اها ساڳي ڳالهه اسانجا ڪيترائي ڏاها ، مفڪر، اديب، سياستدان ۽ عام ماڻهون به ڪندا رهيا آهن پر الائجي ڇو اڃان تائين سنڌي نه ته ٻڌي پئدا ڪري سگهيا آهن ۽ نه ڪنهن منزل کي نشان هڻي سگهيا آهن ۔۔۔

    ڪجهه مهينا اڳ مون لطيف سرڪار جي فڪر مان هي هيٺ ڏنل هڪ مضمون ونڊ ڪيو هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو لطيف کان وٺي اڄ تائين جا ڏاها سنڌي قوم کي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي جو سڏ ڏيندا رهيا آهن پر پوءِ به حالت ”ڍڳو پير پيران “ واري ڇو آهي ۔۔۔؟ انجو جواب ڳولهڻ جي ضرورت آهي ۔۔

    حاضر آهي لطيف جي فڪر مان تنظيم سازيءَ تي لکيل منهنجو مضمون ۔۔۔ پڙهي ڏسندا
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=573

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: صحيح قومي ٻڌي لاءِ جدوجهد ڪريو

    بهترين ادا ......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو