• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايڪسائيز ڊيوٽي ۾100 سيڪڙو واڌ:جنوري کان ساليانو 3 لک رپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙ تي لڳل ۔۔

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
وفاقي ڪابينا ريفارمڊ جي ايس ٽي بل پارليامينٽ جي هلندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ، ٻوڏ متاثرن ۽ علائقن جي بحالي لاءِ سالياني 3 لک کان وڌيڪ آمدني تي جمع ڪرائيندڙ ٽيڪس تي 10 سيڪڙو فلڊ رليف سرچارج لاڳو ڪرڻ، امپورٽ ٿيندڙ مشروبات، سگريٽن ۽ لگزري ائٽمن تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح هڪ سيڪڙو مان وڌائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪالهه وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي فيصلن بابت سڌ سماءَ واري وفاقي وزير قمر الزمان قائره بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کان اڳ بجيٽ ۾ ناڻي واري وزير ريفارمڊ جي ايس ٽي جو ذڪر ڪيو هو، 3 ڏينهن اڳ سي سي آءِ ۾ ريفارمڊ جي ايس ٽي جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ قوم جي سوچ آهي ته ملڪي معيشت کي مضبوط ڪيو وڃي، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ٻئي مرحلي لاءِ دنيا سان رابطي ۾ آهيون، هن چيو ته دنيا چوي ٿي ته اسان کان اته امداد گهري رهيا آهيو، توهان جا پنهنجا ماڻهو ڇا ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته اسان آرڊيننس ۽ ايس آر او ذريعي قانونسازي نه ڪنداسين، پارليامينٽ ۽ سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، ڪابينا ٽيڪس ڏيندڙ شعبن جي ٽيڪس ادائگي واري رقم تي هڪ ڀيرو 10 سيڪڙو فلڊ ٽيڪس عائد ڪرڻ ۽ امپورٽ ٿيندڙ مشروبات، سگريٽن ۽ لگزري ائٽمن تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌائي 2 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ريفارمڊ جي ايس ٽي بابت ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيوته ريفارمڊ جي ايس ٽي جو فيصلو بجيٽ ۾ ڪيو ويو هو ۽ جي ايس ٽي آڪٽوبر ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ سبب دير ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڪابينا ريفارمڊ جي ايس ٽي بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ريفارمڊ جي ايس ٽي ۾ ٽيڪس شرح هڪڙي هوندي آهي، ٽيڪس شرح 50 لک کان وڌائي 75 لک رپيا ڪئي وئي آهي ته جيئن هيٺين طبقي تي بار نه پوي، هن چيو ته عوام جي تعليم ۽ کاڌي پيتي جي شين توڙي عام واهپي جي شين تي ريفارمڊ جي ايس ٽي نافذ نه ڪيو ويندو، هن چيو ته جي ايس ٽي عرصي کان موجود آهي، ان ۾ بهتري آندي پئي وڃي ۽ دائرو وڌايو پيو وڃي، باقي هي نئون ٽيڪس ناهي، هن چيو ته هي قانون سمورن صوبن جي مشاورت ۽ اتفاق سان طئي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بل قومي اسيمبلي جي موجوده هلندڙ سيشن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ معمول جي طريقيڪار تحت منظور ڪيو ويندو، هن چيو ته ٻوڏ سبب2 ڪروڙ عوام متاثر ٿيو آهي، جن جي بحالي لاءِ سي سي آءِ فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت 16 لک خاندانن کي هڪ لک ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ خرچ 1.8 ارب ڊالرز آهي، جڏهن ته زرعي پيڪيج جو خرچ 7 ارب رپيا آهي، مجموعي ضرورت 160 کان 170 ارب آهي، هن چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جي ڪاٿي مطابق انفرااسٽڪچر کي 3 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اٽڪل 300 ارب رپين جي ضرورت پوندي، هن ٻڌايو ته ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي با حيثيت ماڻهن کان مالي مدد حاصل ڪئي وڃي، فيصلو ڪيو ويو ته فلڊ رليف سرچارج 3 لک آمدني تي نه هوندو، ان کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس جو 10 سيڪڙو سرچارج هوندو، هن ٻڌايو ته اسيمبلي مان منظوري بعد اهو ٽيڪس 6 مهينن لاءِ هوندو، هن ٻڌايو ته ايڪسائيز ڊيوٽي مختلف شين جي امپورٽ ۽ مقامي طور لڳي ٿي، ان جي شرح کي هڪ سيڪڙو مان وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سرچارج مان 27 کان 28 ارب ۽ باقي ايڪسائيز ڊيوٽي مان 13-14 ارب رپين جي آمدني ٿيندي، اهڙي طرح مجموعي آمدني 40 کان 50 ارب رپيا ٿيندي، هن چيو ته آئين تحت وڏين ملڪيتن ۽ بنگلن تي ٽيڪس هڻڻ صوبن جو ڪم آهي، هن چيو ته جي ايس ٽي سان مالي سال جي رهيل 6 مهينن ۾ 30 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿيندي، جڏهن ته اڳ ۾ سال جو ڪاٿو 70 ارب هو، هن چيو ته اڳتي هلي معيشت جي دستاويز بندي ڪري ٽيڪس کي وسيع ڪيو ويندو، ايف بي آر چيئرمين سهيل احمد چيو ته ڪڻڪ، کاڌي جو تيل، ڪولڊ ڊرنڪ، تعليم، صحت، خيراتي ادارا، چانور، داليون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون ريفارمڊ جي ايس ٽي کان آجيون هونديون ۽ ماهوار 75 لک کان گهٽ ڪاروبار ڪندڙن يا ٽرن اوور وارن کي ٽيڪس لاءِ رجسٽرڊ ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي، قمر الزمان قائره چيو ته هينئر به بجلي تي سبسڊي ڏيون پيا پر چاهيون ٿا ته اهڙا معاملا ختم ڪري پنهنجن وسيلن تي ڀاڙيون، ايف بي آر چيئرمين چيو ته زرعي ڀاڻ تي به جي ايس ٽي بحال ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو ته آئين ۾ واضح آهي ته خدمتن تي ٽيڪس اوڳاڙي توڙي انتظام صوبن جو اختيار آهي، هن چيو ته جي ايس ٽي صوبن جي مشاورت سان نافذ ڪيو ويندو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته بل ۾ اهو شامل هوندو ته صوبا جن خدمتن جي ٽيڪس اوڳاڙي جا اختيار وفاق کي ڏيندا وفاق انهن جي اوڳاڙي ڪري 100 سيڪڙو رقم صوبن کي واپس ڪندو، هن چيو ته ريفارمڊ جي ايس ٽي بابت جيڪي بل صوبائي اسيمبلين ۾ صوبائي حڪومتون پيش ڪنديون ان ۾ به ڄاڻايو ويندو ته ڪهڙين خدمتن جي ٽيڪس اوڳاڙي جا اختيار وفاق کي ڏين پيا ۽ ڪهڙن خدمتن تي پاڻ ٽيڪس اوڳاڙي ڪندا، ايف بي آر چيئرمين سهيل احمد چيو ته ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽ شعبن تي جي ايس ٽي بحال ڪئي وئي آهي ۽ مختلف شعبن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي بل ۾ سفارش ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق زندگي بچائيندڙ دوائن کانسواءِ باقي عام دوائن توڙي ٽريڪٽرن تي جي ايس ٽي بحال ڪئي وئي، ريفارمڊ جي ايس ٽي جنوري 2011ع کان اڳ لاڳو ڪيو ويندو، اهڙي ڳالهه ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪئي آهي.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: ايڪسائيز ڊيوٽي ۾100 سيڪڙو واڌ:جنوري کان ساليانو 3 لک رپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙ تي

ادا بس ڏچي ۾ وري به سرڪاري ملازم
 
جواب: ايڪسائيز ڊيوٽي ۾100 سيڪڙو واڌ:جنوري کان ساليانو 3 لک رپين کان وڌيڪ ڪمائيندڙ تي

اهو ٻڌايو ته هن ملڪ ۾ ساليانو 3 لک ڪمائي ڪير ٿو؟ ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ انهن جي لسٽ ئي نه هوندي جيڪي ڪروڙين ڪمائين پيا: ڇو ته:
جيو اور جينو دو زنده باد۔
 
Back
Top