• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ بئنڪ جوڙڻ جون تياريون آخري مرحلن ۾ آهن: اسيمبلي کي آگاهي ۔۔۔

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
سنڌ اسيمبلي جي ايوان کي ڪالهه ٻڌايو ويو ته ”سنڌ بئنڪ“ جوڙڻ جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن ۽ هاڻي صرف اسٽيٽ بئنڪ جي منظوري جي ضرورت آهي، سنڌ سرڪار بئنڪ ۾ سيڙپ لاءِ 10 ارب رپين جو بندوبست ڪري ورتو آهي، بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ ٿي وئي آهي جنهن جو سربراهه سنڌ جو چيف سيڪريٽري هوندو، بئنڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بلال شيخ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ معروف ۽ تجربيڪار بئنڪر آهي. اهڙي پڌرائي سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي سوالن جوابن واري وقفي ۾ ٻڌائي. هن ٻڌايو ته سنڌ بئنڪ جون شاخون چئني صوبن ۾ کوليون وينديون ۽ اها ملڪي سطح جي بئنڪ هوندي. سنڌ ۾ شروعاتي طور تي بئنڪ جون 50 شاخون کوليون وينديون ۽ اهي ڪراچي، حيدرآباد، نئين ديري ۽ اناج منڊين سميت ٻين هنڌن تي کوليون وينديون. سنڌ بئنڪ ننڍن آبادگارن، سيڙپڪارن، واپارين ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن کي ننڍن ننڍن قرضن جون رٿائون ۽ سهولتون ڏيندي ته جيئن معاشي ۽ مالي سرگرمين ۾ واڌ ويجهه اچي. هن چيو ته سنڌ بئنڪ نج واپاري بنيادن تي قائم ڪئي ويندي ۽ ان جا شيئرز اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ پڻ هوندا. هن ٻڌايو ته سنڌ بئنڪ قائم ڪرڻ جو قانون سنڌ اسيمبلي 1995ع ۾ منظور ڪيو هو پر بعد ۾ ايندڙ حڪومت ان رٿا تي ڪم نه ڪيو. جڏهن ته هاڻي سنڌ سرڪار 1995ع واري قانون تحت سنڌ بئنڪ قائم ڪري رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته اسڪارپ جا ڳري وياج وارا قرض وڏو مسئلو بڻيل آهن ۽ سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته اهو مسئلو حل ٿي وڃي . اهي قرض 1980ع واري ڏهاڪي جا آهن. جن تي 16 کان 17 سيڪڙو وياج آهي. هن چيو ته اسان وفاقي سرڪار جا قرض ڀرڻ چاهيون ٿا پر جيڪي قرض غيرمناسب ۽ واڌو وياج وارا آهن، انهن جو مسئلو حل ڪرائڻ چاهيون ٿا ۽ اميد آهي ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو، ناڻي واري وزير ٻڌايو ته 30 جون 2008ع تائين سنڌ تي 2 کرب 12 ارب رپين جا قرض هئا جن تي سنڌ حڪومت کي ساڍا 8 سيڪڙو کان 17 سيڪڙو تائين وياج ڀرڻو پيو. هن چيو ته سنڌ تي وفاقي حڪومت جو قرض 34 ارب رپيا هو جيڪو گهٽجي 17 ارب رپيا اچي ٿيو آهي.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان

سدائين گڏ
 
Back
Top