نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو هي هڪڙو گيت جيڪو صنم ماروي جي ڀيڻ ريشمان ماروي ڳايو، اهو گيت شاعر عاشق هالائي جو آهي، جيڪو عاشق هالائي جي ڪتاب ”عاشق جو اظهار “ جي مهورت واري موقع تي ريشمان ماروي ڳايو هو، جيئن ته ريشمان ماروي بلڪل نئين فنڪاره آهي، پر سندس هن ڳايل گيت مان اهو محسوس ئي ڪونه ٿيو ته ريشمان ماروي ڪا نئين فنڪاره آهي، دوستو هن گيت جي فلمبندي ادا عبدالغفور سمون ڪئي ان جي ايڊيٽنگ مون ڪئي آهي خالص سنڌ سلامت جي پيشڪش آهي مونکي ته هي گيت تمام گهڻو وڻيو هو، دوستو جيئن ته ڪافي سارن دوستن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته عاشق هالائي جي شاعري جي به ونڊ ڪئي وڃي ، جي بلڪل مان عاشق هالائي جي هن غزل جي ڪمپيوٽر چترڪاري ڪئي آهي جيڪا ريشمان ماروي ڳائي آهي اها به توهان سان هن گيت سميت ونڊ ڪريان پيو جيئن صنم ماروي جي ڀيڻ ريشمان ماروي جو گيت توهان صحيح معنا ۾ سمجهي سگهو۔ دوستو منهنجي هي محنت توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي راين جو شدت سان منتظر رهندس
ريشمان ماروي جو گيت روئندي گُذاريم رات سڄڻ خالص سنڌ سلامت جي پيش ڪش
ريشمان ماروي جو گيت روئندي گُذاريم رات سڄڻ خالص سنڌ سلامت جي پيش ڪش
