ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو هي هڪڙو گيت جيڪو صنم ماروي جي ڀيڻ ريشمان ماروي ڳايو، اهو گيت شاعر عاشق هالائي جو آهي، جيڪو عاشق هالائي جي ڪتاب ”عاشق جو اظهار “ جي مهورت واري موقع تي ريشمان ماروي ڳايو هو، جيئن ته ريشمان ماروي بلڪل نئين فنڪاره آهي، پر سندس هن ڳايل گيت مان اهو محسوس ئي ڪونه ٿيو ته ريشمان ماروي ڪا نئين فنڪاره آهي، دوستو هن گيت جي فلمبندي ادا عبدالغفور سمون ڪئي ان جي ايڊيٽنگ مون ڪئي آهي خالص سنڌ سلامت جي پيشڪش آهي مونکي ته هي گيت تمام گهڻو وڻيو هو، دوستو جيئن ته ڪافي سارن دوستن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته عاشق هالائي جي شاعري جي به ونڊ ڪئي وڃي ، جي بلڪل مان عاشق هالائي جي هن غزل جي ڪمپيوٽر چترڪاري ڪئي آهي جيڪا ريشمان ماروي ڳائي آهي اها به توهان سان هن گيت سميت ونڊ ڪريان پيو جيئن صنم ماروي جي ڀيڻ ريشمان ماروي جو گيت توهان صحيح معنا ۾ سمجهي سگهو۔ دوستو منهنجي هي محنت توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي راين جو شدت سان منتظر رهندس

    ريشمان ماروي جو گيت روئندي گُذاريم رات سڄڻ خالص سنڌ سلامت جي پيش ڪش​




    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    واھ واھ سائين لاجواب.....اهي اوهان جا اسان تي ٿورا آهن...جو اوهان ايڏي محنت پيا ڪيو.
    lajwab-sharing
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    ادا عاشق سولنگي، هن گيت ۾ سائين ”عاشق هالائِي“ جي شاعري جو آخري بند آهي ته:

    صدما سُورَ سهڻ ٿا ڄاڻون، ”عاشق“ عشق ڪرڻ ٿا ڄاڻون،
    آ اُلفت ڪيو اثبات سڄڻ، عشق تُنهنجي ۾‌، بِرَهَه تُنهنجِي ۾ !​


    تون به ”عاشق“ آهين نه ته پو سمجهي وڃ ته سنڌ سلامت سان عشق اسان جو اثبات جي حد تائين آهي، بِرَهَه جي حد تائين آهي، ۽ جڏهن ڳالهه عشق جي حد تائين هُجي، برهه جي حد تائين هُجي پو اسان لا سنڌ سلامت لا ڏُک، محنتون، صدما، ڏاکڙا صرف گُل آهن، صرف پيار آهن، صرف چاهتون آهن۔ مٺا پنهنجي گهر کي ته هرڪو سجائيندو آهي، توهان دوست به اسان جي سنڌ سلامت جا ميمبر آهيو جسٽ هڪڙي فيملي وانگر آهيو، پو اسان توهان کي آنند پهچائڻ لا هي هڪڙي حقير محنت ڪئي، مطلب ته پنهنجو فرض پورو ڪيو۔ تنهنجا لک ٿورا اسان جي هي محنت توکي ساڀيان پئي ۽ تو پنهنجي پسند جو اظهار فوري طور تي اسان جون همت افزايون ڪري ڪيو ۔ شال جُڙيو هُجين۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    سڀ کان پهريائين ته نثار ناز ۽ عبدالغفور سمون صاحب کي واڌايون جو سنڌ جي آواز ۽ سنگيت کي سنڌ سلامت جي اوطاق جو سينگار ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا پيا ڪن ۔۔۔۔

    محترم عاشق هالائي جي شاعري به پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۽ جيئن لطيف چيو آهي ته؛

    عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو، سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي ۔۔۔

    بلڪل ساڳئي مهفوم جي شاعري آهي ۔۔۔ عشق ڪرڻ ۽ سرڙا سانڍڻ، اهو عاشقن جو ڪم ناهي هوندو ۔۔۔ عشق ۾ سور سهڻ ئي عشق جو معراج هوندو آهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته جڏهن سنڌي راڳ تي اهو سوچبو هو ته ڪيترن سالن کان سنڌ جي ڳائڻي محترمه عابده پروين جي نموني جي ڪا ٻي ڳائڻي پئدا نه ٿي آهي۔۔۔ پر هاڻ صنم ۽ سندس ڀيڻ ريشم کي ٻڌي اهو احساس ٿئي ٿو ته عابده جي تتبع تي ڳائڻ واريون ميدان ۾ ظاهر ٿي چڪيون آهن ۔۔۔ جيتوڻيڪ عابده جو مقام اوچو آهي پر لڳي ٿو ته هنن ڀينرن به سچائي سان عشق جي شاعري کي پنهنجو شعار ٺاهيو ته هڪ ڏينهن مٿي مقام تائين ضرور پهچنديون ۔۔۔

    اوهانجا لک ٿورا ۔۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    سائين نثار ناز اوهان جا ٿورا

    اوهان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هيڏي محنت ڪري سنڌ سلامت کي پيا جياريو۔

    صدما سُورَ سهڻ ٿا ڄاڻون، ”عاشق“ عشق ڪرڻ ٿا ڄاڻون،
    آ اُلفت ڪيو اثبات سڄڻ، عشق تُنهنجي ۾‌، بِرَهَه تُنهنجِي ۾ !


    اوهان جا ٻيا عشق ڪهڙا آهن پاڻ کي خبر ناهي پر مٿئين عاشق ، عاشق هالائي جي پروگرام جي رپورٽنگ لاء اوهان جو سنڌ سلامت لاء عشق ته ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي۔

    سريلي آواز ۾ ريشمان ڳايو آهي هن سهڻي شاعري کي۔

    اوهان جا ٿورا
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    پيارا نثار ابڙا، شال جُڙيو هُجين۔ سائين مان ۽ ادا عبدالغفور سمون تنهنجا انتهائي ٿورائتا آهيون، جو ايتري ساري اسان جي همت افزائي توهان ڪئي۔ پيارا دوست سنڌ سلامت جي صدقي ئي اسان ايترا کوڙ سارا پروگرام اٽينڊ ٿا ڪريون، محترم عاشق هالائي جي ڪتاب جي مهورت ۾ ڪافي سارا سُٺا دوست مليا، جن ۾ سائين عنايت بلوچ، ادا نصير مرزا، سائين سوز هالائي، محترما شاهده پروين ابڙو صاحبه، محترم ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي صاحب، محترم زيب سنڌي صاحب، ان کان علاوه سنڌ جا کوڙ سارا راڳي، جن سان پڻ دُعا سلام ٿِي۔ باقي واقعي، هي ٻئي ڀينرون صنم ماروي ۽ ريشم ماروي پنهنجي محنت ۽ راڳ سان محبت واري لڳن جي ڪري سانئڻ عابده پروين واري منزل جون راهي آهن، آهسته آهسته پنهنجا پير پختا ڪري رهيون آهن اڃا ڪجهه ڏينهن پهرين ريشم ماروي جي هڪڙو پروگرام ڪافي رنگ ۾ شرڪت جو موقعو مليو، اهو پروگرام مهراڻ آڊيٽوريم لطيف آباد حيدرآباد ۾ ٿيو هو، ڪجهه دير سان پهتاسين ان پروگرام ۾ ريشم ماروي ، شاهه سائين جي وائي پرچن شال پنهنوار مارو مونسان پڻ ڳايو هو، ٿوري دير جي ڪري ان وائي جي رڪارڊنگ اڌ مان ڪئسين ۔ ان هوندي به ان وائي جي ايڊيٽنگ وارو ڪم جاري آهي، انشاالله ڏينهن ٻن ۾ توهان سڀني سنڌي دوستن سان ونڊ ڪري ڇڏيندس۔ توهان جا لک لائق۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ريشمان ماروي جو گيت عاشق هالائي جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت واري موقع تي۔

    پيارا سليمان وساڻ مهربانيون اسان جا ٻيا ڪهڙا عشق آهن؟ اندازو لڳايو ۽ گيس ڪريو! توهان کي ڪنهن روڪيو آهي! پر تون منهنجا عشق ڳولي ڪونه سگهندين۔ ان ڪري جو مان صرف نثار ناز آهيان عاشق ناهيان، جيڪڏهن ڪير مونکي عاشق سمجهي ته صرف ڊبليو ڊبليو ڊبليو ڊاٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سمجهي۔ هتي ٽنڊو محمد خان ۾ منهنجو هڪڙو دوست آهي ٺُپ چريو ًگُذريل 22 سالن کان ان سان دوستي آهي، گُذريل 22 سالن کان منهنجا عشق يا منهنجو عشق ڳولي رهيو آهي، پر ناڪام رهيو آهي، اڃان چند ڏينهن پهرين آيو ۽ چيائين ته ناز يار تون شاعر آهين، مون چيومانس ها آهيان پر ٽي درجي وارو، چيائين ته ٽي درجي وارو به ته شاعر آهين نه مون چيومانس ڪو شڪ ان چيو ته يار تون شاعر آهين ۽ عاشق ناهين ائين ڪيئن ٿو ٿِي سگهي؟ مون چيومانس ته عشق ۽ مُشڪ لُڪي ڪونه سگهندا آهن تون 22 سالن کان منهنجي عشق جي ڳولا ڪري رهيو آهين پر توکي ڪجهه مليو چيائين ته نه ! آخر ۾ جهولي جهلي مونکي چيائين ٻيلي هِي پيرَ جو پلاند ٿئي، هي مون چرئي جي جهولي ٿئي خُدا ڪارڻ اها ڳالهه ڊسڪلوز ڪر ته تُنهنجو به ڪٿي عشق آهي۔ مون چيومانس ته صبر ڪر مان گهران اچي توکي ٻُڌايان ٿو ته منهنجو عشق ڪهڙو آهي، ڏاڍو خوش ٿيو، گهر اچي پنهنجي گهران مون لٺ کنئي جنهن کي هن ڪلاشنڪوف جي دور ۾ مان هٿيار سمجهندو آهيان کڻي اچي ٻه چار لٺون منهنجي چرئي دوست کي وهائي ڪڍيم ۔ الاڙي ۽ گهوڙا ڙي ڪري جو همراهه ڀڳو آهي اڃان ظاهر ڪونه ٿيو آهي۔ سليمان وساڻ خبردار اڃان به ضد ڪندين ۽ منهنجي عشق کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندين ته مونکان ڪراچي ايترو پري ڪونهي، ڀلي قلم هڪ سئو چوئيتاليهه لڳل هُجي پر مون واري لٺ جنهن جي ڊيگهه 5 فٽ چار انچ آهي ۽ گيج ان جو ٽي انچ آهي ڪُلهي تي کڻي اچي اُتي نڪرندس، ۽ پنهنجي عشق جا سمورا راز توکي کولي ٻُڌائيندس۔ باقي توکي اسان جي هي غريباڻي ونڊ سُٺي لڳي ادا عبدالغفور سمون ۽ مان نثار ناز تنهنجا ٿورائتا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو