هي نظم ڊائري جي ورقن جهڙو آهي، جنهن ۾ چوسٽي جي گهاڙيٽي ۾ روزاني ڪيفيتن جو ذڪر آهي، سال 2006 ۾ مون هي لکڻ شروع ڪيو، جيڪي آهستي آهستي لکندو رهيو آهيانم، هي نظم ڄڻ زندگي ءَ جي واردات هجي، انڪري مان انکي ڊائري نظم چوان ٿو، ڪٿي ڪٿي ڪي چوسٽا الڳ پڙهبا به ته انهن جو مقصد نڪرندو، ۽ ڪٿي وري تلسل ۾ پڙهبو ته وڌيڪ اثرائتو لڳندو، هي نظم اڃا جاري آهي، بس جڏهن موڊ ٿيندو آهي لکندو آهيان، ايستائين جاري آهي، جيستائين آئون جيئرو آهيان، مان پاڻ واري شاعري انڪري دوستن سان شيئر ڪرڻ لڳو آهيان جو مونکي لڳي ٿو ته اها شيئر ڪرڻ گهرجي، نه ته اها به کوڙ سارن ٻين ڪمن وانگر رهجي ويندي. مون ڪو ڦاڙهو نه ماريو آهي، نڪا وڏي ادبي خدمت آهي، بس ، جيئن جيئن محسوس ڪيو آهي ، اهو لکندو ويو آهيان، في الحال ، اهڙيون شيون شيئر ڪجن ٿيون، ڇو ته هر شيءِ جو هڪ وقت ۽ موڊ ٿئي ٿو حسام ميمڻ 18 جون 2009 طويل نظم جون 2006 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اوهين سُورج جا پوڄاري اسين ڄڻ شاعرن وانگر اسانجي چنڊ سان ياري ائين اڄ ڇو لڳي مونکي ملياسين ڄڻ جدائيءَ لاءِ سفر هو ساعتن جو ڄـڻ نڪي هيڏي خدائيءَ لاءِ ائين اڄ ڇو لڳي مونکي ڄڻ ڪي چاڪ ناهين تون مفلس ٿي لڳين ڪيڏو چولي چاڪ آهين تون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي هڪٻئي لاءِ ناهيون ڄڻ هلون گڏجي هلون ٿا پيا پوءِ ڀي ڌار آهيون ڄڻ نومبر 2006 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اڪيلو راههَ ۾ آهيان نه ڪنهنجي ديد آ مونتي نه ڪنهنجي ڏاههَ ۾ آهيان ائين اڄ ڇو لڳي مونکي حياتي ويل آ هڪڙو ڪوئي کيڏي پيو انسان حياتي کيل آ هڪڙو ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اَبر جي آسري آهيون اَبر آهي ته ڪجهه آهيون اَبر ناهي ته ڪجهه ناهيون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي چهرا ڄڻ ته پاڇا هـــِن نڀائن ڪونٿا ڪنهن سان چون ، ڪينجهر ۽ ڪاڇا هِن ائين اڄ ڇو لڳي مونکي جدائي ميت آ ڪوئي سُرن ۾ جو اچي ڍلجي اُهو سنگيت آ ڪوئي 11 نومبر 2006 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي سڀئي ڄڻ ماڳَ پُورا ٿيا قضا ڄڻ ٿي وئي پوري سڀئي ڄڻ ڀاڳَ پورا ٿيا ائين اڄ ڇو لڳي مونکي ڀاڳ اَڀاڳ اجــــايو آ هليس جو پنڌ پنهنجي ساءِ سفر سارو سجايو آ ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اکٽ ڄڻ ڪو سفر جيون هڪٻئي جو سهارو آ نه ته بيڪار، بَر جيون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اسين ڄڻ لوڙههَ ۾ آهيون نه ٿي جيڪا ڪڏهن پوري انهيءَ ڄڻ ڊوڙَ ۾ آهيون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي بدن جي بک ڀاري آ ماڻهو آرسي آهن سڀن تي جنس طاري ا 1 جنوري 2006 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي امن کي ڄڻ لڳي گولي پکي اڏريا، ورهيهَ گذريا چمن کي ڄڻ لڳي گولي ائين اڄ ڇو لڳي مونکي سهائي ڀي انڌيرو ڪو اڃا دانش اڌوري آ سويرو هُو پريرو آ ائين اڄ ڇو لڳي مونکي دريون ۽ دَر بند آهن ڪڙو ماڻهو ڪئن کڙڪائن اڃا هُو پنڌَ ۾ آهن ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اسين ڄڻ راز آهيون ڪو صدين کان جو پيو گونجي اُهو آواز آهيون ڪو ائين اڄ ڇو لڳي مونکي ننڊاکو ديس ٿي پيو آ اکين ۾ خواب جنهن کي ڪفن ڄڻ ويس ٿي پيو آ ائين اڄ ڇو لڳي مونکي نٽهڻ اُسَ ۾ آهيون واريءَ جو سفر آهي يا ڦاٿل گُسَ ۾ آهيون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي سمنڊ پيو ٿو تڳي مونکي زمانو ٿيو، هڻي ڌڪ ويو اڃا پيو ٿو لڳي مونکي ائين اڄ ڇو لڳي مونکي نه منزل جو ڪو پيرو آ سڌ ٻڌ ئي وئي ڀلجي الائي ڪانئون ڀيرو آ 7 جنوري 2007 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي رڳو بس رات منهنجي آ تنهنجو روح اڳيان آهي انهيءسانَ بات منهجي آ 8 جنوري 2007 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اوهان جي ڌار آ دنيا لوڀون، لالچون جنهن ۾ انهيءَ آڌار آ دنيا 9 جنوري 2007 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي اوهان الهام جا قائل اسانجي حسن سان ياري اسين گلفام جا قائل 16 جنوري 2007 ائين اڄ ڇو لڳي مونکي پرهه پنهجي پري آهي انڌيري رات آ ساٿي الئه ڪنهنجي ڪري آهي ائين اڄ ڇو لڳي مونکي رستا ڀي رَڙن ٿا پيا سُورج جا اُلا آهن اُرههَ هن جا ڪڙهن ٿا پيا *****ــــــــــــ جاري آهي
تمام لاجواب چو سٽا آهن ڊائري هڪ اهڙو دوست آهي جنهن سان پنهنجا سمورا جذبا، سوچ ۽ احساس لفظن جي صورت ۾ ونڊجن ته ان جي خاموش جواب جهڙوڪ هاڪاري ۽ آٿت ڏيندڙ لڳندو آهي.... ۽ جذبن کي سمجهڻ وارا اڻ لڀ آهن توهان پنهنجي احساسن کي انتهائي خوبصورت لفظن سان سليو آهي... ائين اڄ ڇو لڳي مونکي نٽهڻ اُسَ ۾ آهيون واريءَ جو سفر آهي يا ڦاٿل گُسَ ۾ آهيون ائين اڄ ڇو لڳي مونکي سمنڊ پيو ٿو تڳي مونکي زمانو ٿيو، هڻي ڌڪ ويو اڃا پيو ٿو لڳي مونکي