ڊائري نظم (طويل نظم)

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حسام ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2009۔

  1. حسام ميمڻ

    حسام ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I think, write ,analyse the things and share
    ماڳ:
    Karachi
    هي نظم ڊائري جي ورقن جهڙو آهي، جنهن ۾ چوسٽي جي گهاڙيٽي ۾ روزاني ڪيفيتن جو ذڪر آهي، سال 2006 ۾ مون هي لکڻ شروع ڪيو، جيڪي آهستي آهستي لکندو رهيو آهيانم، هي نظم ڄڻ زندگي ءَ جي واردات هجي، انڪري مان انکي ڊائري نظم چوان ٿو، ڪٿي ڪٿي ڪي چوسٽا الڳ پڙهبا به ته انهن جو مقصد نڪرندو، ۽ ڪٿي وري تلسل ۾ پڙهبو ته وڌيڪ اثرائتو لڳندو، هي نظم اڃا جاري آهي، بس جڏهن موڊ ٿيندو آهي لکندو آهيان، ايستائين جاري آهي، جيستائين آئون جيئرو آهيان، مان پاڻ واري شاعري انڪري دوستن سان شيئر ڪرڻ لڳو آهيان جو مونکي لڳي ٿو ته اها شيئر ڪرڻ گهرجي، نه ته اها به کوڙ سارن ٻين ڪمن وانگر رهجي ويندي. مون ڪو ڦاڙهو نه ماريو آهي، نڪا وڏي ادبي خدمت آهي، بس ، جيئن جيئن محسوس ڪيو آهي ، اهو لکندو ويو آهيان، في الحال ، اهڙيون شيون شيئر ڪجن ٿيون، ڇو ته هر شيءِ جو هڪ وقت ۽ موڊ ٿئي ٿو
    حسام ميمڻ
    18 جون 2009

    طويل نظم

    جون 2006
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اوهين سُورج جا پوڄاري
    اسين ڄڻ شاعرن وانگر
    اسانجي چنڊ سان ياري

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    ملياسين ڄڻ جدائيءَ لاءِ
    سفر هو ساعتن جو ڄـڻ
    نڪي هيڏي خدائيءَ لاءِ

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    ڄڻ ڪي چاڪ ناهين تون
    مفلس ٿي لڳين ڪيڏو
    چولي چاڪ آهين تون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    هڪٻئي لاءِ ناهيون ڄڻ
    هلون گڏجي هلون ٿا پيا
    پوءِ ڀي ڌار آهيون ڄڻ


    نومبر 2006
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اڪيلو راههَ ۾ آهيان
    نه ڪنهنجي ديد آ مونتي
    نه ڪنهنجي ڏاههَ ۾ آهيان

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    حياتي ويل آ هڪڙو
    ڪوئي کيڏي پيو انسان
    حياتي کيل آ هڪڙو

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اَبر جي آسري آهيون
    اَبر آهي ته ڪجهه آهيون
    اَبر ناهي ته ڪجهه ناهيون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    چهرا ڄڻ ته پاڇا هـــِن
    نڀائن ڪونٿا ڪنهن سان
    چون ، ڪينجهر ۽ ڪاڇا هِن

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    جدائي ميت آ ڪوئي
    سُرن ۾ جو اچي ڍلجي
    اُهو سنگيت آ ڪوئي

    11 نومبر 2006
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    سڀئي ڄڻ ماڳَ پُورا ٿيا
    قضا ڄڻ ٿي وئي پوري
    سڀئي ڄڻ ڀاڳَ پورا ٿيا

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    ڀاڳ اَڀاڳ اجــــايو آ
    هليس جو پنڌ پنهنجي ساءِ
    سفر سارو سجايو آ

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اکٽ ڄڻ ڪو سفر جيون
    هڪٻئي جو سهارو آ
    نه ته بيڪار، بَر جيون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اسين ڄڻ لوڙههَ ۾ آهيون
    نه ٿي جيڪا ڪڏهن پوري
    انهيءَ ڄڻ ڊوڙَ ۾ آهيون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    بدن جي بک ڀاري آ
    ماڻهو آرسي آهن
    سڀن تي جنس طاري ا

    1 جنوري 2006
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    امن کي ڄڻ لڳي گولي
    پکي اڏريا، ورهيهَ گذريا
    چمن کي ڄڻ لڳي گولي

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    سهائي ڀي انڌيرو ڪو
    اڃا دانش اڌوري آ
    سويرو هُو پريرو آ

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    دريون ۽ دَر بند آهن
    ڪڙو ماڻهو ڪئن کڙڪائن
    اڃا هُو پنڌَ ۾ آهن

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اسين ڄڻ راز آهيون ڪو
    صدين کان جو پيو گونجي
    اُهو آواز آهيون ڪو

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    ننڊاکو ديس ٿي پيو آ
    اکين ۾ خواب جنهن کي
    ڪفن ڄڻ ويس ٿي پيو آ

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    نٽهڻ اُسَ ۾ آهيون
    واريءَ جو سفر آهي
    يا ڦاٿل گُسَ ۾ آهيون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    سمنڊ پيو ٿو تڳي مونکي
    زمانو ٿيو، هڻي ڌڪ ويو
    اڃا پيو ٿو لڳي مونکي


    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    نه منزل جو ڪو پيرو آ
    سڌ ٻڌ ئي وئي ڀلجي
    الائي ڪانئون ڀيرو آ

    7 جنوري 2007
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    رڳو بس رات منهنجي آ
    تنهنجو روح اڳيان آهي
    انهيءسانَ بات منهجي آ

    8 جنوري 2007
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اوهان جي ڌار آ دنيا
    لوڀون، لالچون جنهن ۾
    انهيءَ آڌار آ دنيا

    9 جنوري 2007
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    اوهان الهام جا قائل
    اسانجي حسن سان ياري
    اسين گلفام جا قائل




    16 جنوري 2007
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    پرهه پنهجي پري آهي
    انڌيري رات آ ساٿي
    الئه ڪنهنجي ڪري آهي

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    رستا ڀي رَڙن ٿا پيا
    سُورج جا اُلا آهن
    اُرههَ هن جا ڪڙهن ٿا پيا

    *****ــــــــــــ جاري آهي
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تمام لاجواب چو سٽا آهن
    ڊائري هڪ اهڙو دوست آهي جنهن سان پنهنجا سمورا جذبا، سوچ ۽ احساس لفظن جي صورت ۾ ونڊجن ته ان جي خاموش جواب جهڙوڪ هاڪاري ۽ آٿت ڏيندڙ لڳندو آهي.... ۽ جذبن کي سمجهڻ وارا اڻ لڀ آهن توهان پنهنجي احساسن کي انتهائي خوبصورت لفظن سان سليو آهي...
    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    نٽهڻ اُسَ ۾ آهيون
    واريءَ جو سفر آهي
    يا ڦاٿل گُسَ ۾ آهيون

    ائين اڄ ڇو لڳي مونکي
    سمنڊ پيو ٿو تڳي مونکي
    زمانو ٿيو، هڻي ڌڪ ويو
    اڃا پيو ٿو لڳي مونکي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    تمام بهترين شيئرنگ آهي. مٺا توهان جهڙن اديبن جي اصلاح جي اسان جهڙن اٻوجهن کي ضرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو