دوستن جي دوستي؛

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستن جي دوستي؛

    سنڌ سلامت ۽ سنڌ فورم جا دوستو، اڄ آءُ هڪ دوست جي حيثيت سان شاه جي اوٽ وٺندي ڪجه منٿ ڪندس؛

    گهـــوڙن هــنيـــون گهــڻيـــون، اٺــــن هنئـــــــي آنءُ،
    جا نينهن ڳنندي نانءُ، سا مون جيئن پوندي مامري.

    دوستو، ڪالهه پَرينءَ، اسانجي هڪ سٺي سنڌي شاعر سائين حسام ميمڻ ۽ ادي محترم رشيد سمون صاحب سميت ٻين دوستن جا ڪجه مڪالما نظر مان گذريا ...

    دوست حسام کي سنڌ سلامت جي دوستن تمام سٺي موٽ ڏني، ادي نثار ناز ۽ ادي رشيد سميت سڀن دوستن سندس دلي استقبال ڪيو، گل پيش ڪيا ۽ پوءِ ڪي پراڻا ڏک کليا ۽ ڳالهين مان ڳالهيون ٿيندي خبر پئي ته سنڌ سلامت جا دوست، ادي اڪبر لاکي جي ڪجه ناواجبين سبب ناراض ٿيا ۽ سنڌ سلامت جو وجود پيو ...

    تاڙي هڪ هٿ سان ته ناهي وڄندي، ممڪن هجي ته ٻنهي طرفن کان ڪي ڪجهه هجي ... پوءِ ڪنهن طرف کان وڌ ته ڪنهن طرف کان گهٽ ...

    دوستو، منهنجو واسطو ان ڳالهه سان ڪو سڌو سنئون ته آهي ڪونه پر تنهن هوندي به هڪ رشتي سان ضرور آهي ته اسين سڀ سنڌي ڀائر آهيون جي اسان مان سنڌ ڪڍي ڇڏجي ته پنهنجا رشتا به شايد پنهنجي موت پاڻ مري وڃن ... ٻيو ته اسين سڀ هڪ فورم تي ڏينهن ۽ رات گڏ آهيون ۽ دوستيءَ وارا فرض ويٺا نڀايون ...

    دوستو، منهنجي حالت ڀٽائي سڳوري جي هن شعر جهڙي آهي؛

    ماڻهون گهرن مال، آءُ سڀ ڏينهن گهران سپرين،
    دنيا تنهن دوست تـــان، فدا ڪريان في الحـــال،
    ڪـــــيس نانءُ نهـــــال، پســـڻ تان پري ٿيـــــو.

    آءَ، اوهان دوستن سان ڪڏهن مليو ته ناهيان پر توهانجي نالن ئي نهال ڪري وڌو آهي، جڏهن ميلو، جي الله چاهيو ته ضرور ٿيندو ته باقي خبرون ته پوءِ پونديون..

    دوستو؛
    هڪ قول شايد سائين جي ايم جو يا وري سائين آريسر جو ياد ٿو اچيم ته ” ڪاوڙ ٻن قسمن جي هوندي آهي ، هڪ ڪاوڙ جا دشمن سان ٻي جا پنهنجن سان ٿيندي آهي ... دشمن واري ڪاوڙ نه ختم ٿيندڙ ۽ توڙ تائين نڀائڻ واري هوندي آهي .... دوستن، رشتيدارن، عزيزن سان پيدا ٿيل ڪاوڙ عارضي ۽ حل طلب هوندي آهي جا جيترو جلد ختم ٿئي اوترو بهتر“

    آءُ پنهنجن سمورن دوستن کي منٿ ڪندس ته مٿئين قول تي توجه ڏين ۽ مسئلن کي حل ڪن، ان جو وڏو ۽ پهريون سبب ته سنڌ پرستي آهي، اسان سنڌين جي مصيبتن ۾ هرروز هڪ نئون اضافو ٿئي ٿو ۽ اسين وڌيڪ انهن مسئلن کي ڳوڙهو ڪرڻ ۾ رڌل آهيون ...

    سنڌ جا شهر ڌارين جي مالڪيءَ هيٺ رت جي راند ۾ ٻڏل آهن ته واهڻ ڌاڙيلن جي چنبي ۾، نوجوان بي حاليءَ ۾ روزگار لاءِ پريشان آهن، ادارا ته ڍڳو پير پيران ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي واري مقولي تي عمل ڪري رهيا آهن ... شيطان کليل آهي رحماني راه تي پردا پيل آهن ...

    دوستو؛ ان صورتحال سان منهن صرف ئي صرف ايڪي سان ڏئي سگهجي ٿو باقي ”تون ڪير آءُ ڪير“ واري روش سان نقصان کان علاوه ڪجه به پلئه پوڻو ناهي ...

    منهنجي دلي تمنا آهي ته اسين سڀ سنڌي جي سائبر جي دنيا ۾ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهيون، هڪ ٿيون ۽ ڪو اهڙو ٻوٽو ٻاريون جو اسانجي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۾ مددگار ٿئي ...

    اسين ڪنهن هڪ زمين تي گڏ ٿي، دشمن جو مقابلو ڪريون ... ڪنهن هڪ بهتر سائبر جي ذريعي دنيا جي سنڌين کي گڏ ڪريون ... پنهنجي ان زمين جي آبياري سوچ سمجه ۽ انتظامي ڏاهپ سان ڪريون ... ان ڏس ۾ اسان سڀني کي قربانيون ڏيڻيون آهن پوءِ اهي وقت جون هجن مال جون هجن يا وري اڃان به اڳتي جون ...

    سنڌ سلامت، سنڌ فورم، سنڌ ويب يا وائيس آف سنڌ ڪجه اهڙيون سائبر جي دنيا ۾ اوطاقون آهن جي سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙين پيون ... سنڌ ويب ۽ وائيس آف سنڌ وارا دوست ته اڄڪلهه ڪجه ڍرا ڍرا پيا لڳن جو ڪيتري عرصي تائين ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ تبديليءَ کان علاوه ڪا خاص ترقي نظر نٿي اچي ...

    سنڌ سلامت تي روزانه دوست حاضري ڀرن ٿا ... پنهنجا خيال پيش ڪنٿا، هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪنٿا جا هڪ انتهائي سهڻي ڳالهه آهي ...

    آءُ مٿي ڄاڻايل اوطاقي دوستن سان گڏ سنڌ سڄاڻ دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته سنڌ خاطر پنهنجين انائن کي ختم ڪري هن اوطاق کي اهڙي بين الاقوامي ليول جي اوطاق ٺاهن جت سڀني دوستن کي هڪ جيترو موقعو ملي ۽ سنڌ جا ڇڙوڇڙ ٿيل پڙهيل لکيل برقي اوطاق تي اچي هڪ ٻئي سان رابطي جو مقصد پورو ڪن ...

    ان ڏس ۾ سڀني دوستن کي هڪ مٽ ٿيڻو پوندو ته جيئن ڌڪ ۾ اثر پئدا ٿئي ۽ دشمن جو مقابلو ڪري سگهجي ... باقي سنڌين جي ذهني ڏاهپ ته پنهنجي مَٽُ پاڻ آهي جي اها ڏاهپ هڪ هنڌ گڏ ٿي وئي ته ٻيڙا پار. دشمن ته چاهيندو ته سنڌ جا ذهن ويرهايل هجن ته جيئن سندن ٻيگهي متل هجي ... اچو ته دشمنن کي مايوس ڪيون ....

    هيءَ هڪ دعا ياد ٿي اچي شايد ننڍپڻ کان آءُ ورجائيندو آهيان ...

    الاهي ڪــرم ڪر، اســــان تي قــراري،
    آهيون اصل کان سڀ ، ڏکيا ۽ ڏوهاري،
    ڏکـــن ڏوجهرن، خـــزان ڪـئي خرابـي،
    ڀلا آڻ ڪـــا، سک سندي نئو بهــاري.

    الله سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين

    اوهان سڀني دوستن جي لاءِ دعاڳو ...

    نثار ابڙو
    مڪوپاڪ
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار صاحب
    مان به توهان سان متفق آهيان ڪاله مون به اهڙي قسم جي پوسٽ ڪئي هيم
    پر انتظاميه مرڳو موضوع ئي بند ڪري ڇڏيو لهذا گهڻو نٿو چوان متان هي به منهنجي لکڻي جي ڪري بند ٿي وڃي وڌيڪ توهان ايڊيٽر آهيو ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو