دلبر جو ديدار، استاد گلشن ڪنڌر

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ديدار کپي دل کي دلدار محمد جو.
شل شهر ڏسان جلدي منٺار محمد جو.


دل روز ڪندي آهي فرقت ۾ اِهي دانهون،
گنبذ مان ڏسان جيڪو غمخوار محمد جو.


دردن جي دوا ٿيندي آرام ملي ويندو،
در آهي شفا وارو پڳدار محمد جو.


سڪ دل کي ستائي ٿي محبوب محمد جي،
اندر کي اجاري ٿو پيو پيار محمد جو.


”گلشن“ کي گهمائيندو الله مدينو &
دربان ڪندو شل رب سردار محمد جو.


استاد گلشن ڪنڌر
 
جواب: دلبر جو ديدار، استاد گلشن ڪنڌر

جزاڪ الله خئيرن ادا

بهترين شيئرنگ آهي توهان جي

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: دلبر جو ديدار، استاد گلشن ڪنڌر

سائين ماشآء الله تمام محبت ڀري تمنا آهي اهڙي پياري شيرنگ تي اوهان کي مبارڪ هجي.
 
Back
Top