فقير ڪجهه اسلامي سوال توهان جي اڳيان پيش ڪري ٿو. سوال 1. معراج واري رات پاڻ ڪريم ڪيترين ۽ ڪهڙين سوارن تي معراج ڪيو؟ سوال2. قران پاڪ جي اُها ڪهڙي صورت آهي جنهن ۾ صرف هڪ زير آهي؟ سوال3. اها ڪهڙي بي بي آهي جنهن جا ابا، ڏاڏا پوٽاسڀ امام آهن؟ سوال4. قران مجيد ۾ ڪيتريون سورتون قل سان شروع ٿينديون آهن؟ سوال5. بي بي خديجه جي نمازِ جنازه ڪنهن ادا ڪئي هئي.؟ ادا زاهد سوال ايجهي هون جنهندي جواب به مل وڃن.
دوست فقير حق موجود؛ ادي زاهد لڳ ڀڳ سڀ جواب صحيح ڏنا آهن، باقي سوال بي بي واري جواب ۾ آءُ سمجهانٿو، جيئن ته امامت جو تصور پوءِ جو آهي جنهنجو اسانجي رسول جي زندگيءَ سان ڪو لاڳاپو ناهي ... بي بي فاطمه الزهرا رضه، اسانجي نبي ۽ الله جي پياري رسول جي ڌيءَ هئي نه امام جي ... ان سوال جو منهنجي سمجه آهر جواب ٿيندو بي بي سڪينه رضه جنهنجو، بابا سائين ۽ ڏاڏو محترم به امام جي لقب سان پڪاريا وڃنٿا ... آخري سوال ته بي بي خديجه رضي الله تعالا عنه جي جنازي نماز ڪونه پڙهائي وئي هئي جو هي موجوده نمازن جو حڪم معراج جي واقعي وقت ڪيو ويو هو ۽ بي بي صاحبه ان واقعي کان ٿورو ئي اڳ گذر ڪري وئي هئي ... ( منهنجي خيال موجب) وڌيڪ آءُ دوست فقير کي عرض ڪندس ته هي فورم ڪجه اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور آهي جنهنجي سخت ضرورت هجي ۽ اوهانکي انهن سوالن جي جوابن جي خبر نه هجي ... پر اوهانجي سوالن جي پڇڻ واري انداز مان لڳي ٿو ته اوهين اسانجو امتحان پيا وٺو ... ڀائڙا فقير جي اوهانکي ڪا ڄاڻ آهي ته مهرباني ڪري ونڊ ڪندا ڪريو ته اوهانجا لک لائق ... اوهانجي انهيءَ موڪليل معلومات مان اسين به ڄاڻ حاصل ڪنداسون ۽ اوهان به ڪار خئير ۾ شامل ٿيندا ... وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۽ اسانجا ڀائر آهيو جي اڃان به ڪي سوال هجن ۽ اوهانکي معلوم نه هجن ته ضررو پڇندا پر منهنجي عرض تي غور به ڪندا ... لک ٿورا ... الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين نثار ابڙو مڪو پاڪ
سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جي ڄاڻڪاري جا ٿورائتا آهيون..... الله تعالي اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري آمين............ سائين واقعي توهان سچ ٿا چئو ته اهڙن سوالن جوابن جو به سلسلو جاري ڪجي جنهن مان اسان سڀئي لاڀ حاصل ڪري سگهون....... سدا موجود
ادا زاهد اڄ، فقير جي هڪ ٻي سوال تي غور ڪيم ته سمجه ۾ آيو ته دوست سوال ق سان شروع ٿيندڙ سورتن جو ڪيو آهي نه ڪي آيتن جو، ق سان شرورع ٿيندڙ ته ڪيتريون ئي آيتون آهن شايد اوهان جواب ڏئي ڇڏيو آهي پر سورتون صرف چار آهن جي گڏائي ... قل ... سڏرائبا آهن ... ترتيبوار سوره الڪافرون ... سوره الاخلاص ... سوره الفلق ... سوره الناس جي ڪا غلطي هجي ته سڌارجو ... مهرباني
محترم سائين... ادا فقير جو سوال هن ريت آهي.... سوال4. قران مجيد ۾ ڪيتريون سورتون قل سان شروع ٿينديون آهن؟ منهنجي اندازي مان ته قل لفظ سان شروع ٿيندڙ سورتون آهن، سائين مون ته پنجيين سورت به ٻڌائي اٿم جيڪا قل اوحي (سورت جن) جيڪا 29 پاري ۾ آهي.. انهي سان ملائي ڪري 5 سورتون آهن جيڪي قل لفظ سان شروع ٿين ٿيون.... وڌيڪ فقير سائين پاڻ جواب ڏيندو ته اهي جواب صحيح آهن يا نه... ته جيئن اسانجي علم ۾به اضافو ٿئي....