ڪجهه سوالن جا جواب

'مختلف موضوع' فورم ۾ فقير طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2009۔

  1. فقير

    فقير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فقير ڪجهه اسلامي سوال توهان جي اڳيان پيش ڪري ٿو.
    سوال 1. معراج واري رات پاڻ ڪريم ڪيترين ۽ ڪهڙين سوارن تي معراج ڪيو؟
    سوال2. قران پاڪ جي اُها ڪهڙي صورت آهي جنهن ۾ صرف هڪ زير آهي؟
    سوال3. اها ڪهڙي بي بي آهي جنهن جا ابا، ڏاڏا پوٽاسڀ امام آهن؟
    سوال4. قران مجيد ۾ ڪيتريون سورتون قل سان شروع ٿينديون آهن؟
    سوال5. بي بي خديجه جي نمازِ جنازه ڪنهن ادا ڪئي هئي.؟
    ادا زاهد سوال ايجهي هون جنهندي جواب به مل وڃن.
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    فقير سائين جواب صحيح هجن ته مونکي ضرور ٻڌائيندا
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ماشاء الله سٺي ڪوشش آهي ادا زاهد سومرو


    sindhsalamatsaathsal
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست فقير
    حق موجود؛

    ادي زاهد لڳ ڀڳ سڀ جواب صحيح ڏنا آهن، باقي سوال بي بي واري جواب ۾ آءُ سمجهانٿو، جيئن ته امامت جو تصور پوءِ جو آهي جنهنجو اسانجي رسول جي زندگيءَ سان ڪو لاڳاپو ناهي ... بي بي فاطمه الزهرا رضه، اسانجي نبي ۽ الله جي پياري رسول جي ڌيءَ هئي نه امام جي ...

    ان سوال جو منهنجي سمجه آهر جواب ٿيندو بي بي سڪينه رضه جنهنجو، بابا سائين ۽ ڏاڏو محترم به امام جي لقب سان پڪاريا وڃنٿا ...

    آخري سوال ته بي بي خديجه رضي الله تعالا عنه جي جنازي نماز ڪونه پڙهائي وئي هئي جو هي موجوده نمازن جو حڪم معراج جي واقعي وقت ڪيو ويو هو ۽ بي بي صاحبه ان واقعي کان ٿورو ئي اڳ گذر ڪري وئي هئي ... ( منهنجي خيال موجب)

    وڌيڪ آءُ دوست فقير کي عرض ڪندس ته هي فورم ڪجه اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور آهي جنهنجي سخت ضرورت هجي ۽ اوهانکي انهن سوالن جي جوابن جي خبر نه هجي ... پر اوهانجي سوالن جي پڇڻ واري انداز مان لڳي ٿو ته اوهين اسانجو امتحان پيا وٺو ... ڀائڙا فقير جي اوهانکي ڪا ڄاڻ آهي ته مهرباني ڪري ونڊ ڪندا ڪريو ته اوهانجا لک لائق ... اوهانجي انهيءَ موڪليل معلومات مان اسين به ڄاڻ حاصل ڪنداسون ۽ اوهان به ڪار خئير ۾ شامل ٿيندا ...

    وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۽ اسانجا ڀائر آهيو جي اڃان به ڪي سوال هجن ۽ اوهانکي معلوم نه هجن ته ضررو پڇندا پر منهنجي عرض تي غور به ڪندا ...

    لک ٿورا ... الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جي ڄاڻڪاري جا ٿورائتا آهيون..... الله تعالي اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري آمين............

    سائين واقعي توهان سچ ٿا چئو ته اهڙن سوالن جوابن جو به سلسلو جاري ڪجي جنهن مان اسان سڀئي لاڀ حاصل ڪري سگهون.......

    سدا موجود
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا زاهد
    اڄ، فقير جي هڪ ٻي سوال تي غور ڪيم ته سمجه ۾ آيو ته دوست سوال ق سان شروع ٿيندڙ سورتن جو ڪيو آهي نه ڪي آيتن جو، ق سان شرورع ٿيندڙ ته ڪيتريون ئي آيتون آهن شايد اوهان جواب ڏئي ڇڏيو آهي پر سورتون صرف چار آهن جي گڏائي ... قل ... سڏرائبا آهن ... ترتيبوار

    سوره الڪافرون ... سوره الاخلاص ... سوره الفلق ... سوره الناس

    جي ڪا غلطي هجي ته سڌارجو ...
    مهرباني
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين... ادا فقير جو سوال هن ريت آهي....

    سوال4. قران مجيد ۾ ڪيتريون سورتون قل سان شروع ٿينديون آهن؟

    منهنجي اندازي مان ته قل لفظ سان شروع ٿيندڙ سورتون آهن، سائين مون ته پنجيين سورت به ٻڌائي اٿم جيڪا قل اوحي (سورت جن) جيڪا 29 پاري ۾ آهي.. انهي سان ملائي ڪري 5 سورتون آهن جيڪي قل لفظ سان شروع ٿين ٿيون.... وڌيڪ فقير سائين پاڻ جواب ڏيندو ته اهي جواب صحيح آهن يا نه... ته جيئن اسانجي علم ۾به اضافو ٿئي....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو