عقيدو، جوهر بروهي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
جڳ ۾ جو دم جيئو الا لله جي وائي سان۔
وحدت وارا نغما ڳايو، ساٿي يرت سچائيءَ سان۔


تو جو چيو الله احد آ والي واحد پاڻ صمد آ،
پختو پنهنجو عقيدو آهي سوئي ازلي تابه ابد آ،
باطل وهم ڦٽي ڪر ۽ لَنُئن لاءِ نه ڪنهن هرجائيءَ سان۔


رازق ۽ ستار اهو آ جانب ۽ جبار اهو آ،
جيت پکي يا ماڻهو ڇا پر ڏيهن جو ڏاتار اهو آ،
اوکو وقت اڪاريندو آ پنهنجي ٻاجهه سڻائيءَ سان۔


خالق حب نوا جو آهي خالق ارض و سما جو آهي،
رک ايمان ”بروهي جوهر“ ٻڌندڙ آهَه دعا جو آهي،
هن در تي لک گذريا آهن ڪيئي شاهه گدائيءَ سان۔


جوهر بروهي
 
Back
Top