واه ادا واه تمام بهترين يار ادا ڪوئٽه جو شهر تمام پيارو اآهي اوهان اسان کي جناح چوڪ، قنڌاري مارڪيٽ ۽ چناب روڊ جو سير ڪرايو تمام بهترين ادا باقي ادا اوهان تصوير نمبر 2 ڏيکاري ڪري اسان جا فٽ نوان ڪري وڌا ادا ڪجه مهينا پهريان مهنجو ڪوئٽه وڃڻ ٿيو اسان واپسي تي رات جو 8 بجين سدا بهار ڪوچ ۾ ويٺاسي عيد قربان جا ڏينهن رش تمام گهڻي مٿان وري جهڙ سي مينهن ادا نو پڇ بس يار سڄي رات ۾ گاڏي ٻن ڪلاڪن وارو پهاڙي رستو ڪراس نه ڪري سگهي مينهن جي ڪري گاڏيون ڦاسي پيون ۽ صبح جي آزان جيڪا سکر ۾ ٻڌڻ گهرجي ها اسان کي ڪوئٽه جي پهاڙين ۾ ٻڌڻي پئي مس وڃي عيد جي شام جو گهر پهتاسين ادا اسان جي پاڙيسري صوبه کي به ڌاريا کائي ويا ڪيتريون حڪومتون آيون پر ان هائي وي کي ڊبل ڪنهن به نه ڪرايو افسوس آ اسان کي ملڪ جي ڪامورن تي