ڀلارو مهينو، مرحوم نثار بزمي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڀلارو مهينو آ رمضان جو۔
مقدر ٿو چمڪي مسلمان جو۔


مسلمان تي روزا رکڻ قرض آ،
چڙهيل هي اسان جي مٿان فرض آ،
رکو مومنو مانُ فرمان جو۔


محمد جي امت ٿا سڏجون اسين،
اچو جاءِ هڪڙيءَ تي گڏجون اسين،
خزانو ڪيون گڏ ڪو ايمان جو۔


هي برڪت ڀريو آ مهينو ڀلو،
ٻڌائيندا سڀ کي سبق هي ڀلو،
ڇڏيو ”بزمي“ پاسو نه قرآن جو۔


مرحوم نثار بزمي
 
Back
Top