جواب: شاه عبدالطيف جي شاعري
ادا رمضان مهرباني
لطيف سائين جو هڪ بهترين بيت اوهان خوبصورت ڊزائن سان ونڊ ڪيو آهي۔ ساڳي ئي سُر ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو :
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَهنِ؛
ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.