شاه عبدالطيف جي شاعري

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ محمد رمضان منڌرو طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2010۔

  1. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاه عبدالطيف جي شاعري

    پيارا محمد رمضان منڌرا شال جُڙيو هُجين۔مٺا سُهڻي لطيف جو بيت سُر مومل راڻو مان کڻي آيو آهين زبردست مٿان وري پياري ڊزائن۔ دوست شاهه سائين جي شاعري اسان جي سنڌي ٻوليکي وڏو جيئدان ڏنو آهي، شاهه سائين جا بيت اسان سنڌين کي نت نوان دڳ ڏنا آهن،
    سُر مومل راڻي مان ڪجهه ٻيا بيت توسان ونڊ ڪريان ٿو۔

    ميان مينڌرا ! موٽُ بَخشُ‌ڪر بُڇائيون ،
    تون گهڻن جو گهوٽ، مُون وَرُ تُون ئِي هيڪڙو !

    سوڍا! صبر تُنهنجو مُون کي نصيحت،
    ريلا ڪنديَسِ رت، مينڌرا ! تو مَهَندان ۔

    سوڍا ! صبر تُنهنجو، بي عَقُلَنِ عَقُلُ،
    آهي انگ امُل ، ماٺ تنهنجي مينڌرا !​


    اسان سڀني سنڌين کي کپي ته شاهه سائين جو پيغام کي دل ۾ هنڊائن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاه عبدالطيف جي شاعري

    ادا رمضان مهرباني

    لطيف سائين جو هڪ بهترين بيت اوهان خوبصورت ڊزائن سان ونڊ ڪيو آهي۔ ساڳي ئي سُر ۾ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو :

    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينهَن اُڇَلَ؛
    نه ڪا جَھلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.

    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
    نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.

    هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، چَرُو جِتِ چَڙَهنِ؛
    ڪوڙين رَنگَ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سين.
     
    اياز لطيف انصاري هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاه عبدالطيف جي شاعري

    واه سائين واه ................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو