
پراڻي ڳالهه آهي ته هڪ عورت جو معمول هوندو هو۔۔۔ هو رڌڻي ۾ ماني پچائيندي هڪ ڊڳڙي وڌيڪ پچائيندي هئي ۽ دري مان ٻاهر ڪڍي هڪ فالج ورتل معزور فقير کي ڏيندي هئي۔۔۔ فقير ايندو هو ۽ ماني جي ڊڳڙي وٺندي سدائين هڪ جملو چوندو هو۔۔ ”نيڪي جي بدلي نيڪي ۽ بدي جي بدلي بدي ملندئي“ ۔۔۔۔
ان عورت جو هڪ پٽ شهر ۾ پڙهندو هو پر پندرنهن ڏينهن کن ٿيا هئاجو ان سان ڪوبه رابطو نه ٿيو هو۔۔۔ شهر مان هر هفتي گهر به ايندو هو پر ٻيو هفتو گذري رهيو هو پر ڇوڪرو نه آيو۔۔۔ عورت کي ڪافي ڳڻتي هئي ۔۔ ان ڪري جڏهن به عورت فقير کي ماني ڏيندي هئي ته پنهنجي پٽ جي خيريت لاءِ دعا به گهرندي هئي۔۔۔
عورت جي معمول ۾ ڪوبه فرق نه آيو نه وري فقير جي لفظن ادا ڪرڻ ۾۔۔۔۔ عورت جي ان نيڪ عمل کي ٽوڙڻ لاءِ شيطان عورت جي ذهن ۾ وسوسا وڌا ته هي ڪهڙو فقير آهي جو روزانو ماني وٺڻ جي باوجود ڪا دعا ڏيڻ بجاءِ ساڳيا لفظ ”نيڪي جي بدلي نيڪي ۽ بدي جي بدلي بدي ملندئي“ ٿو دهرائي۔۔۔
هڪ ڏينهن عورت کي ڪاوڙ ۾ ماني ۾ ڪجهه زهر ملائي فقير کي ڏيڻ جو سوچيو۔۔ پر ان تي عمل ڪندي ڪندي سندس مٿان نيڪي غالب اچي وئي ۽ هن سوچيو۔۔۔ ”هي مان ڇا ڪري رهي آهيان۔۔۔؟“ ۽ خدا کان معافي گهرندي پنهنجي پٽ جي خيريت لاءِ دعا گهري ۽ زهريلي ماني باهه ۾ وجهي ڇڏي۔۔۔
اچانڪ هڪ ڏينهن دروازو کڙڪيو۔۔۔ عورت دروازو کوليو ۽ اچانڪ پنهنجي پٽ کي سامهون ڏٺائين۔۔۔ ماءُ جو ساهه سڪي ويو جو پٽ انتهائي ڪمزور ۽ نحيف حالت ۾ هو۔۔۔ پٽ کي ڀاڪر ڀريندي کيس کٽ تائين آندو۔۔
”امڙ ۔۔۔ مان حيران آهيان ته مان زنده ڪيئن آهيان۔۔۔“ پٽ ماءُ کي تسلي ڏيندي چيو۔۔۔
”امان ۔۔۔ منهنجو هڪ گاڏي سان شديد ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو ۔۔ جڏهن اک کُلي ته هتان کان هڪ ميل پري هڪ فقير جي جُهڳي ۾ هيم۔۔ ان ٻڌايو ته بيهوشي جي حالت ۾ توکي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن جو روڊ تان کڻي آيو هو۔۔۔ پر فقير پاڻ فالج جي اثر ڪري معزور هو۔۔۔ هوُ روازنو هڪ ماني مون لاءِ آڻيندو۔۔۔ جيئن ئي اڄ اٿڻ جهڙو ٿيس ته هليو آيس ۔۔۔ ان فقير جو وڏو ٿورائتو آهيان۔۔۔“
ماءُ اهو ٻڌي ڇرڪي پئي ۔۔۔ کيس ياد آيو ته هو ڪيئن نه ماني ۾ زهر وجهي فقير کي ڏئي رهي هئي ۔۔۔ اهو فقير اهو ساڳيو ئي ٿي لڳو۔۔ ۽ اها زهريلي ماني سندس پٽ ئي کائي ها۔۔۔۔ اهو سوچيندي ئي کيس ڏڪڻي ورتو ۽ هن روئڻ شروع ڪيو۔۔ ۽ پنهنجي مالڪ جا شڪرانا ادا ڪيا ۔۔۔۔
سبق؛ نيڪي ڪيو ۽ ڪندا رهو ۔۔۔ بغير اهو سوچي ته توهان کي بدلي ۾ ڇا ٿو ملي۔۔ ڇو ته ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته نيڪي ڪندي ته نيڪي ملندي ۽ جي بدي ڪندي ته بدي ئي ملندي۔۔۔