نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    پراڻي ڳالهه آهي ته هڪ عورت جو معمول هوندو هو۔۔۔ هو رڌڻي ۾ ماني پچائيندي هڪ ڊڳڙي وڌيڪ پچائيندي هئي ۽ دري مان ٻاهر ڪڍي هڪ فالج ورتل معزور فقير کي ڏيندي هئي۔۔۔ فقير ايندو هو ۽ ماني جي ڊڳڙي وٺندي سدائين هڪ جملو چوندو هو۔۔ ”نيڪي جي بدلي نيڪي ۽ بدي جي بدلي بدي ملندئي“ ۔۔۔۔
    ان عورت جو هڪ پٽ شهر ۾ پڙهندو هو پر پندرنهن ڏينهن کن ٿيا هئاجو ان سان ڪوبه رابطو نه ٿيو هو۔۔۔ شهر مان هر هفتي گهر به ايندو هو پر ٻيو هفتو گذري رهيو هو پر ڇوڪرو نه آيو۔۔۔ عورت کي ڪافي ڳڻتي هئي ۔۔ ان ڪري جڏهن به عورت فقير کي ماني ڏيندي هئي ته پنهنجي پٽ جي خيريت لاءِ دعا به گهرندي هئي۔۔۔
    عورت جي معمول ۾ ڪوبه فرق نه آيو نه وري فقير جي لفظن ادا ڪرڻ ۾۔۔۔۔ عورت جي ان نيڪ عمل کي ٽوڙڻ لاءِ شيطان عورت جي ذهن ۾ وسوسا وڌا ته هي ڪهڙو فقير آهي جو روزانو ماني وٺڻ جي باوجود ڪا دعا ڏيڻ بجاءِ ساڳيا لفظ ”نيڪي جي بدلي نيڪي ۽ بدي جي بدلي بدي ملندئي“ ٿو دهرائي۔۔۔
    هڪ ڏينهن عورت کي ڪاوڙ ۾ ماني ۾ ڪجهه زهر ملائي فقير کي ڏيڻ جو سوچيو۔۔ پر ان تي عمل ڪندي ڪندي سندس مٿان نيڪي غالب اچي وئي ۽ هن سوچيو۔۔۔ ”هي مان ڇا ڪري رهي آهيان۔۔۔؟“ ۽ خدا کان معافي گهرندي پنهنجي پٽ جي خيريت لاءِ دعا گهري ۽ زهريلي ماني باهه ۾ وجهي ڇڏي۔۔۔
    اچانڪ هڪ ڏينهن دروازو کڙڪيو۔۔۔ عورت دروازو کوليو ۽ اچانڪ پنهنجي پٽ کي سامهون ڏٺائين۔۔۔ ماءُ جو ساهه سڪي ويو جو پٽ انتهائي ڪمزور ۽ نحيف حالت ۾ هو۔۔۔ پٽ کي ڀاڪر ڀريندي کيس کٽ تائين آندو۔۔
    ”امڙ ۔۔۔ مان حيران آهيان ته مان زنده ڪيئن آهيان۔۔۔“ پٽ ماءُ کي تسلي ڏيندي چيو۔۔۔
    ”امان ۔۔۔ منهنجو هڪ گاڏي سان شديد ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو ۔۔ جڏهن اک کُلي ته هتان کان هڪ ميل پري هڪ فقير جي جُهڳي ۾ هيم۔۔ ان ٻڌايو ته بيهوشي جي حالت ۾ توکي ٻه ڏينهن گذري ويا آهن جو روڊ تان کڻي آيو هو۔۔۔ پر فقير پاڻ فالج جي اثر ڪري معزور هو۔۔۔ هوُ روازنو هڪ ماني مون لاءِ آڻيندو۔۔۔ جيئن ئي اڄ اٿڻ جهڙو ٿيس ته هليو آيس ۔۔۔ ان فقير جو وڏو ٿورائتو آهيان۔۔۔“
    ماءُ اهو ٻڌي ڇرڪي پئي ۔۔۔ کيس ياد آيو ته هو ڪيئن نه ماني ۾ زهر وجهي فقير کي ڏئي رهي هئي ۔۔۔ اهو فقير اهو ساڳيو ئي ٿي لڳو۔۔ ۽ اها زهريلي ماني سندس پٽ ئي کائي ها۔۔۔۔ اهو سوچيندي ئي کيس ڏڪڻي ورتو ۽ هن روئڻ شروع ڪيو۔۔ ۽ پنهنجي مالڪ جا شڪرانا ادا ڪيا ۔۔۔۔

    سبق؛ نيڪي ڪيو ۽‌ ڪندا رهو ۔۔۔ بغير اهو سوچي ته توهان کي بدلي ۾ ڇا ٿو ملي۔۔ ڇو ته ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته نيڪي ڪندي ته نيڪي ملندي ۽ جي بدي ڪندي ته بدي ئي ملندي۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    بيشڪ ان ۾ ڪو شڪ ناهي

    جزاڪ الله ادا رشيد

    تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي

    سدائين گڏ
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    بلڪل سائين بهترين سمجهاڻي آهي، اسان کي قرآن ۾ به اهو ئي حڪم ٿيل آهي ته نيڪي ڪري ان جي بدلي جو انتظار نه ڪيو،
    آيت آهي سورت بقره آيت 262 _ 263
    جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آهن وري پنهنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آهن ۽ نه ڪي ايذائيندا آهن تن لاءِ پالڻهار وٽ سندن ثواب آهي ۽ نه ڪي کين ڪو ڀئو آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا۔۔۔۔
     
  4. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    بيشڪ ٓ!!! الله نيڪي جو بدلو ضرور ڏيندو آهي۔ الله احسان (نيڪي) ڪرڻ وارن کي پسند فرمائيندو آهي۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    سائين بلڪل نيڪ ڪري ماڻهو پر اهو نه سوچي ته ان جي بدلي ۾ ڇا ٿو ملي۔۔۔۔۔اوهان جي ونڊ هميشه جيان ڪارائتا آهي۔۔۔۔۔شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    ماشآء الله تمام زبردست شيئرنگ آهي
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    سبق؛ نيڪي ڪيو ۽‌ ڪندا رهو ۔۔۔ بغير اهو سوچي ته توهان کي بدلي ۾ ڇا ٿو ملي۔۔ ڇو ته ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته نيڪي ڪندي ته نيڪي ملندي ۽ جي بدي ڪندي ته بدي ئي ملندي۔۔۔( رشيد سمون )
    ادا سمون صاحب توهان جي هر تحرير مان ڪجهه نه ڪجهه اسان سکندا ئي رهندا آهيون، اميد ته اهڙيون تحريرون ونڊ ڪندا رهندا ۔ ادا اسان ڪا هڪ نيڪي ڪري پوء پيا سمجهندا آهيون ته اسان ڪو وڏو جهان کٽيو آهي، پر هجڻ ائين گهرجي ته انسان نيڪي ڪندو رهي ۽ نيڪي ڪرڻ مان ڪڏهن به ٿڪجي نه۔

    مَحرُومَ ٿِي مَرِي وِيا، ماهِرَ ٿِي نه مُئا؛
    چِڙِيءَ جِيئَن چُهِنجَ هَڻِي، لَڏِيائُون لُئا؛
    حُبابَ ئِي هُئا، اِنهِيءَ واديءَ وِچَ ۾.​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    بيشڪ، چڱائي جو بدلو چڱائي آهي ۔۔۔

    خئير جي موٽ ۾ خئير طلب ڪرڻ، خئير ناهي پر واپار آهي ۔۔۔

    چوندا آهن ته ڪجهه خئير ۽ چڱايون لڪائي ڪجن ۽ ڪجهه خئير ۽ چڱايون ظاهر ڪجن ته جيئن انهن جي پوئواري ٿي سگهي يا انهن چڱائن جو رواج پوي ۔۔۔

    مثال جڏهن ڪنهن فقير جي مدد ڪجي ته بيشڪ کليل ڪجي ته جيئن ٻين کي به ان مان سبق ملي، فقير جي کليل مدد ڪرڻ سان فقير جي صحت تي ڪو اثر نه پوندو، ڇاڪاڻ هو آهي ئي فقير ۔۔۔ پر جڏهن ڪنهن خوش پوشاڪ جي مدد ڪجي ته لڪائي ڪجي ته جئين ان ماڻهون جو وقار مجروح نه ٿئي ۔۔۔

    مٿي ڏنل نصيحت سان ٽمٽار آکاڻي پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۽ چڱائي جي رستي طرف ڏس آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔
     
  9. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    سهڻا سائين بلڪل صحيح ٿا چئو نيڪي نيڪي آهي۔
    پرواني ڪو شمع پي جل ڪي ڪڇ تو ملتا هوگا،
    صرف مرني ڪِي خاطر ڪوئيِ جان نهين ديتا۔
     
  10. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    ماشآء الله تمام زبردست شيئرنگ آهي
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: نيڪي جي بدلي نيڪي ۔۔۔ بدي جي بدلي بدي۔۔

    ماشآء الله بهترين ادا ................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو